Home / ويندي ويندي / !سال سڄو رت پيئندڙ ۽ هڪ ڏهاڙي تي رت ڏيندڙ مجنون
above article banner

!سال سڄو رت پيئندڙ ۽ هڪ ڏهاڙي تي رت ڏيندڙ مجنون

سال جا ٽي سئو پنجهٺ ڏينهن ٿين ٿا. جيئن ڏائڻ هڪ گهر ٽاريندي آهي. تيئن هي مجنون به هڪ ڏينهن ٽاريندا آهن. 21 جون جو ڏينهن- 21 جون تي هي مجنون اوهان کي شهيد بي بي جي جنم ڏهاڙي تي رت جون بوتلون ڏيندي ملندا، باقي سڄو سال هي مجنون رت پيئندي ۽ ڪُٽي کائيندي نظر ايندا آهن.

خير، اوهان ان مخلوق کي Vampire يا چمڙو نه سمجهو، رت پيئڻ اسان محاوري طور استعمال ڪيو آهي، عقل واري لاءِ اشارو ڪافي آهي باقي ماڻهن لاءِ بيان هن ريت آهي ته هي مخلوق سڪي سڪي جڏهن اقتدار ۾ ايندي آهي ته اقتدار مان سالن جي وڇوڙي جي ڪسر ڪجهه مهينن ۾ ڪڍڻ چاهيندي آهي. اوهان ان کي پيراڻو ڏن چئو، راڄوڻو ڏنڊ چئو، يا چالو زبان ۾ تاوان. بهرحال سنڌ کي اهو ادا ڪرڻو هوندو آهي، جيڪو سنڌ ڪندي رهي آهي. روڊ رستا ٺاهڻ، ناليون پڪيون ڪرائڻ، پاڻي سپلاءِ ڪرڻ جون اسڪيمون جوڙڻ ۽ هلائڻ وغيره وغيره لاءِ ملندڙ ڏوڪڙ، ٺيڪيدارن ۽ انجنيئرز سان ملي بنا اوڳرائي ڏيڻ جي هضم ڪرڻ، سڻڀين نوڪرين کي هيڏانهن هوڏانهن ڪري ڪامورن معرفت نذرانو وصول ڪرڻ، ترقياتي رٿائن کي پراجيڪٽ ڊائريڪٽرز سان ملي “پايه تڪميل” تائين رسائڻ جي هنر ۾ هي مخلوق يڪتا آهي. يڪتا مان ياد آيو ته سندن مضبوط مرڪز سان “ايڪتا” جو اهو حال آهي جو اقتدار کان ٻاهر هوندي جيڪي رڙيون سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ ۾ حق ڏيارڻ لاءِ ڪندا رهيا سي اقتدار ۾ ايندي ئي کانئن وسري وڃن ٿيون. سنڌ کي خراب حڪمراني ڏيڻ ۾ سندن ڪو به مٽ ثاني ڪونهي. جتان ڏوڪڙ ٺهي سگهي ٿو، اتان ٺاهڻو آهي. ٻارن کي مفت ڪتاب ڏيڻ لاءِ ڏوڪڙ ڀلي ورلڊ بئنڪ ڏئي يا يونيسيف، هنن کي اتان به ڪميشن کپي نه ته ڪتاب نه ڇپرائبا، جي ڇپيا ته کين گدامن ۾ رکي رکي ساڙي ڇڏبو. ماسترن جي مقرري تي، ٿاڻن ۾ عملدارن جي تقرري تي، هر شئي تي بڙا پير پيسا جو ترانو وڄندو رهي ٿو.

پر 21 جون تي هي مجنون سڀ ڪم ڇڏي شهيد راڻي لاءِ رت جا ڏيئا ٻارڻ لاءِ جمع ٿين ٿا. الائي ڇو اسان جي مست من ۾ اچي ٿو ته کين گذارش ڪجي ته اوهان پاران شهيد بي بي لاءِ رت ڏيڻ جي قرباني بهرحال تاريخ ۾ چاندي جي حرفن سان لکي ويندي پر جي اوهان سنڌ جو رت پيئڻ بند ڪريو، سنڌ کي سٺي حڪمراني ڏيو، ڏوڪڙ کائڻ ۾ هاضمي جي به پرواهه ڪريو ته هوند اوهان نالو تاريخ ۾ هيرن جواهرن ۽ موتين سان جڙيل اکرن سان لکيو وڃي.

پر تاريخ جي پرواهه جن کي هوندي آهي سي يا ته ڦاهي چڙهي وڃن ٿا يا لياقت باغ ٻاهران گولي جو شڪار ٿين ٿا- تاريخ بدران مايا کان متاثر ماڻهوءَ لاءِ هر شئي راند آهي. سنڌ به هڪ ڪارڊ آهي. سنڌ جي ٽوپي ۽ اجرڪ ڏيکاري مضبوط مرڪز کي ياد ڏياربو ته اسان کي نوڪري مان ڪڍڻ جا ڇا نتيجا نڪري سگهن ٿا. اسان کي ته ويچار ان تي آيل آهي ته ڇا هي مخلوق کين اهو به ٻڌائيندي هوندي ته کين نوڪري ۾ بحال ڪرڻ جا سنڌ لاءِ ڇا نتيجا نڪري سگهن ٿا؟

۽ ڇا چئجي ته ملڪ جي اصل مالڪن کي سندن پوئين ڳالهه وڌيڪ سمجهه ۾ ايندي هوندي الائي اڳين؟

ڇو ته سندن اقتدار ۾ جتي سنڌ جو اپني چورائڻ ۽ ٽيڪس ڦٻائڻ “وڏي ڀاءُ” لاءِ سڻائو ٿي وڃي ٿو اتي سنڌي ماڻهو کي جيڪا پنائو فقير جيان هٿ ٽنگ جي عادت هي سرڪار وجهي ٿي سا ته جنرل ضياءَ جي فرشن کي به خبر ڪا نه هئي. ضيا اجايو کانئن ڊڄندو رهيو ۽ آمريت جو ڏنڊو ملڪ تي وسائيندو رهيو، هو کين سويلين پارٽنر چونڊي ڇڏي ها، آمريت سندن لاءِ امرت ۾ تبديل ٿي وڃي ها.

 


below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو