Home / افيئر / !مٺو پاڻي مهيا ڪرڻ جي 5 ارب روپين واري رٿا ناڪام
above article banner

!مٺو پاڻي مهيا ڪرڻ جي 5 ارب روپين واري رٿا ناڪام

وفاقي حڪومت طرفان چار سال اڳ سنڌ ۾ 5 ارب روپين جي لاڳت سان شروع ڪيل “پيئڻ جو پاڻي سڀني لاءِ” وارو منصوبو عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪرڻ کانسواءِ حڪومت ۽ واسطيدار کاتي جي نااهلي ۽ ڪرپشن جي ور چڙهي بند ٿي ويو آهي ۽ منصوبي جو ٺيڪو کڻندڙ پنجاب جي شهر فيصل آباد جي هڪ ڪمپني M/SGP-BIDC-LTD جنهن کي فقط 9 مهينن جي عرصي ۾ سنڌ ۾ يو ايف ۽ آر او جي ٻن قسمن جا 1277 فلٽر پلانٽ لڳائي مڪمل ڪرڻا هئا ۽ هن رٿا موجب سنڌ جي سڀني ضلعن جي هرهڪ يوسي ۾ هڪ ۽ سڀني ضلعن ۾ الٽر فلٽريشن پلانٽ(يو ايف) ڪل 1005 ۽ 272 رورس اوسموس (آر او) فلٽر پلانٽ لڳائڻا هئا. پر مذڪوره ڪنسٽرڪشن ڪمپني کي گذريل چئن سالن جي ڊگهي عرصي ۾ 1005 يو ايف فلٽر پلانٽن جي بجاءِ فقط 349 ۽ 272 آر او پلانٽن جي جاءِ تي فقط 22 فلٽر پلانٽن تي اڻ مڪمل ڪم ڪرائڻ بعد منصوبي مان هٿ ڪڍي فرار ٿي ويئي آهي. جنهن ڪري مذڪوره رٿا تي خرچ ٿيل اربين روپين جو ناڻو ضايع ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ يو ايف ۽ آر او، جي جديد فلٽر پلانٽن جي لڳائڻ واري ترقياتي رٿا لاءِ وفاقي 8-2007 جي مالي سال جي بجيٽ ۾ رقم رکي ويئي هئي. 16 جنوري 2008ع تي وفاقي حڪومت طرفان هڪ آرڊر پڻ جاري ڪيو ويو. منصوبي جو مدو فقط 9 مهينا مقرر ڪيو ويو. منصوبي تي هنگامي بنيادن تي ڪم شروع ڪيو ويو. پر اهو 9 مهينن بجاءِ چئن سالن ۾ به مڪمل نه ڪيو ويو ۽ هاڻ مورڳو منصوبوئي، ڪمپني جي فرار ٿي وڃڻ ڪري ناڪام ٿي ويو آهي. وفاقي حڪومت جي خاص اپائن بابت قائم ڪيل وزارت MINISTRY OF SPECIAL INITATIVES طرفان شروع ڪيل ان ميگا پراجيڪٽ تحت سنڌ جي اٽڪل سڀني ضلعن ۾ يونين ڪائونسل جي سطح تي ٻنهي قسمن جا جيڪي 1277 جديد فلٽر پلانٽ لڳائڻا هئا انهن ۾ 1005 يو ايف ۽ 272 آر او پلانٽ شامل هئا. جن ۾ ضلعي حيدرآباد جي 52 يوسيز ۾ پلانٽ لڳائڻا هئا جتي چئن سالن جي عرصي ۾ فقط 30 يو ايف پلانٽ لڳايا ويا. ڪراچي 146، مٽياري ۾ 12، سکر ۾ 32، نوشهروفيروز ۾ 13 ٽنڊو محمد خان ۾ 14، ٽنڊو الهيار ۾ 8، نوابشاهه ۾ 17، گهوٽڪي ۾ 17، شڪارپور ضلعي ۾ فقط هڪ ۽ بدين ضلعي ۾ فقط 6 يو ايف فلٽر پلانٽ لڳايا ويا. جن مان رپورٽ موجب هيل تائين وري ڪنهن فلٽر پلانٽ مان ڳوٺاڻن ۽ شهرين کي فلٽر ٿيل پيئڻ جو پاڻي نصيب ٿيو هجي. ڪڍڻ شهر سميت بدين ضلعي ۾ لڳايل 6 يو ايف فلٽر پلانٽن مان اڃا تائين ڪو هڪ فلٽر پلانٽ چالو ٿي نه سگهيو آهي. سمورا پلانٽ بند پيل آهن. شهري ۽ ڳوٺاڻا لڳاتار دانهن ڪري رهيا آهن پر اختياري وارا فلٽر پلانٽ لڳائي فرار ٿي ويا آهن. اهڙي طرح يو ايف، جي هڪ فلٽر پلانٽ تي 19 لک روپيه خرچ ٿيا آهن ۽ سنڌ ۾ 9 مهينن جي ڏنل هدف ۾ جتي 1005 يو ايف فلٽر پلانٽ لڳائڻا هئا اتي چئن سالن جي عرصي ۾ 349 اڻ مڪمل فلٽر پلانٽ لڳايا ويا آهن.

هوڏانهن ڄاڻايل منصوبي تحت لاڙ جي سامونڊي پٽي، ٿر، ڪاڇو ۽ ڪوهستان جهڙن علائقن ۾ جتي پيئڻ جو مٺو پاڻي اڻلڀ آهي جن علائقن ۾ سنڌو درياهه جي واهن جو مٺو پاڻي نٿو پهچي ۽ زير زمين جر جو پاڻي انتهائي کارو ۽ زهريلو آهي، جيڪو پاڻي انسانن ۽ حيوانن جي پيئڻ جي قابل ناهي. اهڙن سنڌ جي ڏتڙيل، سامونڊي ٻوڏن ۽ ڏڪارن جي وڪڙ ۾ آيل سنڌ جي ڏوارنهن ڳوٺن جي لکين ماڻهن کي پيئڻ جو مٺو ۽ صاف پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ 272 جديد آر او فلٽر پلانٽ لڳائڻا هئا. جن پلانٽن ۾ اٽڪل 2 کان 4 هزار ليٽر پاڻي في ڪلاڪ ۾ صاف ڪرڻ جي صلاحيت آهي. اهي ايترا آر او پلانٽ مذڪوره ڪمپني کي فقط 9 مهينن جي عرصي ۾ لڳائڻا هئا پر گذريل چئن سالن ۾ ان ڪمپني سڄي سنڌ ۾ فقط 22 اڻ مڪمل آر او پلانٽ لڳايا آهن. جنهن مان هيل تائين ڪنهن هڪ پلانٽ به چالو ٿي مٺي پاڻي جي فراهمي شروع نه ڪئي آهي.

رپورٽ موجب بدين ضلعي ۾ اهڙا 19 آر او فلٽر پلانٽ لڳائڻا هئا، جن مان بدين ضلعي جي تباهي هيٺ آيل سامونڊي پٽي جي تعلقي بدين جي فقط 5 ڳوٺن، هرهڪ ڳوٺ رئيس بهادر خان لنڊ، ٻهڊمي، ڀڳڙا ميمڻ، لاکو پير، ۽ سيراڻي ۾ آر او پلانٽن جو بنيادي اڏاوتي ڪم ٿيو آهي، ڀر وارن ڳوٺن کي مٺو پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ پائيپ لائين جي وڇائي جو ڪم اڃا تائين شروعات ئي نه ٿي آهي، خود فلٽر پلانٽن جي مشينري به ڳوٺن تائين نه پهتي آهي، ڪن ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب منصوبي مان هٿ ڪڍي فرار ٿي ويل مذڪوره ڪمپني پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي اعليٰ اهلڪارن طرفان بدين تعلقي جي سامونڊي پٽي جي مذڪوره ڳوٺن ۾ لڳايل کاري پاڻي کي مٺو ڪندڙ اڻ مڪمل آر او پلانٽ، جن جي هڪ پلانٽ جي مڪمل ٿيڻ تي اٽڪل 15 ڪروڙ روپين جي لاڳت اچي ٿي، انهن اڻ مڪمل پلانٽن کي مڪمل ڄاڻائي رقم جي ادائيگي ڪرڻ واسطي ٺيڪيدارن ڪمپني، سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کان انهن فلٽر پلانٽن جي خانه پوري لاءِ نمائشي افتتاح ڪرڻ جا سانباها ڪري رهي آهي. ان افتتاح جي نمائش ڪرائڻ لاءِ تازو گذريل هفتي، ٺيڪيدار ڪمپني ٻن ڳوٺن ڳوٺ رئيس ۽ بهادر خان لنڊ ۾ فلٽر پلانٽن جي مشينري لاٿي آهي. هن رپورٽ جي فائل ٿيڻ تائين اها مشينري اڃا تائين نصب نه ڪئي ويئي هئي. ڳوٺاڻن کي خدشو آهي ته ٺيڪيدار ڪمپني، اڻ مڪمل آر او پلانٽن جو سنڌ جي وڏي وزير کان افتتاح ڪرائي پلانٽن جي قيمتي مشينري پٽي کڻي ويندي.

رپورٽ موجب واسطيدار ٺيڪيدار ڪمپني کي سنڌ ۾ 272 آر او فلٽر پلانٽ 2- ارب 14 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان فقط 9 مهينن جي عرصي ۾ لڳائڻا هئا. ان لاءِ خاص اپائن واري وفاقي وزارت ٺيڪيدار ڪمپني کي اڳواٽ 56 ڪروڙ روپين جي ادائگي پڻ ڪئي. واسطيدار وزارت طرفان وڌيڪ رقم جي ادائگي نه ڪرڻ جو بهانو ڪري ٺيڪيدارن ڪمپني منصوبي تي ٿيندڙ انڌو منڊو ڪم به بند ڪري رٿا مان هٿ ڪڍي ويئي آهي. رٿا موجب واسطيدار ٺيڪيدار ڪمپني کي سڀني فلٽر پلانٽن تي هڪ هڪ آپريٽر مقرر ڪري انهن کي پگهارون پڻ ڏيڻيون هيون. واسطيدار ڪمپني ٻنهي قسمن جي فلٽر پلانٽن تي جيڪي ڪانٽريڪٽ آپريٽر ڀرتي ڪيا. انهن آپريٽرن کي گذريل ڪيترن ئي مهينن کان پگهارون نه ڏنيون ويون آهن ۽ تازو ٺيڪيدار ڪمپني، اٽڪل 450 آپريٽرن کي بيروزگار ڪري انهن کي نوڪرين تان ئي برطرف ڪري ڇڏيو آهي. ٺيڪيدار ڪمپني طرفان سوين آپريٽرن کي نوڪرين تان برطرف ڪرڻ ۽ منصوبي مان هٿ ڪڍي وڃڻ جو ڪارڻ حڪومت جي واسيطيدار وفاقي کاتي طرفان رقم جي ادائگي نه ڪرڻ ڄاڻايو پيو وڃي.

ٻئي طرف ٺيڪيدار ڪمپني طرفان ٻنهي قسمن جي فلٽر پلانٽن جي غير معياري ۽ ناقص ڪم ڪرائڻ جي شڪايتن جي جاچ لاءِ خاص اپائن واري وفاقي وزير لال خان جي سربراهي ۾ هڪ اعليٰ سطحي ڪميشن پڻ قائم ڪئي ويئي جنهن جي ڏنل رپورٽ بعد پبلڪ هيلٿ کاتي سنڌ طرفان ٺيڪيدار ڪمپني طرفان فلٽر پلانٽن ۾ لڳايل ڪجهه غير معياري ناقص مٽيريل ۽ اوزار تبديل ڪيا ويا ۽ بعد ۾ ٺيڪيدار ڪمپني پبلڪ هيلٿ کاتي جا اهلڪار (ڏنو پٽ ڇـُٽي جو)واري سنڌي چوڻي تي عمل ڪندي پاڻ ٺهي ويا ۽ ساڳيو ردي سامان فلٽر پلانٽن ۾ لڳل رهيو. ذريعا هن منصوبي جي ناڪامي جو هڪ سبب خود پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي اهلڪارن جي ڪرپشن کي پڻ قرار ڏيئي رهيا آهن. جنهن موجب سنڌ ۾ هن منصوبي جي نگراني پبلڪ هيلٿ جهڙي هڪ اداري سنڌ ۾ بدنام ٿيل کاتي جي حوالي ڪئي ويئي جنهن کاتي جو سنڌ ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ نڪاسي جوڪو هڪ به منصوبو ڪنهن ننڍي وڏي شهر ۽ ڳوٺ ڪامياب نه ٿيو آهي. سڄي سنڌ ۾ هن کاتي خلاف هر طرف رڙ لڳي پئي آهي. ڪرپشن ۾ هي کاتو تمام اڳتي آهي ۽ هن کاتي جا راشي اهلڪار ٺيڪيدار کان ڳريون رشوتون وٺي ڪميشن جا اگهه وڌائي اڻ مڪمل ۽ ناقص ترقياتي ڪم ڪرائين ٿا ۽ هن کاتي کان اڄ ڏينهن تائين ڪو به پڇاڻو ٿي نه سگهيو آهي. ناڪام ٿيل هن منصوبي جي پاڻي جي ڪنيڪشن ۽ بجلي ۽ سيوريج جا مسئلا پڻ انهيءَ پبلڪ هيلٿ کاتي جي حوالي ڪيا ويا آهن جڏهن ته فلٽر پلانٽن جي سارسنڀال ۽ عملي کي پگهارون ڏيڻ جي ذميواري ٺيڪيدار ڪمپني جي حوالي ڪئي وئي. جنهن ٺيڪيدار ڪمپني منصوبي جي مڪمل ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي اٽڪل 450 غريب ملازمن کي نوڪرين مان نيڪالي ڏئي هٿ ڪڍي وئي آهي. ان سان گڏ ڪن ڳوٺن ۾ جتي ٻنهي قسمن جا فلٽر پلانٽ لڳايا ويا آهن انهن ڳوٺن ۾ شروع کان ئي بجلي جي سهولت نه آهي. انهن ڳوٺن ۾ اهي فلٽر پلانٽ ڊيزل تي هلائڻا آهن. تيل جا اگهه آسمان سان ڳالهيون پيا ڪن اهو تيل پبلڪ هيلٿ کاتي وارن کي فراهم ڪرڻو آهي ڇا سنڌ حڪومت ۽ بدين ضلعي جو پبلڪ هيلٿ کاتو سامونڊي پٽي جي رڻ ڪڇ جي ڪنڌي واري اهم تاريخي ڳوٺ بهادر خان لنڊ ۾ اٽڪل 5 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان لڳايل آر او فلٽر پلانٽ لاءِ ڏهاڙي هزارين رپين جي تيل فراهم ڪندا رهندا؟ جنهن ڳوٺن ۾ بجلي جي سهولت نه آهي. اهڙن ساڳي قسم جي خدشن جو اظهار ٻهڊمي جي سماجي اڳواڻ عبدالمجيد لنڊ ۽ ڳوٺ بهادر خان لنڊ جو رهواسي ۽ سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر نواز بلوچ ڪندي چون ٿا ته فلٽر پلانٽ وارن سڀني ڳوٺن کي جلدي بجلي فراهم ڪري حڪومت هن منصوبي کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪي تڪڙا اپاءَ نه ورتا ۽ روڪيل فنڊ جاري نه ڪيا ۽ ڀڄي ويل ٺيڪيدار ڪمپني مان هٿ ڪڍي ڇڏيا ته اهو سنڌ هڪ وڏو سانحو ا۽ الميو ٿيندو ته اربين روپيه خرچ ڪرڻ باوجود موجوده پيپلزپارٽي جي حڪومت سامونڊي پٽي جي ماڻهن کي پيئڻ جو مٺو پاڻي فراهم ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪام ٿي وڃي ۽ سنڌ جا لکين ماڻهو پيئڻ جي مٺي صاف پاڻي لاءِ تڙپندا رهن. هنن حڪومت کان منصوبي جي ناڪامي جو هڪدم نوٽيس وٺڻ جي گهر ڪئي آهي.

 


 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو