Home / ڪرنٽ افيئر / معصوم شهري قتل ڪندڙ رينجرز کي سنڌ نيڪالي ڪڏهن ملندي؟
above article banner

معصوم شهري قتل ڪندڙ رينجرز کي سنڌ نيڪالي ڪڏهن ملندي؟

اهو ڪيڏو نه عجيب اتفاق چئجي ته “باغ جي رکوالن” هٿان هڪ ڳڀرو ڪشميري نوجوان باغ جي اندر ئي گوليون هڻي سرعام ماريو وڃي ٿو، پر ان کان به وڌيڪ اهم سنڌي چئنل “آواز” جي اها وڊيو فوٽيج آهي جنهن انهن مالهين جي منهن تي سج لهڻ کان اڳ پکڙيل وحشت کي وائکو ڪري کين دنيا اڳيان نروار ڪري ڇڏيو نه ته ان کان اڳ به ڪيئي جوان ائين ماريا ويندا رهيا آهن جن جي دانهن ۽ موت کي ڪنهن ڪاري ڪيمرا رڪارڊ نه ڪري سگهي، تنهن ڪري اهي هٿين خالي ڪوٽڙِي جي پورهيت رسول بخش بروهي جهڙا جوان ڪنهن معشوق بروهي جي ليبل لڳائي ائين ويران رڻن ۾ گولين جو ائين کاڄ بڻايا ويا، جئين ان ڏينهن سرفراز شاه بڻيو، شايد اها گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي ته رينجرز جي لغوي معني “رينجر” (Keeper of a park) “ باغ جا رکوالا” آهي، تنهن ڪري پاڪستان آرمي پاران هڪ پيرا ملٽري بارڊر فورس جوڙي وئي جنهن جو نالو رينجررکيو ويو. هوئنن ته ملڪ ٺهڻ کان اڳ 1942ع ۾ ٿر رينجرز جڙيل هئي جنهن کي ورهاڱي کانپوءِ 1948ع ۾ ان ان جي ٻيهر جوڙجڪ ڪري ان کي سنڌ پوليس رينجرز جو نالو ڏنو ويو ۽ پوءِ وري ان جو نالو تبديل ڪري انڊس رينجرز جي نالي سان نوازيو ويو، جنهن کي اتر سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال سنڀالڻ جي ذميواري ڏني وئي وئي، پر جڏهن حالتون بدلجڻ لڳيون ته پاڪستان جي اصل حاڪمن 1989ع ڪراچي جي بدترين امن امان جي صورتحال کي سنڀالڻ لاءِ مهراڻ رينجرز قائم ڪري ان جو هيڊڪوارٽر ڪراچي ۾ قائم ڪيو، پر هي تبديلي رڳو اتي ختم نه ٿي پر 1995ع ۾ پاڪستان رينجرز کي ٻن حصن ۾ ورهائي پاڪستان رينجرز پنجاب ۽ پاڪستان رينجرز سنڌ ڪيو ويو،جنهن ۾ مهراڻ رينجرز کي به شامل ڪيو ويو. جڏهن ته پاڪستان رينجرز سنڌ کي رينجرز آرڊيننس 1959 تحت وفاقي گهرو وزارت ۽ آرمي جي ڪور فائيو ذريعي ڪنٽرول ڪيو ويندو رهيو آهي جئين هو صوبائي حڪومت جي هدايتن تي صوبي ۾ امن امان جي صورتحال تي ڪنٽرول ڪري سگهي، پر شروع ڏينهن کان رينجرز مان سنڌ يا سنڌين کي ڪهڙو فائدو ٿيو آهي؟ ان جو جواب سولي سنڌي ۾ اهو ئي ٿي سگهي ٿو، نه دشمن کي ڀئو نه سڄڻ کي آسرو..

جڏهن کان ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال جي ذميواري رينجرز جي حوالي ٿي آهي ان باوجود ڪراچي گذريل ساڍن ٽن سالن ۾ ڪو سڪون ناهي ڏٺو هر ٻئي ڏينهن مفاهمت جي ڇري کيسي ۾ کڻي هلندڙ ڪٿي نه ڪٿي رتوڇاڻ ڪندا رهن ٿا پر مجال آهي جو رينجرز انهن کي ڪنٽرول ڪري سگهندي هجي ايتري قدر جو پاڪستان رينجرز جي اڳوڻي ڊي جي، آءِ جي سلطان صلاح الدين بابر خٽڪ ۽ اڳوڻي سي سي پي او وسيم احمد پوئين سال وزيراعظم جي سامهون اجلاس ۾ ڪراچي جي امن امان کي خراب ڪندڙن جا سڌا نالي وٺي چيوهو ته جيڪي خونريزي پيا ڪن اهي ته هتي ويٺا آهن ڪارروائي ڪنهن جي خلاف ڪيون؟ ان کانپوءِ جيڪا انهن سان جٺ ٿي اها سڀني کي خبر آهي هر ڪو ڪڻو ڪڻو ٿي ويو، گهڻن ماڻهن جو خيال آهي ته سنڌ جي پيسي تي پلجندڙ رينجرز هونئن ته ڪنهن کي بچائي نه ٿي سگهي پر جيڪي انهن وٽ وڃي پناهه ٿا وٺن تن جي به هو مشڪل سان مدد ڪندا آهن،پر جيڪي انهن وٽ اچي پناهه پيا وٺندا آهن تن کي به معجزي ۾ پناهه ملي ويندي آهي ڇو ته ماڻهن ۾ عام تاثر اهو هجي ٿو ته هي رڳو چوڪن تي خاڪيون ورديون پائي بيهڻ ۽ پنهنجي وجود ڏيکارڻ جا ذميوار آهن باقي خدا پيوخير ڪري، جيڪڏهن اختيارين کان پڇيو ويندو هوته چوندا هيا ته“ هماري پاس تو شرپسندون ڪو گولي مارني ڪا آرڊر نهين”. تازو جڏهن ڪراچي ۾ مفاهمت جي دعويدارن حالتون خراب ڪرائڻ شروع ڪيون ته رينجرز کي ٽن ٽن مهينن جي مدي لاءِ گولي هڻڻ جا آرڊر گهرو کاتي پاران جاري ڪيا ويا، ڪراچي ۾ رينجرز جي گهر گهر تلاشي ۽ ٻين کوڙ سارن ڪارواين جا ڪارناما ته ٻڌڻ لاءِ مليا پر اهو ڪڏهن به ٻڌڻ ۾ نه آيو ته سرعام معصوم ماڻهن کي ماريندڙ ڪو دهشتگرد ٿڏي تي گولي جو نشانوبڻايو ويو هجي، انهن پوئين ٽن سالن ۾ گذريل ڏيڍ سال کان رينجرز کي مليل اختيارين جو استعمال دهشتگردن بدران ان ڏينهن شام ٽاڻي پارڪ ۾ سرفراز شاه جي مٿان جي ٿري جهڙي خطرناڪ هٿيار سان فائر ڪري دنيا ڏٺو ته ڪئين 6 رينجرز جا جوان، ان نوجوان کي پڪڙي اچڻ کانپوءِ گولي هڻي مارين ٿا، پر انهن کي ايتري به ڪهل نه ٿي اچي ته هو ان کي اسپتال پهچائن، هڪ رينجرز جو جوڌو سرفراز شاه کي پهرين منهن تي بندوق تاڻي پوءِ ان کي پاڻ کان پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر جڏهن سرفراز شاه ان کي منٿون ڪرڻ لاءِ اڳيان وڌي ان جي جي ٿري ۾ هٿ وجهي ٿو ته ان کي ڌڪو ڏئي ٻه فوٽن جي وٿي تان ٻه فائر ڪري ٿو ته هو هيٺ ڪري ٿو پئي ان کان اڳ مسلسل هڪ ٻيو جوان ائين ٿو گولي هڻندڙ ساٿي کي گولي گولي مارو جا حڪم ڏئي ٿو جئين ڪوڪڙي ڪڪڙن جي ميل دوران هشيون ڏيندا آهن، آخر سرفرار گوليون لڳڻ ڪري پئي ٿو هڪ لمحي کانپوءِ هو اوچتو پنهنجي هٿ مان لڙڪي پيل گوشت جي ٽڪري کي ڏسي ٿو ته بي گناهه هجڻ جو دانهون ڪري ٿو، پوءِان جي کاٻي ڄنگه مان ڦوهارا ڪري رت نڪري ٿو ان دوران هو تڙپڻ شروع ڪري ٿو پر ته به رينجرز وارا ان جي مٿان رحم کائڻ بدران وحشت جي انتها ڪن ٿا، سلام آهي ان سلام سومري کي جنهن هڪ درد ۽ وحشت کي دنيا جي اڳيان آندو، توڙي جو ان کي به هن وڊيو جي اهميت جو اندازو ائين ئي نه هو جئين رينجرز وارا نتيجن کان بي خبر هيا، قدرت رينجرز وارن جي ڦٽائي هڪ ته نوجوان هٿين خالي، ٻيو وڊيو دنيا اڳيان اچي وئي، ٽيون مقتول صحافي جو ڀاءَ نڪتو، جنهن وقت مقتول جا وارث ۽ صحافي سي ايم هائوس اڳيان لاش رکي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ان دوران ڪئي ڀيرا کين ڌمڪيون مليون ته نوجوان ڏوهاري هو ان جي لاش کي کڻي وڃو نه ته توهان جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، آخر ان دوران هي وڊيو اچي وئي جنهن ڌمڪيون ڏيندڙن جا منهن بند ڪري ڇڏيا، جيڪي ماڻهو خروٽ آباد ۾ پنج چيچن عورتن ۽ مردن جي قتلام کي ذهنن تان نه لاهي سگهيا هيا انهن جڏهن هي وڊيو ڏٺي ته ڏڪي ويا،هر ماڻهو پنهنجي اندر موت جو اهو خوف محسوس ڪيو.

سنڌ ۾ ورهين کان موجود رينجرز جي زيادتين جو احساس ڪراچي وارن کي تڏهن ٿيو آهي جڏهن انهن جي مٿان مصيبت آئي آهي، نه ته سالن کان رڙندڙ سنڌين جي ته ڪنهن به نه پئي ٻڌي، بدين جي زيرو پوائنٽ کان وٺي علي بندر، علي بندر کان وٺي کوکرو پار تائين ۽ کوکرو کان وٺي گهوٽڪي جي اڇڙي ٿر واري ريگستاني بارڊر واري علائقي تائين رينجرز وارن جيڪي سنڌي مهاڻن ۽ عام ماڻهن کي عزت ڏني آهي اها وسارڻ جوڳي ناهي. سرڪاري انگ اکرن موجب سنڌ ۾ ڪل 21 هزار 806 رينجرز موجودآهي، رينجرز جون ڪل 28 ونگز آهن جن مان 18 ونگز جا 14 هزار 406 جوان اندروني امن امان جي ڊيوٽي(انٽرنل اسپيشل ڊيوٽيز) لاءِ مقرر ڪيل آهن، جڏهن ته رينجرز جي اهم مقرري 7 هنڌن تي وڌيڪ ٿيل آهي، انهن ۾ 801 رينجرز جا جوان 42 پرڏيهي قونصل خانن ۽ انهن جي گهرن ۽ 7 فائيو اسٽار هوٽلز جي ڊيوٽيز تي مقرر ٿيل آهن، اهڙي ريت 996 جوان تعليمي ادارن( ڪراچي کانسواءِ خيرپور شاهه عبدالطيف يونيورسٽي، قائد عوام يونيورسٽي، زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام، مهراڻ ۽ ايل ايم سي ڄامشورو)، 179 اهم شخصيتن جي حياتين بچائڻ ۽ وي وي آءِپيز جي ڊيوٽيز تي مقرر ٿيل آهن، 580 رينجرز جا جوان اهم ترين تنصيبات( وائٽل انسٽاليشن) جي نگراني، 126 جوان اسپتالن، 803 تيل ۽ گيس ڪمپنين جي حفاظت ۽ باقي 324 جوان وري واٽر هائيڊرنٽس تي مقرر ٿيل آهن، جيڪڏهن ڪراچي ۾ آئڊِياز سميت جيڪي به وڏا پروگرام ٿيندا انهن جي سيڪيورٽي جي ذميواري به سندن حوالي هوندي، چوندا آهن “واندي کان وندر ڀلي” يا “انڌو وڃي ۽ ٻه سيڙائي”، سو هي سڀ ڪم انهن جي کاتن ۾ ان ڪري وڌا ويا آهن جئين هو هتي رهڻ جو جواز پيدا ڪري سگهن،

پر هو ان سان گڏ سنڌ جي سوين تعليمي ادارن ۽ تاريخي جاين تي سندن قبضو آهي جتي هو پنهنجا گهر ۽ آفيسيون ٺاهي ويٺا آهن،جن کي موجوده حڪومت وڏي واڪي اسيمبلي ۾ بيهي رينجرز کان خالي ڪرائڻ جا اعلان ڪيا پر اڃا تائين جناح ڪورٽ کان وٺي حيدرآباد جي ميٺارام هاسٽل تائين سڀ جا سڀ ادارا سندن ڪنٽرول ۾ آهن، رينجرز رڳو فورس نه پر هڪ ڪمرشل اداري جي حيثيت رکي ٿي، ڇو ته ان وٽ پنهنجا اثاثا، پيٽرول پمپ، سي اين جي اسٽيشنز ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه آهي، پر حيرت جي ڳالهه اها ِآهي ته ته انهن ڪل 21 هزار 806 رينجرز جي جوانن مٿان سنڌ حڪومت هر سال هڪ ارب 3 ڪروڙ 4 لک 36 هزار رپين کان وڌيڪ خرچ ڪري ٿي، جڏهن ته رينجرز جون پگهارون وفاق ادا ڪري ٿو تنهن ڪري اهو خرچ جدا آهي پر سنڌ جي مٿان هر سال هنن پوڻن 22 هزار جوانن جو اهو خرچ آهي، جيڪڏهن سال 11_2010 جي بجيٽ ۾ ڏسجي ته سنڌ حڪومت گهرو کاتي جي لاءِ 32 ارب 82 ڪروڙ 83 لک 73 هزار رپين جي بجيٽ رکي هئي، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ بجيٽ 28 ارب 21 ڪروڙ31 لک 12 هزار پوليس لاءِ ان ڪري رکي وئي جو سنڌ پوليس جي لڳ ڀڳ هڪ لک اهلڪارن ۽ آفيسرن جي پگهارن جي مد ۾ اها رقم وڌيڪ خرچ ٿئي ٿي ۽ لڳ ڀڳ 2 ارب رپيه باقي امن امان جي صورتحال تي خرچ لاءِ رکيا ويا، جيڪڏهن هڪ لک فورس لاءِ 2 ارب رپيا رکيا ويا ته پوءِ پوڻن 22 هزار رينجرز جي لاءِ هڪ ارب ڪيئن سنڌ جي ڳچي ۾ آهن؟ اهو هڪ منجهائيندڙ سوال آهي، جنهن تي گهرو کاتي جا آفيسر به پريشان آهن ته رينجرز جي مٿان ايترو خرچ ڇو ٿو ڪيو وڃي جڏهن امن امان جي بنيادي ذميواري سنڌ پوليس جي مٿان آهي، ايتري خرچ ڪرڻ باوجود سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ڪيتري چڱي آهي ان جو اندازو سولائي سان لڳائي سگهجي ٿو. ان کانپوءِ سنڌ ۾ فرنيٽيئر ڪانسٽيبلري جي 77 پلٽونز جو خرچ به سنڌ جي ڳچي ۾ آهي ان لاءِ هن سال جي بجيٽ ۾ 44 ڪروڙ50 لک 28 هزاررکيل آهن، جيتوڻيڪ سنڌ ۾ رينجرز جو قانوني طور تي ڪردار تمام محدود آهي، ان جو ڪم سنڌ جي ڏاکڻي سرحدي(پاڪ_ڀارت) علائقي جي حفاظت ڪرڻ، جنگ جي دوران آرمي جي فائيو ڪور جي نگراني ۾ ملڪي سلامتي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ، ۽ صوبي جي سول انتظاميه جي اندورني سيڪيورٽي جي صورتحال کي ضابطي ۾ آڻڻ آهي، اهي ٽي رول رينجرز جي لاءِ واضح آهن، پر انهن کي جيڪي ٽاسڪ ڏنا ويا آهن انهن ۾ به واضح ڪيو ويو آهي ته سرحدي علائقي ۾ رهندڙ ماڻهن ۽ ملڪيتن جي حفاظت، پاڪستان جي حدن ۾ غير قانوني طور تي داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي روڪڻ يا انهن جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ، سرحدي علائقي مان ڳجهي معلومات حاصل ڪرڻ، اسمگلنگ ۽ ڏوهن کي روڪڻ لاءِ پوليس ۽ ٻين سول ادارن سان رابطي ۾ رهڻ ۽ پوليس سان گڏ امن امان جي صورتحال کي سنڀالڻ جو ڪم رينجرز جي ٽاسڪ ۾ شامل آهن، ان کانپوءِ رينجرز جي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ( ضابطي اخلاق) ۾ به اهو واضح ڪيو ويو آهي ته رينجرز جا اهلڪار بارڊر ۽ اندروني سيڪيورٽي ذميوارين دوران مختلف معاملن ۾ قانوني دائري جي اندر پنهنجي ڪردار ۽ ذميوارين کي نڀائيندا جئين انهن جي مٿان اخلاقي مورال تي ڪو آڱر نه کڻي سگهي، ان سان گڏهو پنهنجي ڏنل ۽ مقرر ڪيل ڪردار کي چڱي ريت برقرار رکندا ڇو ته انهن جي ضابطي ۾ واضح لکيوويو آهي ته جڏهن به ڪنهن ڏوهاري يا دهشتگرد خلاف ڪارروائي ڪريڪ ڊائون ڪندا ته ان دوران امن پسند مانهن سان بلڪل اڻ ڌريو ۽ نرم رکيو وڃي. هي سڀ ڳالهيون اسان جون پنهنجيون نه پر سرڪار ۽ سندن وڏن پاران تيار ڪيل ۽ مقرر ڪيل حدون آهن جن تي هو ڪيتري حد تائين عمل ڪندا آهن اهو به هڪ اهم سوال آهي؟

خبر ناهي اهو ڪهڙي آئين يا قانون ۾ لکيل آهي ته رينجرز يا سول انتظاميا جا سڀ جا سڀ سربراهه سنڌي نه هوندا، اهو ئي قانون آهي جنهن موجب اڄ تائين سنڌي رينجرز يا فوج ۾ ڪنهن اعليٰ عهدي تائين نه رسي سگهيو آهي، پر انهن ڳالهين کي هڪ پاسي رکي جيڪڏهن پاڪستان رينجرز جي سرفراز شاه واري واقعي کانپوءِ جي صورتحال ڏسجي ته هڪ ڀيرو وري سنڌمان رينجرز جي واپسي جا مطالبا ٿيڻ شروع ٿيا، انهن جي ڪردار تي آڱريون ته ڇا پهريون ڀيرو انتهائي واضح انداز ۾ انهن تي تنقيد ڪئي وئي، رينجرز کان اختيار واپس وٺڻ جي ڳالهه ٿي ته اوچتو ڪراچي۾ قتلام جي شروعات ٿي ۽ ان هڪ جواز ڏنوته رينجرز هن شهرجي لاءِ تمام ضروري آهي.

ڪراچي جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته جنرل ضياءِ جي دور کانپوءِ جڏهن هي شهر ٽيڪسي ڊرائيور واري تنظيم حوالي ٿيو تڏهن کان هن شهر سڪون جي ننڊ ناهي ڪئي، جيڪڏهن مشرف جي 9 سالن واري دورکي ڏسجي ته ان ۾ خاموشي هئي ڇو ته سڀ ٽارگيٽ ڪلر “پڪنڪ” ملهائڻ لاءِ سائوٿ آفريڪا ۽ ٻين ملڪن ڏانهن ويا هيا، جيڪي هاڻي جلاوطني ختم ڪري موٽيا آهن اهو ئي سبب آهي جو وڪي ليڪس به پنهنجي رپورٽ ۾ اهو انڪشاف ڪيو آهي ته ڪراچي ۾ ايتري پوليس به ناهي جيترا عسڪريت پسند ۽ دهشتگرد آهن، ڇو ته ڪراچي ۾ لڳ ڀڳ 35 هزار کان وڌيڪ پوليس آهي، جنهن مان گهڻي ڀاڱي وي وي آءِ پي ڊيوٽيز ۾ آهن، تازو ان پوليس ۾ 341 قتل ۽ دهشتگردي جي ڪيسن ۾ گهربل 107 ڏوهاري ڀرتي ڪيا ويا آهن، جن جي نالن ۽ ڪيسن جي تفيصلن جي رپورٽ به موجودآهي جيڪا حساس ادارن طرفان جوڙي وئي آهي،جيڪڏهن پوليس ۾ سياسي ڪارڪن ۽ دهشتگرد ڀرتي ٿيل هجن ان شهر ۾ امن ڪئين ٿو برقرار رهي سگهي؟ پر ان سڄي صورتحال کي سرفراز شاهه جي واقعي وائکو ڪري سنڌ جي ڪيس کي تمام گهڻو مضبوط ڪيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو چيف جسٽس آف پاڪستان هن واقعي جو پاڻمرادو نوٽِيس وٺڻ کانپوءِ رينجرز جي قانوني دائري ۽ مليل اختيارين بابت به سنڌحڪومت کان جواب طلبي ڪئي، جنهن کانپوءِپهريون ڀيرو سنڌ حڪومت آءِ جي ۽ ڊي جي رينجرز (جيڪو هڪ ٽي وي چينل جي اينڪر جو ڀاءُ ٻڌايووڃي ٿو) کي هٽائڻ جو حڪم ڏنو ته ان جي حفاظت لاءِ به سنڌ حڪومت سندرو ٻڌو پر عسڪري قيادت ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪرائي اسان جي سياسي قيادت جي “جي حضوري” ظاهر ڪئي. ڏٺو وڃي ته ڪراچي وارا وڌيڪ خوشنصيب آهن جن سان پوليس ۽ رينجرز جو وري به ڪنهن حد تائين رويو ان ڪري بهتر هجي ٿو جو هي شهر ميڊيا جو ڳڙهه آهي پر جيڪڏهن رينجرز جي مهربانين جي باري ۾ ٿرپارڪر، اڇڙي ٿر ۽ عمرڪوٽ وارن کان ويندي ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور وارن کان پڇجي ته هو وڌيڪ بهتر ٻڌائي سگهن ٿا، ٿر جا پٽيل هجن يا اتر جا سردار اهي سڀ رينجرز جي ان ڪري تعريف ڪندا جو انهن جا مفاد هڪجهڙا آهن، پراصل ڳالهه عام انسانن جي آهي، هڪ دوست چواڻي ته ڪجه مهينا اڳ ڪنڌڪوٽ شهر ۾ بيٺل موٽر سائيڪل سان سندس ڪار جو هلڪو ٽڪر ٿيو ته رينجرز وارا هٿيار تاڻي بيهي رهيا، سندس ڊرائيور جي ڳچي ۾ هٿ وڌا ويا. لاڙڪاڻي ۾ رينجرز وارا ڳوٺن تي ڪاهه ڪري هٿين خالي ڳوٺاڻن کي ائين پڪڙي سندن اکين تي سندن قميصون لاهي وري هٿ پير انهن جي ڪپڙن سان ٻڌي ماريندا کڻي ويندا آهن جئين هو ڪي وڏا عسڪريت پسند هجن! ٿر ۾ اسلام ڪوٽ ۾ داخل ٿيڻ کان اڳم به توهان کي انهن جي اجازت کانسواءِ ڪارونجهر جو ديدار نصيب نه ٿو ٿي سگهي، ڪدهر سي آئي هو؟ واري پنجابي لهجي ۾ عام ٿري کان پڇا ڪرڻ تي ويچارا پريشان ٿيو وڃن ته آخر هو جواب ڇا ڏين، پر همراه ڪرڙي اک ڪري پيا هر ڪنهن کي ڏسندا جٿن ٺٽي شهر ۾ بيگار موري تي ڪوسٽ گارڊ وارا شينهن بڻيل هوند اآهن تيئن سيراڻي، ڀڳڙا ميمڻ واري پٽي وٺي جڏهن زيرو پوائنٽ تي چڙهندا ته همراه توهان کي وڪوڙِي ويندا. ايتري قدر جو 2005 ۽ 2006ع ڌاري رينجرز ۽ بدين جي مهاڻن جي وچ ۾ هلندڙ جهيڙي جي رپورٽنگ ڪندي سخت گرمي ۾ جڏهن رڻ ڪڇ جهڙي بر ۽ روپا ماڙي کي اورانگهيندي زيرو پوائنٽ واري سم نالي تي چڙهيس ته مون کي ۽ منهنجي فوٽوگرافر کي 2 ڪلاڪن تائين واڙي ڇڏيو، واپسي تي هڪ ملاح چيو ته شڪر ڪريو توهان وري به ڇڏائجي ويا نه ته توهان کي به خبر پئجي وڃي ها، ڇو ته پوليس جي ستايل سنڌ ۾ رينجرز جي موجودگي “ادي مئي، ادو ڄائو” اسان اوتري جا اوترا… هن وقت ماضي جي حڪومت مٿان پنهنجي نااهلين جا بار اڇلائي ڦڪائي کان بچندڙ موجوده جهموري سرڪار به اهي ئي ڪارناما ڪري پئي جيڪي پوئين حڪومت شروع ڪيا هيا انهن کي عملي جامو سنڌجي سرڪار پارائي پنهنجي ڪاميابي جا طبل پئي وڃائي، پر ان هوندي به رينجرز جا الائونسز گهٽائڻ وارو عمل ڪنهن حد تائين ساراه جوڳو ضرورآهي پر هڪ معصوم جي قتل ۽ قاتلن جي وچ ۾ سياسي گيم کيڏندڙسنڌسرڪار کي سنڌ جي پراڻي موقف کي وري اٿارڻ گهرجي ته رينجرز جي آخر ڪهڙي ضرورت آهي؟

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو