Home / شوبز / !پريانڪا 29 سالن جي ٿي وئي
above article banner

!پريانڪا 29 سالن جي ٿي وئي

پنهنجي ادائن سان ڏسندڙن جون دليون ڌڙڪائي ڇڏيندڙ ۽ اداڪاري بدران جسماني نماءُ تي ڀاڙي ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي خواهش رکندڙ بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا تان جوانيءَ جو سج تيزيءَ سان لهڻ شروع ٿي ويو آهي. فلمن ۾ 16 سالن جي ڪنواري ڪلي جا ڪردار ادا ڪندڙ پريانڪا چوپڙا 18 جولاءِ تي 29 ورهين جي ٿيڻ واري آهي، هڪ طرف هوءَ پنهنجي وڌندڙ عمر جي ڪري پريشان ته آهي، پر پنهنجي سالگرهه تي سندس ماءُ پاران ملندڙ سوکڙين تي تمام گهڻي خوش نظر اچي رهي آهي. اهي سوکڙيون في الحال تي سرپرائز آهن، پر چيو پيو وڃي ته هن ڀيري پريانڪا جي ماءُ کيس ڪا تمام خاص سوکڙي ڏيڻ واري آهي. پريانڪا چوپڙا 18 جولاءِ تي 29هين سالگرهه ملهائيندي. هن سال سندس پُکي ۾ “اگني پٿ” جو ريميڪ، فلم “برفي”، “ڪرش”، ۽ ڪُنال ڪوهلي جي هڪ فلم کُلي آهي، جنهن ۾ سندس هيرو سندس بواءِ فرينڊ شاهد ڪپور هوندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو