Home / افيئر / !سنڌ بجيٽ: ٻوڏ متاثر ضلعا نظرانداز
above article banner

!سنڌ بجيٽ: ٻوڏ متاثر ضلعا نظرانداز

10 جون جمعي ڏينهن شام جو 5 وڳي جڏهن سنڌ جي صوبائي بجيٽ پيش ڪرڻ لاءِ سنڌ جو ناڻي کاتو وارو وزير سيد مراد علي شاهه اٿيو ته پريس گيلري ۾ ويٺل سمورن سنڌي صحافين جي ذهنن ۾ اها ڳالهه هئي ته بجيٽ 12-2011ع ۾ سنڌ جي گذريل سال واري وڏي ٻوڏ جي نتيجي ۾ سڀ کان وڌيڪ ضلعن دادو، جيڪب آباد، شڪارپور، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، قمبر-شهدادڪوٽ، ڄامشورو، لاڙڪاڻو ۽ گهوٽڪي ۽ انهن ئي ضلعن جي وڌيڪ تباهه ٿيل شهرن خيرپور ناٿن شاهه، ڳڙهي خيرو، وارهه ۽ ٻين لاءِ سنڌ حڪومت جي هن سال جي بجيٽ ۾ ضرور جهجهو حصو هوندو، پر جڏهن سيد مراد علي شاهه تقرير ختم ڪئي ته سڀ ڪجهه صرف ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻي، شهيد بينظير آباد( نوابشاهه) ۽ سکر لاءِ اعلان ڪيا ويا، لڳ ڀڳ 10 ارب رپيا هنن شهرن جي ترقي لاءِ رکيا ويا آهن، هن سال يعني 12-2011ع جي سالياني ترقياتي پروگرام ۾ Annual Development Program (ADP) ۾.

ان سان گڏوگڏ ٺٽي جي ساحلي پٽي تي ڊيزائين ٿيندڙ نئين ميگا سٽي ذوالفقار آباد لاءِ به سنڌ حڪومت هڪ ارب رپيا رکيا آهن، جڏهن ته هن سال جي ADP ۾ سنڌ صوبي جي ترقي لاءِ 161 ارب ريپا رکيا ويا آهن، ان سان گڏوگڏ 20 ارب سمورن ضلعن جي ترقي لاءِ رکيا ويا آهن، جن ۾ 10 ارب رپيا ڪراچي، حيدرآباد، نواب شاهه، لاڙڪاڻي ۽ سکر لاءِ به شامل ڪيا ويا آهن. 20 ارب رپيا پرڏيهي قرضن جا سالياني ترقياتي پروگرام ۾ شامل ڪيا ويا آهن ۽ لڳ ڀڳ 10 ارب رپيا وفاق طرفان به اي ڊي پي 12-2011ع ۾ شامل ڪيا ويا آهن، اهڙي طرح گذريل سال 11-2010ع جي اي ڊي پي کان هيل 46 ارب رپيا وڌيڪ رکيا ويا آهن، ڇاڪاڻ ته گذريل سال جي اي ڊي پي 115 ارب رپين جي هئي، جنهن کي بعد ۾ ٻوڏن جي نقصان کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪٽ هڻي 77 ارب رپيا ڪيو ويو هو.

جنهن مان به سنڌ حڪومت جا سمورا ادارا گڏ جي لڳ ڀڳ 30 سيڪڙو رقم پنهنجي لڳ ڀڳ 20 کان 22 ارب رپيا مس خرچ ڪري سگهيا ۽ باقي ليپس ٿي وئي آهي ۽ ڪجهه ادارن ته پنهنجي لاءِ رکيل رقمون سرينڊر ڪري ڇڏيون آهن، سرينڊر لفظ جي فني معنيٰ هي آهي ته اهي ادارا سرينڊر ڪيل رقمون سال 12-2011ع ۾ خرچ ڪري سگهندا جڏهن ته ليپس ٿيل رقمون اوهان هيل خرچ نه ٿا ڪري سگهو.

اسان ليپس لفظ هر سال اپريل، مئي ۽ جون جي مهيني ۾ گهڻو ٻڌندا آهيون ۽ اهو سوال اڀرندو آهي ته آخر ليپس ٿيل رمقون وينديون ڪيڏانهن آهن؟ سنڌ حڪومت جو اهڙو ڪهڙو ڀانڊارو آهي جنهن ۾ اهي گڏ ٿي رهيون آهن؟ يا وري اتان خرچ ٿي رهيون آهن، ڇاڪاڻ ته هن سال جي ADP بوڪ ۾ به اوهان کي Lapsed رقمن جو ڪو به خانو نظر نه ايندو ۽ نه وري گذريل ڪيترن سالن جي بجيٽ بوڪن ۾اوهانکي ڪو اهڙو خانو نظر ايندو، سو اهو سوال هر اهل دانش ماڻهوءَ جي ذهن ۾ ايندو آهي ته آخر اهي ليپسڊ رقمون وڃن ڪيڏانهن ٿيون؟

سنڌ جي وڏي وزير جي رٿابندي ۽ ترقي واري صلاحڪار ڊاڪٽر قيصر بنگالي جنهن سڄي اي ڊي پي P&D ٽيم سان گڏ ويهي ٺاهي آهي، “افيئر” سان ڳالهائيندي چيو ته هن سال جي سالياني ترقياتي پروگرام ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ماڻهن لاءِ گهڻو ڪجهه آهي، 40 هزار گهر ٺهرائڻ لاءِ رکيل پئس ابه ٻوڏ متاثر ماڻهن لاءِ آهن. نوڪريون جيڪي پيدا ڪيون ويون آهن، اهي به ٻوڏ متاثرن لاءِ آهن، 2500 واٽر فلٽر پلانٽ به ٻوڏ متاثر علائقن ۾ لڳندا ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه صرف ٻوڏ متاثر ماڻهن لاءِ آهي.

هن وڌيڪ چيو ته اسان جيڪو ايشين ڊيولپمينٽ بئنڪ کان قرض کنيو آهي، ان مان به ٻوڏ وارن تباهه ٿيل بندن، ڪئنالن، واهن تي ڪم ٿي رهيو آهي ته جيئن ماڻهن کي امڪاني ٻوڏ واري صورتحال کان بچائي سگهون. جڏهن ته انهن ئي پئسن مان اسان کي ٻوڏ دوران تباهه ٿيل روڊ، رستا به ٺهرائڻا آهن. سو اهو سڀ ڪجهه ٻوڏ متاثرن لاءِ آهي ۽ اڃا ٻيو ڇا هجي؟ ڊاڪٽر قيصر بنگالي جي ڳالهه کي رد ڪندي ٻوڏ دوران سڀ کان وڌيڪ تباهه ٿيل دادو ضلعي جي شهر خيرپور ناٿن شاهه جي مير خان محلي جي رهواسي عبداللطيف سولنگي چيو ته منهنجو گهر ٻوڏ دوران 3 مهينا 10 فوٽن تائين پاڻي جي اندر رهيو ۽ جڏهن پاڻي لٿو ته سر سر سان نه ملي سگهي. گذريل سال آڪٽوبر کان 9 مهينن کان وڌيڪ عرصو ٿي ويو آهي، پر اسان رليون ٽنگي زندگي جا ڪوڙا ڍُُڪ پي رهيا آهيون، سو هن بجيٽ ۾ سنڌ حڪومت اسان جا گهر اڏڻ لاءِ پئسا نه رکيا آهن، معنيٰ ته پوءِ اسان غريبن لاءِ ڪجهه به نه رکيوآهي.

عبداللطيف سولنگي جهڙا لکين ماڻهو سنڌ جي انهن علائقن ۾ حڪومت جي هن نام نهاد ترقياتي بجيٽ مان ناخوش آهن. جن جا گهر ڪيترن ئي مهينن کان ٺهي نه سگهيا آهن ۽ اهي ماڻهو ان انتظار ۾ هئا ته شايد متان سنڌ حڪومت بجيٽ ۾ اسان مسڪينن جو ڪو ڀلو ڪري وٺي. ڀلو ته ٿيو آهي خيرپور ميرس، نواب شاهه، بدين، لاڙڪاڻي، ڪراچي ۽ حيدرآباد جو، ڇاڪاڻ ته جڏهن اوهان بجيٽ بوڪ جو واليم 5 کڻي ڏسندو ته ٽرانسپورٽ ۽ ڪميونيڪيشن، هيلٿ ايجوڪيشن ۽ ٻين ڪيترن ئي سيڪٽرن ۾ رڳو اوهان کي مٿي ڄاڻايل شهرن جون اسڪيمون نظر اينديون.

اهي به اسان جا پنهنجا شهر آهن، اسان کي انهن جي ترقي تي ڪو به اعتراض ناهي، پر ڇا سموري سنڌ ۾ رڳو صرف خيرپور، لاڙڪاڻو، بدين، نواب شاهه، حيدرآباد، سکر ۽ ڪراچي وڃي بچيا آهن ڇا..؟؟ بجيٽ پيش ٿيڻ واري ڏينهن خيرپور ناٿن شاهه تڪ جي ايم پي اي عمران ظفر لغاري جو فون آيو، چوڻ لڳو ته منهنجو تڪ ٻوڏ ۾وڏ ۾ وڌ متاثر ٿيو هو ۽ مون و250 کان وڌيڪ سرڪاري اسڪولن جي بحالي 100 کان وڌيڪ روڊن جي مرمت، واٽر پلانٽ اسڪيم جي ٻيهر تعمير، تعلقي اسپتال جي بحالي ۽ ٻيون کوڙ ساريون اسڪيمون وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کان هدايتون لکرائي جمع ڪرايون هيون، پر منهنجي تڪ جي هڪ به اسڪيم اي ڊي پي ۾ شامل نه ڪئي وئي آهي، اهڙي طرح جڏهن اوهان اي ڊي پي جو بوڪ کولي ڏسندئو ته اوهان کي جيڪب آباد، قمبر شهدادڪوٽ، گهوٽڪي، شڪارپور، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، ڄامشورو ۽ ٻين سمورن ٻوڏ متاثر ضلعن جون اسڪيمون نالي ماتر نظر اينديون، سو به اهي اسڪيمون ايم پي اي جي ترجيحي پروگرام جو حصو هونديون نه ڪي سنڌ حڪومت جي خاص Allocaton واريون.

گذريل ٻوڏ ۾ هزارين ڳوٺ صفحه هستيءَ تان مٽجي ويا هئا، پر حڪومت ADP 2011-12 ۾ ڪنهن هڪ به ٻوڏ متاثر ڳوٺ کي ماڊل وليج جو درجو نه ڏنو آهي، پر جڏهن ته سنڌ حڪومت کي سمورن ٻوڏ متاثر ڳوٺن کي ماڊل وليج ڊڪليئر ڪري انهن لاءِ جهجهي رقم رکڻ گهرجي ها. ٻوڏ متاثر علائقن جي ماڻهن جا نه رڳو گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، پر سندن دڪان، ڪاروبار ٻيون گهريلو سامان مال متاع ۽ ٻيو گهڻو نقصان ٿيو، جنهن جو ڪاٿو سنڌ حڪومت جي سڻڀي کاتي روينيو جا تپيدار ڪڏهن به نٿا لڳائي سگهن. ڇاڪاڻ ته انهن علائقن ۾ اڄ به اتان جا تپيدار ٻوڏ متاثرن کان هزارين ۽ لکين رپيا ڦري رهيا آهن. ڪنهن مهل وطن ڪارڊ جي ٻي قسط جي آسري تي ته ڪنهن مهل گهر ٺاهي ڏيڻ واري ڪوڙي ڏٽي تي ته ڪنهن مهل وري ٻج ۽ ڀاڻ وٺي ڏيڻ واري ٽوڪن جي ڪوڙي اميد جي بهاني، سو سنڌ حڪومت کي گهرجي ها ته لائيو اسٽاڪ ۽فشريز کاتي جي ذريعي ٻوڏ متاثرن جي معاشي بحالي لاءِ ڪا دبنگ قسم جو پئڪيج متعارف ڪرائي ها، ڇاڪاڻ ته لائيو اسٽاڪ کاتي جي انگن اکرن موجب هڪ لک کان وڌيڪ ڍور ٻوڏ دوران يا ته مري ويا يا وري لڙهي ويا هئا.

اهڙي طرح فشريز کاتي جي انگن اکرن موجب ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ننڍن آبادگارن جا 10 هزار کان وڌيڪ مڇي جا تلاءَ تباهه ٿي ويا هئا، جيڪڏهن هن ADP ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ مڇي جي تلائن جو ڪو پئڪيج هجي ها ته اسان به مڃون ها ته هي بجيٽ واقعي عوامي بجيٽ آهي. بجيٽ کان ڪجهه ڏينهن اڳ ڳڙهي خيري مان قربان علي کوسي پڇيو ته ٻڌون ٿا ته بجيٽ ۾ سنڌ حڪومت وطن ڪارڊ جي بقايا 80 هزارن جون اعلان ڪندي؟ مون کيس چيو ته گذريل ٻن مهينن اپريل ۽ مئي کان ADP تي رپورٽنگ ڪري رهيو آهيان سو نه ٿو لڳي ته سنڌ حڪومت کي 10 لک کان وڌيڪ وطن ڪارڊ هولڊر ٻوڏ متاثرن جا اعلان ڪيل بقايا 80 هزار ياد آهن، سو ڏسجي ته اڳتي ڇا ٿو ٿئي، ۽ اهو ئي ٿيو سنڌ حڪومت نه وفاقي حڪومت کان وطن ڪارڊ لاءِ فيڊرل بجيٽ ۾ رقم رکرائي سگهي ۽ نه ئي اهو نيڪي جو ڪم پاڻ ئي ڪيائين.

جيتوڻيڪ وفاقي حڪومت مسلسل اهو زور ڀري رهي آهي ته سنڌ ۽ ٻيون صوبائي حڪومتن جي وطن ڪارڊ جي بقايا 80 هزار ڏيڻ لاءِ وفاقي حڪومت مدد ڪندي ۽ جيڪڏهن واقعي ۾ بقايا پئسا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو به ويو ته ان فارمولي تحت ئي ٿيندو سو سنڌ حڪومت کي گهرجي ها ته وطن ڪارڊ جي سڀ نه ڀلا تڏهن به گهٽ ۾ گهٽ 20 هزار جي ٻي قسمط لاءِ پئسا رکائي وٺي ها.

اهڙي طرح ٻوڏ متاثرن جو وڏو انگ مزدوري ڪندڙ آهي، پوءِ اها عام قسم جي مزدوري هجي يا ڪوٽڙي، ڪراچي نوري آباد ۽ سکر جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ ليبر هجي پر سنڌ حڪومت انهن مزدورن جي ڏهاڙين جي معاوضي جي واڌ جو به ڪو اعلان نه ڪيو.

سڄي صورتحال ۾ اها ڳالهه ته واضح ٿي وئي آهي ته سنڌ حڪومت جي ADP ۾ لکين ٻوڏ متاثرماڻهن انهن جي تباهه ٿيل شهرن، ڳوٺن، دڪانن، ضلعن، مال متاع ۽ ٻين تباهه ٿيل روزگار جي بحالي لاءِ ڪجهه به نه رکيو ويو آهي، سو هي بجيٽ “ڀريندڙن کي پئي ڀري” واري پهاڪي وانگر نظر اچي رهي آهي.

ان سڄي صورتحال تي موقف ڏيڻ لاءِ “افيئر” طرفان ناڻي واري وزير سيد مراد علي شاهه سان رابطي ڪرڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي وئي، پر ساڻس رابطو نه ٿي سگهيو.

ليکڪ روزاني “بزنس رڪارڊر” ۾اسٽاف رپورٽر طور ڪري رهيو آهي.

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو