Home / افيئر / !سج جي روشني تي هلندڙ جهاز جي پهرين ڪامياب اڏام
above article banner

!سج جي روشني تي هلندڙ جهاز جي پهرين ڪامياب اڏام

شمسي توانائي سان هلندڙ دنيا جي پهرئين هوائي جهاز ڪجهه ڏينهن اڳ ڪاميابيءَ سان پنهنجي پهرين بين الاقوامي اڏام مڪمل ڪئي. سوئٽزرلينڊ ۾ ٺاهيل “سولر امپلس” نالي جهاز 13 ڪلاڪن جي اڏام کانپوءِ سوئٽزرلينڊ کان برسلز پهچي ويو. جهاز جنهن وقت برسلز لٿو ته عوام جو هڪ وڏو هجوم اهو تاريخي منظر ڏسڻ لاءِ اتي موجود هو. جهاز جي پائلٽ آندري پورچبرگ اڏام کانپوءِ ٻڌايو ته جهاز جيتري توانائي استعمال ڪئي، ان کان وڌيڪ سج مان حاصل ڪئي، پنهنجي سفر دوران جهاز 11 هزار 850 فونن جي بلندي تي اڏامندو 480 ڪلوميٽر جو مفاصلو طئي ڪيو. ان کان اڳ اهو جهاز جولاءِ 2010ع ۾ به 24 ڪلاڪ سفر ڪري تاريخ جي رڪارڊ ۾ شامل ٿي چڪوآهي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو