Home / شوبز / !ماڌوريءَ جي موٽ
above article banner

!ماڌوريءَ جي موٽ

90ع جي ڏهاڪي ۾ بالي ووڊ ۾ پير پائي پنهنجي حسن ۽ صلاحيتن سان سڄي لوڪ کي ديوانو ڪندڙ ماڌوري ڊڪشت جا مداح سنڌ ۾ به جام پيا آهن، ٻين جيان سندن به اها آس آهي ته من ماڌوري ٻيهر بالي ووڊ ڏي موٽ کائي ۽ هو سندس اداڪاري، رقص ۽ حسن جو آسيس وٺي سگهن. اهڙن ئي مداحن لاءِ خوشخبري اها آهي ته ماڌوري ڊڪشت جلد ئي بالي ووڊ جي فلم ۾ نظر اچڻ واري آهي. وديا بالن ۽ نصيرالدين شاهه جي سپر هٽ فلم “عشقيه” جي ٽيم ان جو سيڪيوئل يعني پارٽ ٽو ٺاهڻ جو رٿيو آهي، جنهن جو نالو “ڊيڙهه عشقيه” رکڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. هن پارٽ ۾ “عشقيه” جي اڳوڻي ڪاسٽ وديا بالن، نصيرالدين شاهه ۽ ارشد وارثي سان گڏ ماڌوري ڊڪشت کي پڻ ڪاسٽ ڪرڻ جون خبرون اچي رهيون آهن. ٻڌايو وڃي ٿو ته فلم جي ڊائريڪٽر اڀيشيڪ چائوبي جي اها خواهش آهي ته هن فلم ۾ ماڌوري ڊڪشت کي کنيو وڃي، جنهن سان فلم کي چار چنڊ لڳي ويندا ۽ ان سلسلي ۾ ماڌوري ڊڪشت سان ڊائريڪٽر اڀيشيڪ جون ڳالهيون پڻ ٿيون آهن. ڏسجي ته ڳالهه ڪيتري ٿي اڳتي وڌي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو