Home / افيئر / !سامهون هڪ صديءَ جي
above article banner

!سامهون هڪ صديءَ جي

هڪ صديءَ پُراڻي وڻ ۽ ايتري ئي جُهوني انسان منجهه هڪجهڙايون ڳولهڻ گهڻو مشڪل ڪم نه آهي. اسان جي مدد لڪيرون ڪنديون. لِينگها، وقت جيڪي ٻنهي مٿان ڇڏيا هوندا. ڪِٺُ ٿيندڙ ڪاٺي ۽ هَاٺِي جا وٽن پاڻ کي ملندي. لڙڪندڙ کل ۽ پوراٺا ڇوڏا. ظاهري طور کاڌل پر زمين ۾ هيٺ گهڻو هيٺ کتل پاڙون. بدليل رنگ. اتهاس. زماني جي لوڏن () سان جُهڪندڙ ۽ پوءِ سڌو ٿي بيهندڙ ماڻهو. گرمي سردي ۽ جَهڪَ وَاءَ سان ڌرتيءَ کي ڇُهندڙ ۽ وري اُڀو ٿي آسمان ڏانهن نهاريندڙ درخت. ڪمزورين، مصلحتن ۽ ڪنهن وير آڪڙ، مهاڏي جي ڳالهه. ونڊ ۽ ڪٽ بعد نهٺاءَ جو اڻ مَيَو اظهار. مجاز ۽ حقيقت جي ٻيگهيءَ ۾ ڦاٿل اسان کي نه سمجهه ۾ ايندڙ پيار. شفقت اهڙي جنهن منجهان هيانءُ ڀرجي ئي نه.

ٻار ڪيترو به گدلو هجي پر منجهانئس بُوءِ نه ايندي. اڌڙوٽ ڪيڏو به صاف سُٿرو ۽ عطرو ڪوڙيل هجي پر وٽانئس ڌپ ٻُرڻ نه ڇڏيندي. ٻوڙهائپ ۾ ٻالڪپڻو موٽي ٿو اچي سو هڪ صدي ڄمار ماڻيندڙ انسان جي لڱن ۾ انوکي خوشبوءِ هوندي. ٻُور يا گل ٻاٽي نه به هوندي عجب هُڳاءُ پُراڻي وڻ ڀرسان پائبو. معصوميت سان ٽٻٽار ڏسبا. بنهه ابهم مخلوق. ٻنهي جا ٿُڙ هاڻ جيت جَڻي، نانگ بَلا، نُوريئڙي جي ٻِرَ ۽ گهر طور استعمال ۾ نه هوندا. ڪٺوڙ اڏوهي کانئن پري پئي ڀَڄندي. نون ڦٽندڙ پَتن جا گوءنچ دلبر قسم جي نزاڪت ۽ نفاست جو ڏيک ڏيندا. آسپاس جي جنسار لاءِ لازمي طرح احترام جوڳا. پوترتا جا اهڃاڻ.

اڪيلا نڪرو ۽ سوء سال پوڙهي جي ڀِڪَ ويهي رهيو. اڪيلا وڃو ۽ سوء سال پُراڻي ٽالهيءَ جي هيٺان سُمهي رهو. چترڪاري نه ڄاڻيندي به وقت جي تصوير چٽڻ تي اوهاڻ جي دل چوندي. هنرمند نه هوندي به مُور تي جوڙن ڪاڻ مَنَ ۾ اُتساهه ڀريو. اوهان هڪ صديءَ کي هزار صدين سان ضرب ڏيندا. ٻولار ۾ نهايت وڏي شبيهه اُڀرندي. ڏهه ڏهاڪا جُهور انسان ۽ درخت جي شڪلين کي ضرب ڏيندا ويندا ۽ سامهون اُڀ تي نئون () روپ وٺندو ويندو. ان کي اتهاس ڪَوٺجي ته غلط نه ٿيندو. ڳاڙهي، سائي، نيري، اڇي، ڪاري رنگن جي ميلاپ جي تصوير. خاموشيءَ سان انتظار ڪندا ته چِتر منجهان هڪ ديوي قدم وڌائيندي اوهان آڏو اچي بيهندي. اُميد، ڀروسي ۽ اُتساهه جي حُور. پنهنجي وجود ۾ سرشاري ڀائيندا. اُها توهان منجهه گهڙي ويندي. سمئه کي وڏي بَرَ سان نهارڻ مان اهو فائدو آهي. پَاڇي_ همت ۽ جُرائت ئي پلئه پونديون. آسرو کڻي موٽندا. سسئي وانگر ڏونگر ڏاري سگهڻ جيترو سَتُ اوهان وٽ هوندو. ڏند ڪٿائون رڳو ڪوڙ ته نه آهن. ماڻهوءَ جا ڪرشما آهن. آسانيءَ سان حاصل ٿيندڙ نه نه آهن.

ڪَچَي منجهان گذر ٿئي ته کبڙ جي اڻپوري پَاڇي ۾ ڇڳل کٽ تي، هڏڙن جي مُٺ، جِيوُ هوندو. مکيون وڪوڙيل. پاڻ پاري جوان نسل جي بي ڌيانيءَ جو شڪار. ڏهون ڏهاڪو جيئندڙ اهو منش هورڙيا ئي سهي پر درياءَ جي ڪُنَ بابت اوهان کي سُڻائيندو. ڳوٺ ۾ کُوهيءَ جي هجڻ جي اهميت. ڪپر کاڄندو ته منجهانئس ڏاچيءَ جون ٽاڄيون ٻڌبيون . سِرَ بچائي ڀڄي نڪريو. پوڙهائپ تجربن جي بنياد تي ڳالهائيندي آهي. سندس ويجهو وڃبو ته ڏاهپ جا اولڙا پسبا. اڃا ٻي ڳالهه. سوء سال پُراڻي وڻ لاءِ مشهور هوندو آهي ته اُن جي ڦهلاءَ جي حد تائين اوهان نانگ يا ڪنهن ٻئي ذهريلي جيت جي چَڪَ کان محفوظ هوندا. ان کي ڏَيَا چئجي جو ڪِٺُ وڻ جي ڇَانوَ هيٺان سَڀُ به همت ساري نه سگهندو جو وڃي ۽ انسان سان ازلي وير پاڙي اچي. ٻاجھه. هائو سائين! ٻُڍائپ ٻاجھه جون خرزينون ڀريل هوندي آهي. ڏاهپ ۽ تحفظ جو ڀرپور احساس_اهڙا املهه موتي اتهاس وٽان ئي پائي سگهجن ٿا.

غور ڪندا ته گهاٽو وڻ پنهنجي ويجهو ٻئي ڪنهن ٻوُٽي کي اسرڻ نه ڏيندو آهي. پر جي اهو وڻ سَائو سال ٻُڍو هجي ته وڏي ڪڙم سان نهاربو. سندس ئي پاڙن مان ڦُٽي نڪتل ڪيئي ٻچڙا هوندس. جُدا جنس وارا الڳ. پاڻ سُسندو ننڍو ٿيندو ويندو. نئين پود گهيريندي ويندس. هُو، ڏانهن ڏسي گدگد پيو ٿيندو. اولاد جي ٽارين مان ڪرندڙ ڦل هن جي پيرن ۾ ٽپا ڏيندو ته پاڻ به جُهڪي اهي چُمڻ جي پيو ڪندو. زندگيءَ جي يگانو منظر اوهان کي نظر ايندو. ساڳي ڳالهه انساني حياتيءَ تي لاڳو ڪبي ته به سمجهه ۾ ايندڙ نه آهي. پوڙهائپ ڦهلاءَ ۾ مُسرت ڳولهيندڙ هوندي آهي. ڪٽنب جا مڙئي لاوا ڪانڊا هڪ جيترو عزيز رکندڙ. سڀني لاءِ ويچاريندڙ. ڀلائي چاهيندڙ. ڪوسي ٿڌي کان بچاءُ ڦولهيندڙ.

پيار، ٻاجهه، چڱائي_ ٻُڍائپ جو صلو آهن جيڪي سدائين ٻين جي واپرائڻ خاطر هجن ٿا. مٿي لکيل پٽاڙ واريءَ جي دماغ ۾ ڪجهه ڏينهن پهريائين هڪ موقعي تي آئي. ڀَال ساٿين جا جَو مون ڪين جهڙي ماڻهوءَ کي سائين ابراهيم جويي جي قدم بوسيءَ لاءِ وٺي ويا.

آصف بالادي، حميد سبزوئي، همسفر گاڏهي ۽ عبدالرزاق سولنگي. ڄامشوري جي سخت منجهند جو اول ته طارق عالم جي ڇپر هيٺان آسيس ورتوسين. سندس ٽيجهي تي کوڙ سارا اديب، ڏاها ۽ شاعر آيل هئا. مرهيات پنهنجي تڏي تي ٻه گرانهه مانيءَ کانسواءِ نه ڇڏيو. اُتان ٿي انيڪ قربانيون ڏيندڙ پيءُ جي وصال تي، ساڳي ئي ارپنا رکندڙ پُٽ راشد ميمڻ وٽ حاضري.

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو