Home / ڪور افيئر / !….سمنڊ ٿو مونکي سڏي
above article banner

!….سمنڊ ٿو مونکي سڏي

هن هڪ ڏينهن اڳ ۾طارق عالم ابڙي جي مرتئي تي تعزيت ڪندي ان جي تاثراتي نوٽ بوڪ تي ڪشق واري ڪيفيت ۾ اڳڪٿي ڪندي لکيو هو ته “انسان کي “آهي” مان “هو” ٿيڻ ۾ وقت ڪيترو ٿو لڳي.” ۽ ان ئي رات چنڊ چمڪڻ کان نابري واري آسمان تي ڪاري گلاب وانگر ٿي پيو هو ۽ هيٺ سنڌ جو سهڻو سيبتو ۽ محبتي شاعر رت ۾ ٻڏي زندگيءَ جي آخري ويڙهه وڙهي رهيو هو ۽ نيٺ موت جي ڪاري حبشي کيس پنهنجن هٿن ۾ کڻي ورتو هو.

اهو اياز ۽ استاد کانپوءِ ٻين شاعرن کي ڇڏي سنڌ جو وڏو شاعر، اسان جو دوست بيحد قربائتو ۽ محبتي انسان حسن درس هو. پر سچ اهو آهي ته حسن درس ۽ طارق عالم ابڙو جهڙا تخليقڪار ڪڏهن به هو ۾ تبديل نه ٿيندا آهن ۽ سدائين “آهي” ئي رهندا. اسان جا صوفي منش، وحدت الوجودي ۽ خوديءَ کان مٿڀرا شاعر ۽ سرجڻهار رڳو امرتا پريتم وانگر اهو سمجهندا آهن ته ڏک، درد، غربت ۽ پريشانيون هن ڪائنات جي تخليقڪار جون ڄڻ پروف جون چڪون آهن ۽ هو انسان ذات جي زخمي روح کي پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ ذريعي پها رکي ڄاڻندا آهن، ايئن برابر آهي ته جڏهن ديوتائن هن ڪائنات کي جنميو هو ته هميشه جي حياتي پنهنجي کاتي ۾ لکي ڇڏي هئي ۽ موت انسان جو ڀاڳ بڻيو هو. انسان جي ان لازميءَ ڪمزوري تي طنز ڪندي غالب چيو هو ته “موت ئي انسان کي مجبور ڪري وڌو آهي نه ته هو ايترو ته وڏائي وارو هو جو خدا کي به ليکي ۾ نه آڻي ها.” پوءِ به هر شاعر، تخليقڪار، اديب، موجد، ۽ سائنسدان جيڪي پنهنجي هٿ قلم توڙي ذهن ذريعي ڪجهه اهڙيون ڪرامتون ڪن ٿا جو سمئه جي سيني ۾ هميشه لاءِ ترسي پون ٿا ۽ يادگيرين سميت ڪنهن محفل جي ٽهڪن ڳالهين۽ گفتن ۾ مڌ جي خمار وانگر موجود هجن ٿا.

ته حسن درس ته اهڙو ئي دلبر ۽ روح پرور يگانو انسان هو. هو اسان جو دوست، هم عمر ۽ هم عصر ضرور هو، پر پنهنجي محبتي توڙي شاعراڻي نگاهه ۾ اسان کان گهڻو اڳتي هو، هن جو ڊڪشن، تشبيهون، اندازِ بيان، منظرڪشي، لفظن جي چونڊ، سڀني کان نرالي هئي. جيڪو هڪ ئي وقت فيض جي شاعريءَ وانگر رومانس ۽ حب الوطنيءَ جي سرحدن کي ڇهندو هو ۽ سندس شعر پڙهڻ، ٻڌڻ توڙي ڳائڻ ۾ ساڳيءَ طرح لطف ڏيندڙ هوندو هو. سنڌ جي هن ڏڍ ۽ ڏوٿيءَ جي ڳوٺ مشائخ هوٿيءَ ۾ سندس جنازي نماز ۾ شرڪت بعد اندازو ٿيو هو ته هن پنهنجي محبت جي ويڙهي ۾ ڪيترن اديبن، شاعرن، فنڪارن توڙي عام آدمين کي شامل ڪري ڇڏيو هو. جيڪي اها دردناڪ خبر ٻڌي ديواناوار سندس آخري ديدار لاءِ پنهنجا پنهنجا ڪم ڇڏي ڀڳا هئا ۽ اهو پتو به پيو هو ته هن جي فن ۽ محبتن جي حُسن، هڪ نسل نه پر ڪيترن ئي نسلن کي متاثر ڪيو هو. سنڌ جا سمورا ناميارا حال حيات اديب، شاعر ۽ تخليقڪار اياز کان سواءِ شايد ئي ڪنهن اديب جي آخري رسمن ۾ ايتري تعداد ۾ شريڪ ٿيا هجن. اها ئي هئي حسن جي حُسن جي خوشبوءِ جي ثابتي، باقي ان سان ڪهڙو فرق ٿو پوي ته ادبي سنگت ٽن ڏينهن بدران ٻه ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. اهي ڪوماڻيل ۽ ملول چهرا، اشڪبار اکيون ۽ ڏک ۾ چيل اڌوگابرا جملا ۽ هر وقت ڪنهن نه ڪنهن پاسي کان ايندڙ سڏڪن جا آواز، سڀني اخبارن ۽ سنڌي ٽي وي چئنلن جي موجودگيءَ ۾ سوڳ ۾ ورتل لمحا ۽ موبائيل تي ايندڙ SMS جي ٻوڏ ٻڌائي رهي هئي ته اڄ سنڌ کان غيرمعمولي انسان ڪو درويش يا پنهنجي فقيراڻي ۽ محبتي مزاج توڙي لازوال فن وسيلي هزارين دلين جون محبتون حاصل ڪندڙ انوکو انسان وڇڙي ويو آهي. شايد سنڌ وانگر حسن به هڪڙو هو. يا ڪنهن چيو ٿي ته حسن ڪي روز ڄمندا آهن ڇا؟ جيئن اسان جي دوست ناز سهتي چيو ٿي ته “اصل مسئلو خود آگاهي جو آهي، حسن کي شايد خبر ئي نه هئي ته سنڌ جا ماڻهو کيس ڪيترو پيار ڪن ٿا.”

سندس تدفين کانپوءِ دعا ٿئي ٿي، دعا جي کڄيل هٿن تي جهمپير جي تاڙي جهڙي سرشار نيڻن وارو انسان آصف بالادي کي چوي ٿو ته “ڪهڙي چڱائي ٿي آهي جو دعا ٿا گهرو.” ايئن هن سرمد جي ڪلمي جهڙي انسان پنهنجي چئي تي عمل ڪندي پنهنجي ٽڪ جهڙي زندگيءَ کي الائي ڪنهن سان احتجاج ڪندي پاڻ ويڙهي رکي ڇڏيو.

مان وڇايان تون نه ويهين

ڇو نه پوءِ ويڙهي ڇڏيان…

حسن درس سان منهنجي پهرين ملاقات ڪڏهن ٿي؟ ان سوال کي پوئتي ڇڏي مان اڳتي وڌي ٿو وڃان. اسان جي ملاقات “الست بربڪم” ٿيل هئي. انساني لباس ته گهڻو پوءِ جي ڳالهه چئبي نه. ان ڳالهه جي ان کان وڌيڪ ٻي ثابتي ڪهڙي ٿيندي جو اسين ڪنهن ازلي حڪم وسيلي ساڳي ڌرتيءَ تي ساڳي وقت تي ۽ ٿوري گهڻي فرق سان ساڳي دردمند دل وٺي پيدا ٿياسين. هن سنڌ جي اُڻ تڻ، بيچيني ۽ پيڙا کي شاعريءَ وسيلي ڳولي لڌو ۽ اسان اڌوگابرو ادب ۽ ٿوري ٿڪي قومي سياست وسيلي ڄاڻي ورتو هو، ته پنهنجي دور جي درد، بي وسي ۽پيڙا اسان کي ٻانهن کان وٺي مکاميل ڪرايو، دوستيءَ جي پنهنجائپ، ڀائپي ۽ درد آشنائيءَ ۾ حجاب ۽ احتياط جا سڀ پردا لهي ويندا آهن ۽ دلين جا درياهه ڀلي سمنڊ کان گهرا هجن پر دوستي جي دستڪ سان اهي دروازا هميشه لاءِ کلي ويندا آهن، اسان جو به ڪجهه اهڙو ئي رشتو جڙي ويو هو.

ٻاويهن ٽيويهن سالن جي ان عرصي ۾ ايئن ٿيو هوندو ته ڪڏهن ڪڏهن سال ۾ به ملاقات نه ٿي هجي، پر جڏهن به ملبو ته سندس قرب ۽ پنهنجائپ ۾ ڪا به ڪمي نظر نه ايندي. سدائين مهربان. ساڳيا ٽهڪ ۽ ساڳي بي حجابي، هو سنڌ جي انهن ٿورن ماڻهن مان هو، جيڪو هڪ ئي وقت دل، مزاج ۽ هٿ جا سخي انسان هوندا آهن. اهي مهربانيون شايد سڀني دوستن تي ساڳي ريت هونديون هيون ۽ فيض چواڻي هو هر وقت “مائل به ڪرم” هوندو هو. انهي ڪري سندس ڪشادي دل وانگر دوستن جو تمام وڏو حلقو هو ۽ دوستي ڪيئن نڀائبي آهي ان جو کيس بخوبي علم هو. اها سندس شخصيت جي خوبي ئي هئي جو سڀئي دوست سمجهندا هئا ته هو منهنجو ئي گهرو دوست آهي.

حسن درس جيئن شاعريءَ ۾ يڪتا انسان هو ايئن راڄ ڀاڳ، يارن دوستن سان نڀائڻ ۾ به نرالو هو، سنڌ جا وڻ، ٻوٽا، رستا، قبيلا، ريتون رسمون، اٿڻي ويهڻي، لائي، نڀائي، حسن جون ڪٿائون، پنهنجا ۽ پرايا عجب ۾ وجهندڙ قصا ۽ سندس ڪچهرين جو رس ۽ چس ڪنهن کي وسري سگهندو.

“اهڙا ئي آهين، صاحب منهنجا سپرين.”

يادگيرين جو ڪتاب کولي ڏسان ٿو ته ڪيئي ساروڻيون ساهه ۾ سانڍيل نظر اچن ٿيون.

شايد 88-89ع جو زمانو هو، سنڌ جي اديبن ڪنهن مامري تي سنڌالاجي ۾ بک هڙتال ڪئي هئي، انهن ۾ حسن درس به شامل هو ۽ شايد يڪجهتيءَ جي طور تي اسان سياسي ڪارڪن به ساڻن گڏ ويٺاهئاسين ته سنڌ جو ناميارو سياسي اڳواڻ رسول بخش پليجو ملڻ آيو هو، اتي حسن درس کي به شاعري ٻڌائڻ جو چيو هئائين، آخر ڪنهن دوست حسن کي چيو ته اهو نظم ٻڌاءِ جيڪو تو آصف بالاديءَ تي لکيو آهي، پوءِ هن پنهنجو نظم ٻڌايو، جنهنجو ٿلهه هن ريت هو ته “ڪائنات ڪيڏي وڏي آ- آصف توکي ڇا گهرجي-!!؟ نظم ٻڌي پليجي مسڪرائيندي طنزيه پڇيو هو ته “ان نظم جو شانِ نزول ڇا آهي-!؟

ٻي ان ئي زماني جي ڳالهه آهي جڏهن قاسم آباد جي فليٽ ۾ اڪيلو رهندو هو، اتي به هڪ ٻه ڀيرا خوب ڪچهريون ٿيون هيون، ان زماني ۾ کيس ڪو قنڌاري عشق لڳل هو، جنهن ۾ پهريون ڀيرو هن ڪنهن شريف مرد وانگر شاديءَ جي آرزو ڪئي هئي. پر عشق ۾ ٽريجڊي نه ٿئي ته پوءِ عشق ڪهڙو-! پر ان درد ۽ عشق حسن تي جيڪي نوازشون ڪيون ان سندس ڏات کي سوين چانڊوڪيون بخشي ڇڏيون، شايد سردين جو هڪ نظم ان پيار جو پڙلاءُ آهي، جنهن جون سٽون ته ڏسو:

سرد ملڪن جي پکين

جهڙي حسين ڇوڪري

منهنجون ڏهه ئي آڱريون

ميڻ بتين وانگر ٻرن

پوءِ به تنهنجي روح جون

سڀ ڳليون سنسان ڇو-؟

ان کانپوءِ 92ع ڌاري جڏهن اسان سڀ انڊيا وياسين ته اتي دهليءَ ۽ بمبئيءَ جون ڳليون به اسان گڏجي ڪڇيون هيون. جو هو بيچ، نيڪلس بيچ، اليفينٽا ٻيٽ ۽ تاج محل هوٽل جي ڀرپاسي واريون ڳليون، جن تي گهمڻ ۽ آوارگيون ڪرڻ جو پنهنجو لطف هو. جتي هڪ پيار جي پنڌن جي سونهين سنڌيءَ اسان کان پڇيو هو ته توهان سنڌ کان آيا آهيو؟ “ها” واراڻي ڏيڻ تي هو ٻهڪي پيو هو ۽ خرچي وٺڻ کان نابري واري ويٺو هو. انهن ڏينهن جي بمبئي ۽ هاڻوڪي ممبئي ۾ پوري رات اسان آواراگرديون ڪندي گهاري هئي. اُهي دلچسپ ڳالهيون، يادون ۽ جملا ايڊيٽر جي قلم کان اڳ ئي ايڊٽ ٿو ڪري ٿو ڇڏيان.

حسن جي شاعري جيڪا انوکا ۽ ڇرڪائيندڙ انداز رکي ٿي، جيڪا پڙهڻ سان ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ هن هر ڪنهن جي دل جي درد ۽ لڙڪن کي ويهي سٽ سٽ ۾ سمويو آهي ۽ پنهنجي ئي جيون جي ڪا اڻ لکيل ڪٿا لڳي ٿي ۽ پڙهندي از خود غالب جي سٽ ذهن تي تري ٿي اچي ته “مين ني يه جانا هي گويا، يه ڀي ميري دل مين ٿا.” سنڌ جي سردين ۽ ڄامشوري جي شام جهڙي هن شخص جي من ۾ الائي ڪهڙو ريچڪ آيو جو هن ڌرتيءَ کي هڪ ٻرانگهه ۾ پار ڪري وڃي ستارن جي ٻئي پاسي پهچي ويو.

هن سان ويجهڙ ۾ اسان جي دوست مسعود لوهار جي ڪري گهڻا سفر گڏ ڪرڻ جو موقعو مليو، خاص طور تي روهيءَ جو پنڌ سڀني کان يادگار هو، جتي اسين موت جي منهن مان نڪري آيا هئاسين ۽ واپسيءَ ۾ مسعود لوهار ۽ حسن درس سان گڏ سفر ٿيو، جنهن ۾ همسفر گاڏهي به گڏ هو، سڄي رستي تي حسن جون ڳالهيون، ڀوڳ ۽ چرچا هئا، جنهن تي سموري سنگت کل ۾ ويڙهجي وئي هئي، خاص طور تي ٻي شاديءَ جو مباحثو ته سنڌي نسل ۾ نرالپ ۽ سونهن پيدا ڪرڻ لاءِ دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ موجود خوبصورتيءَ سان لائون لهڻ گهرجن ۽ ان کي قومي فرض سمجهي پورو ڪرڻ گهرجي، يا حسن جا اهي گفتا جيڪي کيس اياز ملاقاتن دوران چوندو هو. اهي به اياز جي آواز ۾ اهڙي ته دلچسپ لهجي ۾ ٻڌائيندو هو. جو سڄي سنگت محظوظ ٿي ويندي هئي. ساڳيءَ طرح حسن درس، مسعود لوهار ۽ سڪندر بروهيءَ سان هنگلاج جو سفر به يادگار هو.

عورت، شراب ۽ سمنڊ کي پنهنجي شاعريءَ ۾ استعاري طور ڪتب آڻيندڙ حسن، هر حوالي سان حيران ڪندڙ هو. جيئن هن لاهور ۾ مشهور اردوءَ جي ليکڪا جميله هاشميءَ جي ياد ۾ ڪوٺايل ميڙ کي حيران ڪري ڇڏيو هو، جو اتي موجود اسان جي سينيئر ليکڪ عبدالقادر جوڻيجي به پنهنجي مضمون ۾ تعريف جا واهڙ وهائي ڇڏيا هئا. ساڳيءَ طرح هن سنڌ جي سرحدي شهر ننگرپارڪر لڳ ڪولهين سان مڌ چڪي پيئندي ان ڪولهيءَ کي حيران ڪري ڇڏيو هو، جنهن هن کي چيو هو ته اسان جو دوست آهين ته اسان جي شڪار ڪيل جانور جو گوشت کائيندين؟ جنهن تي هن ها ۾ ورندي ڏني هئي اهو جانور جنهن جي کائڻ جا طعنا فردوسيءَ عربن کي ڏنا هئا.

هن مانجهاندي جي ماڳ ۽ رين بسيري واري دنيا جنهن جي بي ثباتي ڪنهن شڪ کان مٿڀري آهي. هو ايئن اوچتو ڇڏي ويندو، ڪنهن سوچيو هو! هن جي خيالن، ڳالهين، شاعري سان سنڌ پرينءَ جو پاڇو ٿي پيئي هئي ۽ هن جي جواني، حُسن ۽ اتساهه اڃا زندگيءَ سان سرشار هئا. اڃا ته نه مڌ کٽو هو، نه ساقيءَ جا هٿ ڏڪيا هئا ۽ نه رات جي پاند ۾ اٽڪيل ستارن موڪلاڻي ڪئي هئي جو هي بلهي شاهه جي خيال جهڙو شخص وڃي خيال سان مليو

مئي تان ڪوئي خيال هان، ملسان نال خيال دي

اهو ته اياز هو. جنهن پنهنجي اميد ۽ اتساهه جي سمجهاڻي ڏيندي چيو هو ته “مون ۾ ايترو اتساه آهي جو مان گلاب جي گل کي ڦٽڻ لاءِ چوان ته انهي وقت ڦٽي پوندو. پر حسن درس جو خيال شايد اياز کان به گهڻو اڳتي آهي، جو هو ابن مريم کان به اڳتي وڌي منصوري هجت جي انداز ۾ چوي ٿو

قونيا ۾ ڪيف وارو رومين جو رقص آهي

هن دل قلندريءَ ۾ دم دم ڌمال آهي

هن پٽ کي وڇائي، ويڙهي سگهان ٿو آئون

هر خيال جي خدائي کيڙي سگهان ٿو آئون

مٽي مان هر ڪو ماڻهو ميڙي سگهان ٿو آئون

آواز جي اٿڻ جي ڪيفيت ڪمال آهي

انهي شاعريءَ جو معجزو ئي آهي جو کيس حسن مجتبيٰ اياز کان پوءِ سنڌ جو وڏو شاعر ڪوٺيو آهي.

مشائخ – هوٿيءَ جي درگاهه تي گهريل سندس دعا اگهامي هئي ۽ هو سنڌ جو سڀني وصفين اوچي پد وارو سرجڻهار ٿي اڀريو هو. پر هو اول ۽ آخر شاعر. يارن جي پُکي ۾ آيل آواره گرد، آزاد، قصه گو ۽ محفلن جو مور، قدرت کيس اهڙي موزون طبيعت ڏني هئي جو هن جي شاعري، گفتا، ٽهڪ ۽ مَڌ جا گلاس سڀئي بحر وزن ۾ پورا هوندا هئا. هن ڪمال جي خوددار شخص الائي ڪٿان “وجود وڃائڻ” جي رمز سکي هئي، جو هن کي خود جسم پراڻو لٿل لباس لڳو هو جو ان کي ڪنهن اردو شاعر چواڻي “آذان ۽ نماز” جي وچ واري مختصر وقت جيترو جيئي ۽ لاهي هليو ويو. بيشڪ فن کي پنهنجي معراج تي پهچائڻ لاءِ ڊگهي ڄمار جو هئڻ ضروري آهي، پر بيڪس وانگر جوانيءَ “۾ جي ڪنهن کي جان جي جانان جو سڏ ٿئي ته پوءِ ان جي ڀاڳ سان ڪهڙي ريس ڪجي.

هو شخص جيڪو خود زندگيءَ جهڙو هو. جنهن کان زندگي خود ٽهڪ اُڌار وٺندي هئي، جنهن جي شاعري حياتي ۽ اٿڻي ويهڻي سنڌ اندر هڪ اميد جي علامت هئي، جنهن جو سنڌ جي سڀني مڪتبهءِ فڪر جي ڪارڪنن ۾ ساڳي طرح احترام هو. پنهنجي شاعريءَ ۽ ذات توڙي انا واري ٿانوَ کان مٿڀرو حسن درس جڏهن اسٽيج تي شاعري ٻڌائيندو هو ته تڏهن چپ حيرت ۾ وٺجي ويندا هئا، هٿ تاڙين وڄائڻ جو هنر وساري ويهندا هئا ۽ هوائون رقص ڪنديون هيون. جنهن به کيس اسٽيج تي هڪ ڀيرو ٻڌو، اهو کيس پهرئين عشق وانگر ڪڏهن به وساري نه سگهندو.

ائين ناهي اياز-! حسن جي وڇوڙي سان ميڪدي تي ماڪ ته برابر وسي رهي آهي، پر پياڪن جا سمورا خمار، شيشي جي گلاس وانگر ٽڙڪي پيا آهن. هو جيڪو سنڌ جي ميڪدي جو ساقي ۽ سونهن هو. جنهن وٽ حب الوطني، مزاحمت، رومانس ۽ عاشقيءَ جون سموريون ادائون ۽ انداز موجود هئا، موکي جي مٽن جهڙي هن جي شاعري جي ميخاني ۾ ڪير هو جنهن کي ديدار ۽ پيار جي چڪيءَ مست نه ڪيو هجي. سنڌ جي هزارين دردمند انسانن، ان ميخاني جي احترام ۾ پنهنجن ٽٽل دلين ۽ ڀنل اکين اندر پيار ۽ ياد جا ڏيئا ٻاريا آهن ۽ حسن جي ئي لفطن ۾ ته “جيئڻ جي جاڳ” ۽ “عاشقيءَ جي آڳ” وانگر اهي ڏيئا ڪنهن به وقت، حادثي، المئي جي طوفان ۾ به وسامڻا نه آهن.

دلڪش بدن، سمندر انداز عورتن جا

ناريل جي وڻن کي آهي ڏسڻ جي عادت

۽ مرد کي مصيبت- آهي ڇهڻ جي عات

۽ ڇوڪرين ڇتين کي- آهي ڪهڻ جي عات

ڪنهن تي پون نه ڪڙڪي- سي مرد سڀ مري ويا

ناراض عورتن جا

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو