Home / افيئر / !150 سال پراڻي مساڻ جي رکوالي هڪ بلوچ صوفي منش ڪرڻ لڳو
above article banner

!150 سال پراڻي مساڻ جي رکوالي هڪ بلوچ صوفي منش ڪرڻ لڳو

پاڪستان جهڙي مذهبي ملڪ ۾ اها نهايت دلچسپ ڳالهه آهي ته هڪ مسلمان بلوچ مراد بخش هندن جي مساڻ (قبرستان) جي رکوالي ڪندي فخر محسوس ڪري ٿو.

150 ورهيه پراڻو هندو گجر ڪميونٽي جو قبرستان ۽ سنڌي هندن لاءِ مساڻ طور استعمال ٿيندڙ اها جاءِ ڪراچي ۾ موجود آهي، جيڪا لڳ ڀڳ 5 لک اقليتي ماڻهن جي ڪم اچي ٿي. مک گيٽ کان اندر جيئن داخل ٿبو ته مراد بخش بلوچ تي نگاهه پوندي جنهن پنهنجي اڌ عمر مرده هندن کي اتي زمين ۾ دفن ٿيندي ڏٺو آهي. اقليتن جو اهو قبرستان شهيد بينظير ڀٽو جي مضبوط مرڪز لياري ۾ موجود آهي. بلوچ ان 22 ايڪڙن تي مشتمل قبرستان ۽ مساڻ جي نه رڳو 1990ع کان سار سنڀال لهي رهيو آهي بلڪه مڙهه جي اگني سنسڪار لاءِ ڪاٺيون ۽ ٻئي سامان جو به هو پاڻ ئي انتظام ڪندو آهي.هو ان مساڻ اندر موجود مندرن اندر رکيل مورتي جو ته خيال رکي ٿو پر انهن کي صاف سٿرو پڻ رکي ٿو. ان کانسواءِ هو روزانو مندرن اندر ڏيئا پڻ روشن ڪري ٿو جيڪو پڻ هندو مذهب جو اهم عقيدو آهي.

“مئلن توڙي جيئرن جي خدمت ڪندي خوشي محسوس ڪريان ٿو” هو چوي ٿو “ اسلام مو نکي امن ۽ سڪون جو درس ڏنو آهي” هن چيو.

واضح رهي ته 1998ع جي آدمشماري موجب پاڪستان ۾ هندو ڪميونٽي 30 لکن جي تعداد ۾ آهي. جيڪو اقليتن ۾ سڀ کان وڏو انگ آهي. هندن جي اڪثريت ڪراچي، ميرپور خاص ۽ سکر جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رهي ٿي. انهن مان گهڻائي جو تعلق هيٺئين طبقي سان آهي. انهن مان گهڻا ئي بي زمين هاري، لوهار ۽ مزدور آهن.

ڪراچي جتي اڄڪلهه لينڊ مافيا جو بول بالا آهي. زمين جو ڪو به ٽڪرو محفوظ ناهي جڏهن ته ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ به هزارين ماڻهو موت جو کاڄ ٿي ويا آهن. اتي شهر جي دل ۾ گجر هندو ڪميونٽي جو قبرستان/ مساڻ اڃا تائين محفوظ هجڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي.

مراد بخش بلوچ کلندي “افيئر” کي ٻڌائي ٿو ته “جيتوڻيڪ بلوچ ويڙهاڪ تصور ڪيا ويندا آهن پر اسان پاڪستان ٺهڻ کان اڳ به ڏهاڪن تائين ڪراچيءَ ۾ هندن جي خدمت ڪئي”

ياد رهي ته ورهاڳي کان اڳ ڪراچي ۾ هندو ڪميونٽي اڪثريت ۾ هئي ۽ سندس تعلق گهڻو تڻو وڻج واپار سان هو. پر 1947ع ۾ پاڪستان ۽ هندستان ٺهن کانپوءِ هندو پاڪستان مان لڏي ڀارت هليا ويا. جيڪي گهڻي ڀاڱي مهاراشٽر ۾ وڃي ترسيا. سرڪاري انگن اکرن موجب اڄ به ڪراچي ۾ پنج لک کن هندو ڪميونٽي جا ماڻهو رهن ٿا. سواءِ غريب ۽ هيٺئين ڪلاس جي هندن جي. هيٺئين طبقي جا هندو پنهنجن پيارن جي لاڏاڻي کانپوءِ زمين ۾ پوريندا آهن جڏهن ته صاحب حيثيت ماڻهو پنهنجي پيارن جو اگني سنسڪار ڪندا آهن.

حقيقت اها آهي ته مراد بخش بلوچ هندن جي هن مساڻ جي ڪنهن مذهبي پنڊت وانگر سار سنڀال لهڻ سان گڏ نه رڳو ان زمين جو محافظ بڻيو ويٺو آهي بلڪه اتي موجود هندن جي پيارن جي “رک” جي به رکوالي ڪري رهيو آهي.

عام طرح هندو پنهنجي مري ويل پيارن جي مڙهه کي باهه ۾ ساڙيندا آهن. پر انهن جي رک کي ٺڪر جي ٿانو ۾ محفوظ رکندا آهن. هتي 130 جي لڳ ڀڳ ٺڪر يا پلاسٽڪ جي ٿانون ۾ موجود رک ڳاڙهي ۽ اڇي ڪپڙي ۾ ويڙهيل گلن جي پنکڙين وچ ۾ محفوظ آهن جن تي سڃاڻپ خاطر سنڌي، اردو، هندي ۽ انگريزي ۾ معلومات پڻ ڏنل آهي.

واضح رهي ته هن قبرستان ۾ اقليتي مردن کي دفن ڪرڻ يا سندن رک کي محفوظ ڪرڻ واري سهولت رڳو هندن لاءِ ناهي. ٻُڌ، جاپاني، ۽ چيني به پنهنجا مردا هتي دفن ڪري سگهن ٿا. ليڪن ٻئي طرف اها نهايت افسوسناڪ حقيقت به سامهون آئي ته هندو پنهنجي پيارن جي محفوظ ڪيل رک ڀارت وڃي گنگا جمنا حوالي ڪرڻ چاهين ٿا پر کين اهڙي اجازت 1971ع کان سرڪار طرفان نه پئي ڏني وڃي.

مراد بخش بلوچ پنهنجون ساروڻيون ساريندي چوي ٿو ته جڏهن آءَ اڃا ٻار هئس تڏهن کان هي شمشان گهاٽ ڏسندو اچان. هتي هندو ڪميونٽي جا ماڻهو اچي پنهنجا مڙدا ساڙيندا هئا. جڏهن ته ان زماني ۾ پبلڪ پارڪ نه هجڻ ڪري ماڻهو شام جي پهر ۾ اچي چهل قدمي پڻ ڪندا هئا. هن چواڻي مونکي ٻاروتڻ ۾ حيرت ٿيندي هئي ته هندو پنهنجا مڙدا ساڙين ڇو ٿا؟ ليڪن مونکي منهنجي وڏڙن ٻڌايو ته اهو سندن مذهبي عقيدو ۽ رسم آهي.

هن کي اهو پڻ چـڱي ريت ياد آهي ته ڪيئن هن مساڻ جو رکوالو مهاراج دُرگا مڙدي ڀارتي کي ساڙڻ وقت مذهبي پاٺ پڙهندو هو. “درگا ڀارتي زبردست ماڻهو هو. هو ٻارن ۾ ميڻ بتيون ۽ کٽمٺڙا ورهائيندو رهندو هو. هر ڪنهن سان خوش اخلاقي سان پيش ايندو هو پوءِ ڀلي اهو مسلمان ڇو نه هجي.”

مراد بخش بلوچ ٻڌائي ٿو ته گذريل دور ڏاڍو ڀلو هو جڏهن مذهب جي بنياد تي ڪنهن سان به ڪا زيادتي نه ٿيندي هئي. ماڻهو پنهنجي ڌنڌي ڌاڙي جي اعتبار کان سڃاتا ويندا هئا. هن کي هندو مساڻ جي رکوالي ڪندي ڪو مسئلو ناهي. هو چاهي ٿو ته سندس مئي پڄاڻا سندس پٽ اياز بلوچ اهو ڪم جيئن جو تيئن جاري رکي.

پاڪستان هندو فائونڊيشن جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر گووندرام ڌيراڻي جو چوڻ هو ته “مساڻ جي رکوالي هڪ مسلمان بلوچ طرفان ڪرڻ تي آءَ نهايت خوش آهيان. ڇو ته پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ هڪ مسلمان ئي ان جي بهتر رکوالي ڪري سگهي ٿو.”

جيتوڻيڪ 1947ع ۾ قيام پاڪستان کانپوءِ ملڪ ۾ انتهاپسندي عروج تي آهي. ليڪن سنڌ واحد صوبو آهي جيڪو مذهبي انتهاپسندي کان ڪوهين ڏور آهي، هتي هندو توڙي مسلمان گڏيل ثقافتي ڏينهن ملهائن ٿا ۽ صوفي ڪلچر جي لڙي ۾ جوڻيل آهن.

جيتوڻيڪ ويجهڙ وارن سالن ۾ پاڪستان مان هندو ڪميونٽي ڪافي لڏپلاڻ پڻ ڪئي آهي پر سنڌي هندو ان لڏپلاڻ ۾ گهڻو شامل ناهي. اهو ئي سبب آهي ته سندن اڄ به وڏو تعداد هتي امن ۽ آشت سان رهي ٿو.

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو