Home / افيئر / مشرف دور ۾ مليل 13 ارب روپيا ڪٿي خرچ ٿيا..؟
above article banner

مشرف دور ۾ مليل 13 ارب روپيا ڪٿي خرچ ٿيا..؟

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاران گذريل ٻوڏ جي حوالي سان آيل فيصلي کانپوءِ سنڌ حڪومت ٻوڏ دوران ۽ ان کان اڳ ۾ مقرر ٿيل ڪيترن ئي آبپاشي کاتي جي اعليٰ آفيسرن خلاف نوٽيس جاري ڪيا آهن. سنڌ حڪومت جي اهڙي ڦڙتي واري ڪارروائي مان لڳي ته ائين رهيو آهي ڄڻ آبپاشي کاتي جي ڪرپٽ آفيسرن کي چوڪن تي ٽنگي سزا ڏني ويندي. پر ائين ٿيڻ ناممڪن آهي. ڇاڪاڻ ته سرڪاري کاتن ۾ ڪرپشن تمام گهڻي آهي، جنهن ۾ سياسي ڀوتار به برابر جا حصيدار آهن.

بهرحال سنڌ حڪومت آبپاشي کاتي پاران گذريل 10 سالن ۾ ڪيل سمورن خرچن جي ٻيهر آڊٽ ڪرائڻ جو به فيصلو/اعلان ڪيو آهي، پر سنڌ حڪومت جي ان ڪرتا ڌرتا ڀوتارن اهو هرگز نه ٻڌايو آهي ته آخر ڪهڙا خرچ آهن جن جي سنڌ حڪومت کي ٻيهر آڊٽ ڪرڻ جي ضرورت ٻوڏ کي لڳ ڀڳ سال گذرڻ کانپوءِ محسوس ٿي آهي.

“افيئر” طرفان هٿ ڪيل آبپاشي کاتي ڪاغذ ٻڌائين ٿا ته مشرف دور ۾ آبپاشي ۽ بجلي کاتي جي صوبائي وزير نادر اڪمل لغاري وڏي جاکوڙ کانپوءِ وفاقي حڪومت کان 13 ارب رپين جي لاڳت واري Revamping/Rehabilitation of Irrigation and Drainage system in Sindh اسڪيم منظور ڪرائي هئي جيڪا اسڪيم مڪمل ٿيڻ باوجود اسان، توهان ۽ پوري دنيا ڏٺو ته سنڌ جي دريائي توڙي غير دريائي بندن، فيڊرن، ڪئنالن، واهن ۽ شاخن کي ڪيئن ٻوڏ جي پاڻي وڏا گهارا وجهي لڳ ڀڳ 8 ضلعن کي تمام گهڻو نقصان پهچايو. لڳ ڀڳ 10 لک کان وڌيڪ خاندان ان خطرناڪ ٻوڏ جي نتيجي ۾ بي گهر ٿيا. خيرپور ناٿن شاهه، شهر لڳ ڀڳ ٽن مهينن تائين 10-10 فوٽ پاڻي هيٺ رهيو. هڪ لک کان وڌيڪ ڍور يا ته مري ويا يا وري لڙهي ويا ۽ اڄ لڳ ڀڳ سال گذرڻ باوجود لڳ ڀڳ 2 لکن کان وڌيڪ خاندان 50 سينٽي گريڊ کان مٿي واري ماڻهو مار گرمي ۾ عالمي سماجي تنظيمن پاران فراهم ڪيل خيمن ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، پر سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه هڪ پريس ڪانفرنس دوران ڪرپشن جي الزامن هيٺ آيل اڳوڻي سيڪريٽري آبپاشي شجاع احمد جوڻيجو لاءِ اهي جملا چيا هئا ته “هن جهڙو آبپاشي ماهر مون زندگي ۾ ناهي ڏٺو تمام وڏو قابل آفيسر آهي.”

شجاع احمد جوڻيجو ٻوڏ دوران به سيڪريٽري آبپاشي هو جيڪو ڪجهه مهينا اڳ رٽائرڊ ٿيو آهي ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ ساڳئي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي هٿ اکرن سان شجاع احمد جوڻيجو ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. ساڳيو ئي شجاع احمد جوڻيجو Revamping/Rehabilitation of Irrigation and Drainage system in Sindh جي 13 ارب جي وفاقي اسڪيم دوران سيڪريٽري جي منصب تي فائز هو.

“افيئر” طرفان هٿ ڪيل آبپاشي کاتي جي سرڪاري رپورٽ موجب مٿي ڄاڻايل 13 ارب واري اسڪيم جي pc-1 نومبر 2001 ۾ تيار ڪرڻ شروع ڪئي وئي. صوبائي ترقياتي ورڪنگ پارٽي مان منظور ڪرائڻ کانپوءِ مرڪزي ترقياتي ورڪنگ پارٽي ڏانهن اسلام آباد منظوري لاءِ موڪلي وئي.

بعد ۾ CDWP اهو منظور ڪري ايڪنڪ ڏانهن وڌيڪ منظوري لاءِ موڪلي ڇڏي. جنهن ان اسڪيم جي 13 ارب روپين جي لاڳت سان حتمي منظوري ڏئي ڇڏي. ان وقت جي سنڌ حڪومت جي ڪابينا وري 4 مارچ 2003 تي هڪ سب ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏني جنهن کي اهو مينڊيٽ ڏنو ويو ته هو هيڏي وڏي اسڪيم جو جائزو وٺي ۽ نيٺ سب ڪميٽي به 11 مارڍچ 2003 تي اسڪيم جو مڪمل جائزو وٺي منظوري ڏئي ڇڏي.

جنهن جو ڪم پراجيڪٽ جي ڪم مانيٽرنگ ڪرڻ، ڪنسلٽنٽس ٺيڪيدارن جي ڪواليفڪيشن ۽ مقرري ڪرڻ هو.

هتي هڪ ڳالهه واضح ڪندا هلون ته هر وڏي پراجيڪٽ، پوءِ اهو وفاقي حڪومت جي فنڊنگ وارو هجي يا ڪنهن عالمي ڊورنر يا وري بينڪ جي امداد/قرض وارو هجي. ان لاءِ هڪ پراجيڪٽ امپليمينٽيشن يونٽ ضرور جوڙيو ويندو آهي. جنهن کي مڪمل طور پاور فل به بڻايو ويندو آهي. پر ان يونٽ ۾ اهڙا من پسند ماڻهو وڏين پگهارن ۽ پراجيڪٽ لاءِ الائونسزسان ويهاريا ويندا آهن جو انهن کي همت ئي نه هوندي آهي ته اهي ٺيڪيدارن/ڪنسلٽنٽن يا وري لاڳاپيل آفيسرن آڏو ٻڙڪ به ٻاهر ڪڍن.

بهرحال تڏهوڪي سنڌ حڪومت ۽ آبپاشي کاتي جي ڪرتا ڌرتا قوتن ڪسلنٽنٽس جي هڪ گروپ کي پراجيڪٽ لاءِ مقرر ڪيو جنهن ۾ لاهور جي هڪ ڪنسلٽنٽ ڪمپنين (NCD) M/5National Development Consultants به شامل هئي .

لاڳاپيل اختيارين ڪنسلٽنٽس جي ان گروپ سان 10 فيبروري 2011 تي معاهدو به ڪري ورتو.

آبپاشي کاتي جي هٿ ڪيل ڪاغذن ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته سکر بئراج 1932 ۾ فنڪشنل ٿيو، جنهن جي ذريعي 76 لک ايڪڙ زمين کي پاڻي پهچي ٿو. ان جي ڊيزائين ڪيل پاڻي نيڪال ڪرڻ جي گنجائش 47،530 ڪيوسڪ آهي، جڏهن ته 2000ع دوران ان جي اصلوڪي نيڪال جي گنجائش 65،933 ڪيوسڪ هئي.

اهڙي طرح ڪوٽڙي بئراج جيڪو 1956ع ۾ فنڪشنل ٿيو ان جي Designed with draw capacity with 41595 ڪيوسڪ هئي پر 2000ع تائين ان جي Actual capacity 38،878 ڪيوسڪ هئي، ڪوٽڙي بئراج وسيلي 28 لک ايڪڙ زرعي زمين کي پاڻي پهچي ٿو.

ساڳي طرح گڊو بئراج جيڪو 1963ع ۾ فنڪشنل ٿيو. ان جي ذريعي 28.88 لک ايڪڙ زمين تائين پاڻي پهچي ٿو. ان جي ڊزائين ڪيل نيڪال جي Designed with drawl capacity 36،500 ڪيوسڪ هئي پر اصلوڪي نيڪال جي گنجائش46،120 ڪيوسڪ آهي.

اهڙي طرح سنڌ جي انهن ٽنهي بئراجن جي Designed capacity 125،625 هئي پر اهي پنهنجي ڊيزائين ڪئپيسٽي کان لڳ ڀڳ 25 هزار ڪيوسڪ وڌيڪ پاڻي کڻي رهيا هئا ۽ آهن.

ساڳي طرح گڊو بئراج 3 مين فيڊر/ڪئنال بيگاري سنڌ، ڊزرٽ پٽ ۽ گهوٽڪي،ٽئي فيڊر ڪئنال پنهنجي ڊزائين ڪيل پاڻي نيڪال جي گنجائش يعني 36،529 ڪيوسڪ کان لڳ ڀڳ 10 هزار ڪيوسڪ پاڻي وڌيڪ کڻي رهيا هئا ۽ آهن.

ساڳي طرح سکر بئراج جا 7 فيڊر ڪئنال نارا، خيرپور ايسٽ، روهڙي، خيرپور ويسٽ، دادو پنهنجي ڊزائين ڪيل گنجائش 47،530 ڪيوسڪ کان لڳ ڀڳ 19 هزار ڪيوسڪ وڌيڪ پاڻي کڻي رهيا هئا، پر ڪوٽڙي بئراج جي صورتحال ان کان مختلف هئي ان جي چئني فيڊرن/ڪئنالن اڪرم واهه، ڦليلي، پنڃاري ۽ ڪلري بگهاڙ جن جي ڊزائين ٿيل ڪيپيسٽي موجب کين 41،595 ڪيوسڪ پاڻي کڻڻ کپندو هو پر اهي ان کان گهٽ يعني 38،878 ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪري رهيا آهن.

ان حوالي سان هڪ ڳالهه واضح ڪندا هلون ته مشرف جي سموري ڪاري دور ۾ سنڌ جو پاڻي پنجاب چوري ڪندو رهيو آهي ۽ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم اهو سڄو عرصو پاڻي جي ڦڙي لاءِ سڪندي رهي. جنهن جي نتيجي ۾ ٺٽي ۽ بدين ضلعي ۾ لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي چڪو آهي.

سرڪاري ڪاغذن موجب لڳ ڀڳ ساڳي صورتحال سنڌ ڊرينج سسٽم جي به هئي. رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ان سڄي صورتحال ۾ جڏهن پاڻي جي گهرج واري موسم ۾ آبپاشي کاتي جي ڪئنال سيڪشن تي پريشر وڌندو آهي ته ڪئنال، واهن، ۽ شاخن جا بند ڪمزور ٿي ويندا آهن. جنهن جي نتيجي ۾ انهن ۾ گهارا پوڻ جا امڪان وڌي ويندا آهن. جنهنڪري هن اسڪيم/پراجيڪٽ کي ڊيزائن ڪرائي منظور ڪرايو ويو.

مطلب ته سنڌ جو آبپاشي نظام تمام گهڻو پراڻو هو جيڪو ان وقت جي سنڌ حڪومت موجب ڪمزور ٿي چڪو هو ان کي بحال ڪرڻ لاءِ 13 اربن جي لاڳت وارو مذڪوره پراجيڪٽ وفاقي حڪومت کان منظور ڪرايو ويو هو.

هن پراجيڪٽ ۾جا خاص فيچر ڪجهه هن ريت آهن.

فيڊرن/ ڪئنالن، واهن ۽ شاخن جي بندن جي واڌ ۽ مضبوطي.

ڊسٽربيوٽريز،واهن ۽ شاخن جي “واري”صفائي، ريگيوليٽرن ۽ دروازن جي مرمت ۽ تبديلي، روڊن تي موجود شاخن، واهن جي پلن جي تبديلي، ماڊيولن جي مرمت، ڪئنال نيٽ ورڪ جي ٽيليڪيونيڪشن نظام ۾ جدت آڻڻ، ڪئنال جي اسٽون پچنگ، ڊرينج سسٽم جي بحالي ۽ ريويمپنگ، ٽيوب ويلن جي بحالي ۽ تبديلي، پمپنگ اسٽيشن جي ٻين دروازن جي مرمت ۽ تبديلي، سمورين قسمن جي ڊرينن جي مڪمل صفائي ۽ ٽرانسفارمرن ۽ گم ٿيل مشينري جي مرمت ۽ فراهمي.

واٽر ڪورسن جي مرمت ٽيوب ويلن کان آبپاشي واٽر ڪورسن تائين.

ڪاغذن ۾ مذڪوره سمورن فيچرن جو تفصيل به فراهم ٿيل آهي. جيڪا لڳ ڀڳ 50 کان وڌيڪ فل سائيز جي صفحن تي لکيل آهي، جيڪا هن مخصوص صفحن جي اسٽوري ۾ نه ٿي شامل ڪري سگهجن.

رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايل ته سنڌ جي ٽنهي بئراجن، انهن جي 14 فيڊرن، ڪئنالن، واهن، شاخن، سمجهو ته سمورن آبپاشي ۽ ڊرينج سسٽم جي بحالي مڪمل ڄاڻائي وئي آهي.

سمورن ٽينڊرن جون ڪاپيون به موجود آهن، جن تي انهن جي لاڳت به لکيل آهي.

ان سڄي صورتحال ۾ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ٻوڏ کان سموري آبپاشي ۽ ڊرينج سسٽم کي Revamp ۽ بحال ڪيو ويو اهو به 13 ارب روپين جي هيڏي وڏي لاڳت سان ته پوءِ جڏهن ٻوڏ آئي ته ڪنهن به بند، شاخ، واهه زور ڇو نه جهليو؟ ۽ ٺڪاءُ ڪري گهارا پوندا ويا.

جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ صدي جو وڏي ۾ وڏو نقصان ڀوڳيو، جنهن جا اثر ڪيترائي سال سنڌ ۽ سنڌ واسين کي ڀوڳڻا پوندا.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جيڪي سرڪاري ڪاغذ افيئر هٿ ڪيا آهن اهي آبپاشي کاتي جي هر آفيس ۾ پيل آهن سو جيڪڏهن واقعي سنڏ حڪومت سنڌ جي مجرمن کي سزا ڏيڻ چاهي ٿي ته پوءِ اهي ڪاغذ گهرائي 2 ايماندار ماڻهو ويهاري سنڌ جي ڏوهارين جون سزائون مقرر ڪري سگهجن ٿيون ته آئنده لاءِ آبپاشي کاتي جو ڪو به آفيسر/ملازم گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي بئراجن، ڪئنالن واهن ۽ شاخن جي بجيٽ ۾ هيراڦيري ڪرڻ جي جرئت نه ڪري سگهي.

ڇاڪاڻ ته آبپاشي نظام سان سنڌ جي ڪروڙين ماڻهن جون زندگيون سلهاڙيل آهن، اهو آبپاشي نطام مضبوط رهندو ته سنڌ سلامت ۽ سکي رهندي ۽ جيڪڏهن نه ته پوءِ گلوبل وارمنگ جي نتيجي ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر سنڌ ۽ سنڌي قوم هوندي.

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو