Home / ڪور افيئر / !متحده جو رسامو ۽ حڪومت مخالف سياسي اتحاد جي تياري
above article banner

!متحده جو رسامو ۽ حڪومت مخالف سياسي اتحاد جي تياري

ايم ڪيو ايم سرڪار مان نڪري وئي. پر ايم ڪيو ايم کي سرڪار ۾ واپس آڻڻ جي ڪوشش به ٿي رهي آهي. ايم ڪيو ايم جي سرڪار ۾ واپسي ٿي به سگهي ٿي. نه به ٿي سگهي ٿي. فرض ڪريو ايم ڪيو ايم سرڪار مان نڪري وئي ته پوءِ ان کانپوءِ ٿيندڙ صورتحال کي منظر ۾ ڏسون. فرض ڪريو ايم ڪيو ايم واپس اچي ٿي ته ڇا ٿيندو؟ جواب اِهو ئي آهي ته ڪجهه به نه ٿيندو. سندن ڪجهه وڌيڪ مطالبا مڃيا ويندا. هُو ڪجهه وڌيڪ وقت سرڪار ۾ رهندي ۽ وري سرڪار مان نڪري ويندي. سواءِ جنرل مشرف سرڪار جي ايم ڪيو ايم ڪنهن به سرڪار ۾ آخري ڏينهن تائين نه رهي. سرڪار ۾ ٻيهر واپسيءَ کانپوءِ ايم ڪيو ايم جي سرڪار ڇڏڻ کانپوءِ جي حالت تي اچون ٿا. تلخ حقيقتون ۽ ڪجهه ڄاڻ آڌار اهڙا واقعا ڏسنداسين جيڪي اقتداري راند ۾ ايم ڪيو ايم لاءِ وڌ کان وڌ مطالبا مڃائڻ وارا ثابت ٿيندا آهن ۽ پيپلز پارٽيءَ کي جُهڪڻو پوندو آهي. ايم ڪيو ايم ڇهه ڀيرا اڳ سرڪار کان نڪري چُڪي آهي. ستون ڀيرو آزاد ڪشمير جي چونڊ بهانو بڻي. ڇو ته آزاد ڪشمير جي ٻن مهاجر سيٽن تي اليڪشن ڪميشن چونڊ ملتوي ڪري ڇڏي هُئي. ايم ڪيو ايم جي سرڪار مان نڪرڻ کانپوءِ سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ لاءِ ڪو مسئلو ناهي. سنڌ اسيمبلي ۾ سرڪار وٽ اڪثريت آهي. ڇو ته 168 جي ايوان مان 56 ميمبر ڇڏي باقي سمورا مميمبر جهڙوڪ سرڪار سان گڏ آهن. مسلم ليگ فنڪشنل، مسلم ليگ (ق)، اين پي پي، اي اين پي سڀ جو سڀ سرڪار ۾ آهن. ايم ڪيو ايم جي ڇڏيل 14 وزارتن مان ڪجهه ته بي اثر آهن پر ڪجهه وزارتون ٻين اتحادين کي ڏئي سگهجن ٿيون. بلڪه پييلز پارٽيءَ جا ڪجهه وزير چاهين ٿا ته کين سڻڀيون وزارتون ملي سگهن ٿيون. ايم ڪيو ايم وٽ صحت، ماحوليات، راندين، نوجوان،انساني حقن، انفارميشن ٽيڪنالاجي، پبلڪ هيلٿ، پرائس ڪنٽرول جهڙيون وزارتون آهن. ايم ڪيو ايم جي مطالبن جي فهرست ۾ تعليم، گهرو کاتي ۽ مڪاني ادارن جي وزارتن مان هڪ وزارت ڏيڻ به شامل آهي. ۽ سندس واپسي جي صورت ۾ اهم وزارتن مان ڪا هڪ وزارت وٽس هجي سگهي ٿي.پر سندس نه اچڻ جي صورت ۾ فنڪشنل ليگ، قاف ليگ ۽ اي اين پي هڪ هڪ وزارت حاصل ڪري سگهي ٿي. پيپلز پارٽيءَ اندر ڪجهه وزارتن جي تبديلي ٿي سگهي ٿي. پيپلز پارٽيءَ اندر هڪ گروپ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي وڏ وزارت جو اميدوار بڻائي کيس تڪراري بڻايو. ان صورتحال کي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سُتت ئي سمجهي ويو. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کان گهرو وزارت پڻ ايم ڪيو ايم جي مرضيءَ تي صدرآصف علي زرداري جي هدايتن تحت ورتي وئي هُئي. سندس موڪل پوري ٿي وئي آهي. ان ڪري سندس لاءِ گهرو زير بڻجڻ جو ٻيهر امڪان موجود آهي. هُو خود به قائم علي شاهه تي اعتماد ڪري چُڪو آهي ۽ سندس حق ۾ ٿيندڙ ريلين بابت چئي چڪو آهي. اِها سندس خلاف سازش آهي.

ايم ڪيو ايم جي وڃڻ کانپوءِ سنڌ ۾ گورنر جي سيٽ خالي آهي. ڊاڪٽر عشرت العباد گورنري جي سيٽ ڇڏي دبئي هليو ويو. هن جي ڪهاڻي۾ مزيدار ڳالهه اِها آهي ته ايوان صدر مُسلسل چوندورهيو ته کيس عشرت العباد جي استعيفيٰ نه پهتي آهي. ڊاڪٽر عشرت العباد 2002 جي چونڊ کانپوءِ مسلسل سنڌ جو گورنر آهي. سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر نثار احمد کهڙو گورنر هائوس ۾ رهيل آهي. پر ايم ڪيو ايم کانسواءِ جيڪڏهن سنڌ جو ڪو نئون گورنر بڻيو ته اُهو صدر آصف علي زرداريءَ جو انتهائي ويجهو ماڻهو هوندو. هن وقت تائين جن ماڻهن جا نالا گردش ۾ آهن تن ۾ سينيٽ جو چيئرمين فاروق ايڇ نائيڪ، پيٽروليم واور وزير سينيٽر ڊاڪٽر عاصم، صنعت ڪار انور مجيد ، جا نالا ٽاپ آف دي لسٽ آهن.

سنڌ ۾ ڪو مسئلو نه هوندو. البته وفاق ۾ عددي اعتبار سان ايم ڪيو ايم جو خال مسلم ليگ (ق) ڀريندي پر پيپلز پارٽيءَ خلاف مخالف ڌر جون جيڪي قوتون گڏ ٿي رهيون آهن انهن ۾ ايم ڪيو ايم جو وزن شامل ٿي ويندو. مسلم ليگ (ن) جماعت اسلامي ۽جي يو آءِ پاران ايم ڪيو ايم کي ويلڪم چوڻ ان سلسلي جي ڪڙي آهي. ايم ڪيو ايم اپوزيشن ۾ وڃي سگهي ٿي ۽ ان کانپوءِ پيپلز پارٽيءَ لاءِ مشڪل صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي. خاص ڪري صدر آصف علي زرداري جو مارچ 2012 ۾ سينٽ جي چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻڻ وارو خواب اڌورو رهجي سگهي ٿو. ڇو ته اپوزيشن جون سڀ جماعتون گڏجي ايندڙ وقت ۾ “مڊٽرم” چونڊ لاءِ ماحول ٺاهي سگهن ٿيون. سرڪار مخالف عدليه جو هنن ڌرين کي ساٿ ملي سگهي ٿو.

ذريعن وٽان ملندڙ ڄاڻ موجب خود ايم ڪيو ايم اندر وزيرن ۽ گورنر جو هڪ وڏو حلقو سرڪار ۾ رهڻ جي حق ۾ آهي.ايم ڪيو ايم جي ڪيترين ئي وزيرن جو موقف هو ته ڪشميرجي ٻن سيٽُن ڪري 14 وزارتون ڇڏڻ گهاٽي جو سودو آهي. پر ڪجهه قوتن جو خيال آهي ته ايم ڪيو ايم جي حڪومت مان علحدگي ڪنهن نئين راند جي شروعات آهي. اُها راند سرڪار کي هٽائڻ لاءِ کيڏي ويندي. ممڪن آهي ته اها راند ڪامياب نه وڃي هن کان اڳ به سرڪار کي گهر ڀيڙو ڪرڻ جون سازشون ٿيون جيڪي ناڪام ٿي ويون. عام تاثر اِهو آهي ته ايم ڪيو ايم جي سرڪار مان نڪرڻ کانپوءِ ڪراچي ۾ امن امان جو مسئلو پيدا ٿيندو. ڏٺو وڃي ته ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال هونئن ڪهڙي بهتر آهي. ٽارگيٽ ڪلنگز ۾ ويهه ويهه ماڻهو هڪڙي ڏينهن ۾ مارجن ٿا. امن امان جي صورتحال ته اڳي ئي خراب آهي. البته ايم ڪيو ايم جي سرڪار مان وڃڻ جي صورت ۾ پوليس اندر وڏي ڀڃ ڊاهه ٿيندي. ڇو ته ٿاڻن تي ايم ڪيو ايم جا ايس ايڇ اوز ۽ ايس پيز لڳرايل آهن. مختلف سرڪاري کاتن ۾ تبديليون اينديون. شهري سرڪاري تي اڄ به سندس مرضي هلي رهي آهي. ڪراچي ۾ دهشت گردن خلاف ٿيندڙ پوليس ڪاروايون سياسي مداخلت سبب رڪجي وينديون آهن اهڙين ڪارواين ۾ واڌارو ٿي سگهي ٿو ۽ ايم ڪيو ايم جي حامي ماڻهن جون وڏي پئماني تي گرفتاريون ٿي سگهن ٿيون. ڪميونٽي پوليس وارڊن جي نالي ڀرتي ٿيل ڪارڪنن خلاف ڪاروائي ٿي سگهي ٿي. اهڙا ٻيا کوڙ عمل هوندا جيڪي ظاهر آهي ته دوستي ختم ٿيڻ کانپوءِ شروع ٿي سگهن ٿا.

ايم ڪيو ايم تي سختي ٿيڻ جي صورت ۾ گڏيل اپوزيشن بعد ۾ اسيمبلين تان استعيفائن جو “پتو” کيڏي سگهي ٿي. جنهن جو مقصد وقت کان اڳ چونڊون ڪرائڻ هوندو. جنهن جو سياسي نقصان بهرحال پيپلز پارٽيءَ کي ٿيڻو آهي. اطلاع آهن ته پيپلز پارٽي ڪنهن به وڏي نقصان کڻڻ بدران ايم ڪيو ايم کي هرحال ۾ خوش ڪري ٻيهر سرڪار ۾ آڻڻ چاهي ٿي. ان لاءِ مسلم ليگ (ق) جو سربراهه چوڌري شجاعت حسين ٽياڪڙي ڪري رهيو آهي. هن ڀيري رحمان ملڪ “پس پرده” ٿي ويو آهي. ايم ڪيو ايم جو هاڻي مٿس به اعتماد نه رهيو آهي. ذريعن چواڻي گذريل هفتي لنڊن ۾ صدر آصف علي زرداريءَ جو الطاف حسين سان رابطو ٿي چُڪو آهي. ڳالهيون ٿي چُڪيون آهن پر ايم ڪيو ايم هِن ڀيري ٺوس ضمانتون گهري ٿي. ممڪن آهي ته چوڌري شجاعت حسين ئي ضمانتي بڻجي وڃي. انڪري ايم ڪيو ايم جي سرڪار ڇڏڻ ۽ سرڪار ۾ واپسي “اڌو اڌ” يعني ففٽي ففٽي آهن. پيپلز پارٽي پنهنجي سرڪار جو مدو پورو ڪرڻ چاهي ٿي ان لاءِ ممڪن آهي ته ايم ڪيو ايم جا ڪجهه وڌيڪ سخت مطالبا به مڃي وٺي جيڪي ٽن سالن تائين سرڪار نه مڃيا پر سڄي صورتحال جو ان ڳالهه تي دارومدار آهي ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم کي سرڪار ۾ رهڻ جي پڪ ملي وڃي ٿي ته پوءِ شايد ايم ڪيو ايم واپس اچي وڃي پر جيڪڏهن “ڌرين” اِهو فيصلو ڪري ڇڏيو ته سرڪار کي ناهي ڇڏڻو ته پوءِ ايم ڪيو ايم واپس اچڻ بدران سرڪار ڊاهيندڙ ڌرين سان گڏجي پاڻ لاءِ ماحول صاف ڪندي.

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو