Home / ڪرنٽ افيئر / !سنڌ جي ليلائن جو درد
above article banner

!سنڌ جي ليلائن جو درد

ڪڏهن ڪڏهن، ايئن محسوس ٿيندو آهي ته اسين هڪ اهڙي سنڌ ۾ رهون ٿا، جيڪا پنهنجي جاگرافيائي وحدت اندر به مختلف ۽ پور وڇوٽ سماج، رويا ترجيحون ۽ سياسي لقاءٌ کڻي هلي رهي آهي. هڪ اهڙي سنڌ جنهن جي شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ حقن، سهولتن، روزگار، تحفظ ۽ ميڊيائي ترجيحن جا معيار هڪ ٻئي کان گهڻو مختلف آهن. هڪ ئِي يونٽ اندر رهندڙ ماڻهن لاءِ اهو فرق ۽ روش،سرڪاري، غيرسرڪاري توڙي ڪارپوريٽ دنيا جي عملي قدمن ۽ روين مان مڪمل جهلڪي ٿي.

گذريل ڪيتري عرصي کان مختلف وقتن ۾ واقف ۽ اڻ واقف سنڌي ماڻهن طرفان “نالي ۾ نهالي” قومي ميڊيا تي عروج “سنڌ اور ڪراچي” واري اطلاع خلاف آواز اٿارڻ ۽ ان روئي کي نندڻ وارا مختلف موبائيل ايس ايم ايس ملندا رهن ٿا. ايس ايم ايس موڪليندڙ اڪثر دوستن جي خيال ۾ ميڊيا ۾ ويٺل خاص طرح ڪراچي جي وڏن اردو چئنلز ۽ اخبارن ۾ ويٺل صحافي ۽ تجزئي نگار اهڙي ٽرمنالاجي شعوري طور استعمال ڪن ٿا. جنهن پٺيان سندن ڪيئي ڏهاڪن کان جاري اها سوچ شامل آهي. جنهن ۾ کين ٻڌايو ۽ پڙهايو ويو آهي ته اهي هڪ الڳ شهري دنيا جا رهواسي آهن، جتي سڀ وسيلا ۽ نعمتون هنن مٿان “من صلوا” وانگر رهن ٿا. جڏهن ته باقي بچيل ڳوٺائي سنڌ آهي، جتي زندگي اوائلي دور جو اهڃاڻ آهي، جتي ماڻهو رڍون ۽ ٻڪريون آهن، جن کي وڏيرن نما ڌنار پنهنجي ڌڻن جيان هڪليندا، وڪڻندا۽ قربان ڪندا رهن ٿا. هڪ ئي سنڌ اندر ٻن مختلف ترجيحن، انساني روين ۽ بنيادي شهري حقن واريون ٻه مختلف دنيائون ڪيئن وجود رکن ٿيون، ان جو هڪ مظهر گذريل لڳ ڀڳ هڪ سال اڳ مصري سيٺ جي هڪ بحري جهاز ايم وي سوئيز کي صوماليا جي بدنام سامونڊي قذاقن اغوا ڪري عملي جي سمورن 22 ڄڻن کي باندي بڻائي ڇڏيو. توڙي جو ايم وي سوئيز هڪ نجي ڪمپني جو انشورنس ٿيل جها ز هيو ۽ بحري تجارت جي جديد قانونن ۽ مروج اصولن موجب جهاز جو مالڪ صومالي قذاقن جي وحشت ۽ ڳري ڀنگ جي مطالبي کي ڏسي اهڙي ته ٽٻي ڏني جو پنهنجي “ٻيڙي ٻڏڻ” تائين طاهر نه ٿيو.

ايم وي سوئيز ٻيڙي جي اغوا ٿيل عملي ۾ چار پاڪستاني به شامل هئا، جيڪي خوشقسمتيءَ سان اردو ڳالهائيندڙ ۽ ڪراچي جا رهواسي هئا. چوندا آهن ته “ڌڪ دشمن جو به نه وڃائجي” سو ايم وي سوئيز ٻيڙي جي ڪپتان وصي سميت جن چار ڄڻن کي واپس موٽائڻ لاءِ گورنر سنڌ(اڳوڻو يا موجوده) ڇا چئجي؟، انصار برني ۽ گورنر هائوس جي ڀر ۾ ويهندڙ سي پي ايل سي جي سربراهه احمد چناءِ جهڙي ريت مغوي همراهن کي ڀنگ ڀري واپس موٽرايو. سو عمل بنهه غير رواجي ۽ گهٽ ۾ گهٽ سنڌ ۾ عام خلق جي واهر لاءِ اڳ ڪڏهن به نه ڏٺو ويو آهي. ايم ڪيو ايم ۽ ان سان تعلق رکندڙ گورنر صاحب (اڳوڻو) ۽ مختلف صورتن ۾ ڪم ڪندڙن سندن ٻانهن ٻيلي تنظيم انصار برني ٽرسٽ جهڙي ريت ان سڄي واقعي تي هڪ سنسني خير شو ۾ تبديل ڪري ملڪي ميڊيا جو ڌيان ان اشو طرف قابو ڪري رکيو ۽ آخر ۾ ان کي هڪ ميلي ۾ تبديل ڪيو، ان کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته They are great shoemakers . 20 مئي واري واقعي تي ريفرينڊم ڪرائڻ هجي، يا وري ڪراچي ۾ صفائي جو هفتو، هر سرگرمي هڪ ميڊيا يا ايونٽ بڻائڻ جو آرٽ کين خوب اچي ٿو ۽ ان سان گڏ ميڊيا اندر سندن افرادي سيڙپ جو اندازو پڻ.

سمورن مهذب معاشرن ۽ ملڪن ۾ پنهنجي شهريت جي حياتين تحفظ ڪرڻ ۽ قدرتي توڙي هٿرادو مصيبتن کان ماڻهن کي بچائڻ رياستي ذميواري ۽ قانون جو حصو آهي. اهڙي طرح ايم وي سوئيز جي عملي جي بازيابي ۽ انهن لاءِ ورتل ڪوششون عام حالتن ۾ ساراهه جوڳو عمل آهي. هڪ اهڙو عمل جنهن ۾ نه رڳو سنڌ حڪومت جي وسيلن ۽ سرندي وارن هٿان 201 ملين ڊالر گڏ ڪيا ويا، پر ملڪ جي ٻن وڏن بحري ٻيڙن کي به ان آپريشن ۾ ڪتب آندو ويو. پي اين ايس بابر ملڪي نيوي ٽائيپ-21 فريگيٽ بحري جهاز آهي، جيڪو رننگ ڪاسٽ جي لحاظ کان سڀ کان مهانگو ٻيڙو آهي. هڪ سو ارب جي سالياني رننگ ڪاسٽ يعني واهپي جي خرچ 4 ملين پائونڊ آهي. سراسري طور پي اين ايس بابر جهڙي جهاز جو سمنڊ ۾ روزانو هلڻ لاءِ 11 هزار پائونڊ خرچ لڳي ٿو،جيڪو پاڪستاني روپين ۾ 14 لکن جي لڳ ڀڳ آهن. اهڙي طرح جيڪڏهن رڳو پي اين ايس بابر 15 ڏينهن ايم وي سوئيز جي عملي کي بچائڻ ۽ واپسي وارو سفر ڪيو ته ان مٿان 2 ڪروڙ خرچ ٿيا. ساڳئي آپريشن ۾ ايم وي سوئيز جي ٻڏڻ کانپوءِ ۽ ڪراچي واپس وٺي ايندڙ جهاز پي اين ايس ذوالفقار تي ٽي ان جي اڌ يعني هڪ ڪروڙ روپين تائين خرچ لڳو.

“نالي ۾ نهال” قومي ميڊيا جو خيال آهي ته صومالي قذاقن جي قبضي مان 4 پاڪستانين سميت عملي جي 22 ماڻهن کي موٽائڻ لاءِ گورنر سنڌ، انصار برني ۽ سڄي ملڪ جو جذبو، جهاز جي ڪپتان وصي جي نياڻي ليليٰ جي لڙڪن، سڏڪن ۽ معصوم اپيلن سبب پيدا ٿيو. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته ڳوڙهن ۾ وڏي طاقت آهي ۽ اهي ڳوڙها جيڪڏهن ان معصوم انسان جا هجن، جيڪو سمورين منافقين، مصلحتن ۽ سياست کان بي نياز هجي ۽ ڪنهن بي وس انسان جيان پنهنجي پياري جي آزادي ۽ واپسي لاءِ ليلائيندو هجي ته ان التجا ۾ سگهه ضرور هجي ٿي. پر هتي سوال اهو آهي ته سنڌ ۾ روزانو الائي ڪيتريون “ليلائون” ليلائي رهيون آهن، پر سندن سڏڪن کي نه ڪنهن لائيو شو ۾ نشر نه ٿو ڪيو وڃي ۽ نه وري سندن رانهون ڪڏهن سنگل ڪالم خبر جو پيٽ ڀرڻ ۾ سوڀاريون ٿيون آهن. پنهنجي پيءُ جي آزادي لاءِ لڙڪ لاڙيندڙ ليليٰ، ان ڪري خوش قسمت آهي ۽ هئي ته سنڌ اندر جنهن دنيا سان سندس تعلق آهي، اهو حصو مختلف انساني ترجيحن ۽ “نمائش” جو مرڪز آهي. ان ڪري ئي ليليٰ جو پيءُ ۽ ٻين جي بازيابي (جيڪا سندن بنيادي حق پڻ هئي) هڪ ميگا ايونٽ وانگر ڏسڻ ۾ آئي.

ليليٰ اها خوش قسمت ڇوڪري آهي جنهن لاءِ سنڌ جي هڪ وڏي وشال(گهر گورنر هائوس) جا درواز ۽ ساوڪ ڀريل اڳڻ ڀليڪار چوڻ لاءِ آتا هئا، جتي هوءَ سڄي دنيا جي ميڊيا اڳيان بيهي اهو چئي سگهي ته، عشرت انڪل، برني انڪل ۽ چناءُ انڪل مهرباني! ليليٰ سنڌ اندر جنهن دنيا ۾ رهي ٿي، اتي ڪيترين ئي بي رحمين باوجود سندس ڳوڙها هڪ وڏي شو جي زينت بڻجن ٿا، سندس پيءُ جي آزادي جي خوشي ۾ پچندڙ کاڌي ۽ مٺائي جي ديڳڙين ۾ ٽي وي ڪئمرائون ٽٻيون هڻن ٿيون ۽ گورنر هائوس سميت سنڌ جي خزاني جا منهن کلي وڃن ٿا. هي ساڳي سنڌ اندر ليليٰ جي دنيا آهي. سنڌ اندر ليليٰ جي دنيا کان هڪ ٽول پلازه جي مفاصلي تي ترجيحن هڪ ٻي دنيا شروع ٿئي ٿي. جتي ليليٰ جهڙين سوين ڪردارن جا ڳوڙها ۽ دانهون نه ئي ڪو وڏو درد ۽ دٻاءُ پيدا ڪن ٿيون نه وري سندن واهر لاءِ ڪي سنڌ جي ان وشال گهر جا دروازا ۽ اڱڻ آتا آهن جتي هوءَ پنهنجي چونڊيل “بادشاهه” کي اماڻين ٿا.

سنڌ اندر انساني ترجيحن جي انتهائي پستي ۾ رهندڙ اها ٻئي دنيا، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو اغوا ۽ لاپتا ٿيندا رهن ٿا. انهن جي واپسي رياست جي مٿانهين سطح تي پر، هيٺين سطح تي سندن ٿاڻو ۽ ضلعي انتظاميا ۾ به ڳڻتسي نظر نه ٿي اچي. سنڌ جي مختلف علائقن مان هن وقت به 24 ماڻهو اغوا يا لاپتا آهن، جن ۾ 3 عورتون ۽ چار ٻارڙا شامل آهن. جنهن وقت سڄي ملڪ جي ٽيليويزن پنهنجي اسڪرين تي صومالي قذاقن هٿان آزاد ٿيل ماڻهن جو جشن لائيو ٿي ڏيکاريو ان وقت به سنڌ جي مختلف علائقن مان اغوا ٿيل انهن 24 ماڻهن جا ڪٽنب، انهن منظرن ۽ لمحن کي حسرت ڀرين نگاهن سان ڏسي رهيا هئا. گهوٽڪي واسي بشير قمبراڻي اسلام کان ملتان ويندي اغوا ٿيڻ بعد گم آهي. ٺل جي فضيلا سرڪي 4 سالن کان لاپتا آهي، سندس گمشدگي تي ڪورٽ سوموٽو ۽ سنڌ جي وڏي وزير نوٽيس وٺي چڪا آهن. نوشهري فيروز واسي عمران جوکيو هڪ سال کان گم آهي، سندس گمشدگي جو پڻ ڪورٽ سو موٽو نوٽيس ورتو آهي ۽ کيس ڀنگ جي عيوض اغوا ڪرڻ جي شڪ ۾ ٻه پوليس عملدار جيل ۾ بند پيل آهن. اهڙي طرح جيڪب آباد واسي محمد نواز مري ۽ عبدالوحيد ڊگهي عرصي کان گم آهن. گهوٽڪي جي مسمات حسنا، مسمات ڀاڳل، حاڪم سمي، عبدالقيوم، رشيد لنڊ ۽ 5 سالن کان لاپتا يوسف مري لاءِ پڻ سندس گهرڀاتي نيڻ وڇايون ويٺا آهن. قمبر-شهدادڪوٽ جي رهواسين دليپ ڪمار، احمد ۽ نديم به اڃا تائين گم آهن. ڪشمور واسڻ فرزانا ٽڳڙ، ڪريم بخش ڳاهائي، علي بخش تندواڻي ۽ عبدالرسول ڀيو جي به ڪا خبر نه پئجي سگهي آهي.ساڳي ريت ميهڙ واسي مائي اڪبر سولنگي به اڃا تائين هن ملڪ جي سرڪار جي واهر واري لسٽ ۾ شامل نه ٿي سگهي آهي. سنڌ جي مختلف علائقن مان مختلف وقتن ۾ اغوا ۽ لاپتا ٿيل هي ماڻهو ته ويجها عزيزڳڻتي جي هڪ اهڙي سمنڊ ۾ ٻڏل آهن جتي ڪو به پي اين ايس بابر ۽ پي اين ايس ذوالفقار سندن واهر لاءِ نه ٿو پهچي سگهي. هنن اغوا ۽ لاپتا ماڻهن مان ڪيترائي ڀنگ عيوض اغوا ٿيل آهن ۽ يقين سندن مائٽن وٽ اغوا ڪارن ۽ ڌاڙيلن کي ڏيڻ لاءِ پئسا موجود نه آهن.

هنن لاپتا يا اغوا ٿيندڙ ماڻهن جو ڪيس ڪٿي به بحث هيٺ نه ٿو اچي ان ڪري مقامي سرڪار توڙي ڪراچي ۾ ويٺل سنڌ سرڪار ڪڏهن به برجستگي جو مظاهرو نه ڪيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن مقامي پوليس پاران اهڙن ماڻهن جي اغوا ٿيڻ وارن ڏينهن دوران ڪچي توڙي پڪي جي رهزنن ۽ ڌاڙيلن خلاف شروعاتي ڪارروائي ۽ مقابلن وارون خبرون سامهون اينديون آهن، پر واقعي جي هڪ اڌ ڏينهن کانپوءِ سنڌي چئنلز تي ان علائقي جي پوليس جا اهڙا فوٽيج ۽ خبرون ملنديون آهن. جنهن ۾ مقابلي لاءِ ويل پوليس تيل کپي ويل موبائيلن کي ڌڪيندي، پاڻي جو خالي ڪولر مٿي تي رکي، پينٽ جا پانچا کنجي ۽ لانگ بوٽ چيلهه سان ٻڌي جنگ هڪ هارايل سپاهي جيان موٽندي نظر ايندي آهي.

هي هڪ ئي سنڌ ۾ موجود ٻن مختلف دنيائن جون جهلڪيون آهن جتي سرڪاري ۽ رياستي سطح تي ماڻهن ڏانهن مختلف قسم جا رويا ۽ معيار آهن. سنڌ جي انهن اغوا توڙي لاپتا 24 ماڻهن جا گهر ڀاتي جن ۾ ڪيتريون ننڍڙيون “ليلائون”به شامل آهن ته ڪڏهن سندن ووٽن سان چونڊيل سرڪار کين سنڌ جي برابر شهري هجڻ وارو احساس ٿي ڏياري ۽ ڪڏهن سنڌ جي وڏي گهر جا دروازا ۽ وسيع سرسبزاڱڻ کين اهو موقعو ٿا ڏيارين جتي گهوٽڪي، ڪشمور، قمبر، جيڪب آباد ۽ ميهڙ جون “ليلائون” پنهنجي معصوم انداز ۾ چئي سگهن. قائم انڪل ذوالفقار انڪل، شرجيل انڪل مهرباني.

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو