Home / افيئر / !سنڌ جي نوجوان نسل کي ڏوراپو
above article banner

!سنڌ جي نوجوان نسل کي ڏوراپو

ڏاڍ وسيلي قائم ڪنهن ٻي اسٽيٽ وانگر هيءَ رياست ڪيتري کوکلي آهي- ڳالهه وائکي تي چُڪي آهي. بيداد آڇيندڙ مثالي ڍانچو جن ٿنڀن تي بيٺل آهي، سي هڪ هڪ ٿي ڀُري رهيا آهن. الک، ڌرم، سجيلو جوان (مجاهد)، پنجاب ۽ ڪراچيءَ جا مهاجر-ڪا به ٿوڻي هاڻ هِنَ ڇپر کي بيهاري سگهڻ جي سگهه نه ٿي رکي. ڊهي پٽ پوڻ ان جو مقدر آهي. سدائين وانگر ٻاهرين قوتن تي سازشي سٽاءَ جو الزام هنيو پيو وڃي. ٿي سگهي ٿو ته اهڙي ڪا کشٽ هجي به کڻي پر ديوار منجهه ڏار اندر کان ئي پئدا ٿيل آهن. ساڍا ڇهه ڏهاڪا خلق جي نڙيءَ تي لت رکي سندس جيئندان حرام ڪيو ويو. پرماتما ۽ مذهب جا نانءَ وٺي هن کي مَنَ جي وحشت جي ٻارڻ طور ڪتب آندو ويو. اُمت، ملت ۽ جهاد جا هوڪا ٻڌا ويا. سچ چوڻ واري کي غدار ڪوٺي سُوريءَ چاڙهيو ويو. پرڳڻي جا وسيلا، بابي جي مِلڪَ سمجهي هڙپ ڪيا ويا. عوام کي بکيو، اڃيو، جاهل ۽ بيمارين ۾ تڙپندو رکيو ويو. پئداوار جو وڏو حصو ڪوٽوال ۽ پير، مير، صنعتڪار ڪرٽيندار رهيا. جڳ بدنام اسٽيبلشمينٽ جوڙي حڪمراني ڪئي وئي. سادن ۽ معصوم ماڻهن کي ڪوڙي دلداري ڏيڻ خاطر مولوي رکيا ويا. لوڪ کي دين جي نالي ۾ مڙئي ڪجهه برداشت ڪرڻ جي هدايت ٿيندي رهي. اندر جا ڪارا مهاجر پنجابي ڏاها وڏي رقم سان خريد ڪيا ويا. کين پاڪستان کي ڌرمي نظرياتي ٽيڪو مهيا ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو. ايئن اها ڀڳ لڳ ڀڳ مُني صديءَ کان جاري آهي.

ايشور، ان سموري ٽِڻَ جو کيه ڪردار رهيو ۽ اڃا به آهي.سندس آشا ڄاڻائي ملڪ کي افغان جنگ ۾ ڌڪيو ويو. روسين خلاف آمريڪي ويڙهه کي جهاد سڏيو ويو. پئسا وٺي ڪرائي جا قاتل پئدا ڪيا ويا. مقدس جنگ، اسرائيل ۾ ٺهيل هٿيارن سان وڙهي وئي. سُوئر جي چرٻيءَ کي ڳئونءَ جي وَههَ ڪوٺي، ايشور ۽ ان جي نائبن ڪاڻ سرسيءَ جو سامان جوڙيو ويو. خاڪيءَ وارا اهڙي مانڊاڻ جا خالق رهيا. سونهاريءَ وارا بي ٽيم ۽ سڻڀيون سرڪاري آساميون رکندڙ مُهاجر پنجابي دانشور سڄي ٽڪسال کي اقبال جي خوابن سان ڳنڍيندا رهيا. اڄوڪي جديد دور ۾ به عوام سان ايئن ڊوهه ٿيندو رهي. سڌريل انسان کي اچرج ۽ چڙ نه وٺندي ته ٻيو ڇا؟

ڪشميرين کي الڳ وطن کپي. مٿن هندستاني فوج جا ڪلور ٿيا ۽ اسان جي اسٽيبلشمينٽ چُست ٿي. اسان جو ئي ڏوڪڙ ڪتب آڻيندي منجهائن ڪيئي مڇا سامهون آندا ويا. ڪرڀ ڏياريندڙ ٻه قومي نظريو، اسلام ۽ ڪشمير بني گا پاڪستان جهڙا اُڀار پئدا ڪري سندن حقيقي خودمختياريءَ جي جدوجهد کي سبوتاز ڪيو ويو. هو برباديءَ جي اونهي کڏ ۾ وڃي ڪريا. بلوچن جي تحريڪ سان رياست ڪيئن پيش آئي. سڀ ڄاڻو ٿا. سنڌ اندر ڇا پيو ٿئي؟ قومي هلچل کي چيڀاٽڻ لاءِ هن مهل تائين مثالي بي رحميءَ جو مظاهرو. ڪراچيءَ جي هڪ لساني ڌر پاران ڪرائي جا قاتل. ٻاهرين آبادڪاري ۽ پٺاڻن جي پٺيءَ ٺپ. وڏيرن جو اخلاقي زوال. ٻهراڙيون ڌاڙيلن حوالي. جتي به پيرا کڻبا تنهنجا ئي ملندا او پيارا ڍول سپاهيا!

هڪ وڏي هڪ وڏي طاقتور اداري پنهنجي ڪاڻ “حرمت” جو تصور اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش جاري رکي. مولوي صاحبان خلق کي “بعيت” جا ڀاشڻ ڏيندا رهيا. هٿ جا دشمن ۽ انديشا جوڙي، ماڻهن کي خوف جي حالت ۾ رکيو ويو. پنجابي مهاجر ڏاها جڳ رسوا “قومي مفاد” سمجهائيندا رهيا. وڏي هڻ وٺ کانپوءِ به، گذريل ٽيهن سالن کان آءٌ، هن ملڪ جي قومي مفادن کي سمجهڻ کان قاصر آهيان. مون کي جاهل چئو يا وري… هڪڙي ننڍڙي ڳالهه هر ڪنهن کي سمجهه ۾ اچي ٿي. سا اِها ته پاڪستان هِڪ قومي پرڳڻو نه پر ڪيترين ئي قومن جو وفاق آهي ۽ مڙني ايڪاين جا پنهنجا پنهنجا مفاد آهن. ڪمزور قومن جا آواز گهُٽي، هڪ وڏي صوبي جي مفادن کي ملڪ جا مجموعي قومي مفاد سڏڻ ڪٿان جو انصاف آهي؟ نه وسارڻ کپي ته هتي طبقاتي تضاد به پوري شدت سان موجود آهن.ايئن چند سرنديءَ وارن جي فائدي جي ٽڪن پنجن کي گڏيل قومي مفادن منجهه سلهاڙي گڏ ڪيو ويو. وضاحت اها ته ڄاڻايل سرنديءَ وارن ۾ سويلين ۽ غيرسويلين ٻئي شامل آهن. ٻاهرين دنيا هتان جي قومي مفادن کي اصل ۾ رياستي مفاد سمجهي ٿي. ويچار جوڳو مامرو آهي. هيءَ رياست معنيٰ اسٽيبلشمينٽ ۽ اسٽيبلشمينٽ جي سڀ کان سگهاري ڌُر خاڪيءَ وارا آهن. اهو ئي ڪارڻ آهي جو اسٽيٽ جن ٿوڻين تي بيٺل آهي، انهن مان هڪ جي پَت وائکي ٿيڻ شرط پوري ڍانچي کي هيڻائيءَ اچي ورايو آهي. آسپاس نهاربو ته ڪنهن به ٻي پُختي (اسٽيبل) رياست ۾ ان طرح جي صورتحال ته ٺهيو، پر امڪان به ڪو نه ملندا. سوويت يونين جي ٽٽڻ کي فقط افغانستان ۾ روسي فوجن جي ناڪامي ڪارڻ سمجهبو ته زيادتي ٿيندي.

جي سائين!- ڀڳوان، ڌرم، مُجاهد، پنجاب، مُهاجر ۽ اڄڪلهه پٺاڻ، اُمت، ملت، قومي مفاد، حرمت، بعيت ۽ اهڙا ٻيا اهڃاڻ، ڪُل ئي، اسٽيٽ جي منهن جون ٿوڻيون ۽ ڪَامُون. ساڍا ڇهه ڏهاڪا پبلڪ ان ڪوٺيءَ واڙيل، وضاحت اها ته هتي لکيل لفظ مجاهد اڄوڪي طالبان يا آپگهاتي بمبار لاءِ نه آهي۽ اها به ته پيپلز پارٽيءَ وارا حڪومت ۾ هوندي به اسٽيبلشمينٽ جو حصو نه پر ان جي ڳجهن ارادن جي پورائي خاطر ڍال طور استعمال ٿيندا رهيا آهن. تڏهن ئي سائين جي ايم سيد کين پانڊي سڏيندو هو. مولوي حضرات پڻ ساڳئي لڏي سان تعلق رکن ٿا. حرمت جو محاورو جنهن ۾ خوف، توهين جو انديشو ۽ اٿارٽي سمايل آهن. تنهنجو سهارو وٺي هڪ وڏو ادارو لوڪ جي سک سان ساهه کڻڻ آڏو رڪاوٽ آهي. ڏاڍ ۽ جبر تي مبني ڍانچي کي قائم رکيو پيو اچي. فقط ان هڪڙي اداري جي اوڻاين جي وائک رياست کي ڏٻرو ڪري ڇڏيو آهي. رڳو ايترو سمجهو ته اسان جو ڊپ ڪيترو بي بنياد آهي.

پرڳڻو عملي طور سگهاري اداري جي سگهارن ادارن حوالي ميڊيا جا ڀال ته هاڻ عوام کي سندن ڪرتوتن جي ڪجهه ڄاڻ ثبوتن سميت ملي رهي آهي. ٻاهريان خطرا ڄاڻائي اسان جي ڪمائيءَ جو وڏو حصو کائيندڙ، اسان کي ئي کنڀي، چيري ڦاڙي، گوليون هلائي، ساڙي ماري، چيڀاٽي رهيا آهن، ايجنسين جي خوف ڪيترن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن. ڪيئي ته وٽائن ٿي آيا پر، سالم دماغ نه آهن. هر ننڍي وڏي شهر ۾ ٽارچر سيل قائم آهن. يقين قائم رکجي ته سندن کيل گهڻو وقت نه هلندو.پاڻ کي ايندڙ نسلن جي بچاءَ خاطر مهاڏي جي واٽ وٺڻي پوندي اها دانهن وڏي صوبي پنجاب مان به سڻجي ٿي.

ننڍڙي وينتي. سنڌي ماڻهن جي گهڻائي ٻهراڙين ۾ رهي ٿي. اڻ پڙهيل آهي. هاڻوڪي ميڊيا تائين پهچ نه اٿس. شهري علائقن ۾ رهندڙ پڙهيل ڳڙهيل نوجوانن تي لازمي آهي ته اُهي هر وستي ۽ واهڻ جو رخ ڪن. اُتي رهندڙ معصوم ماڻهن تائين ان صورتحال جي حقيقي وضاحت رسائين. لوڪ کي ٻڌائين ته ملڪ جا بکيا ڪيئن اُڊڙي رهيا آهن. سندن ايڪو ڪيترو اهم آهي. حالتن جي پروڙ ڇو ضروري آهي؟ ياد رکجي ته انهيءَ پير اگهاڙي هلندڙ خلق کانسواءِ اسان، اڄوڪو وچولو طبقو، ڪجهه به ڪري نه سگهنداسين. کين جهرجهنگ مان ٻاهر ڪڍڻو پوندو. ٻڌائڻو پوندن ته هُو مُني صديءَ تائين ذليل ڪيا ويا آهن. اهڙي ذلت جنهن ۾ سندن ڪو به ڏوهه ڪونهي.تلخي ئي ڄاڻ اي اوباش ڇوڪرا! منهنجي تو مٿان چڙ تنهنجي بي عمليءَ سبب آهي. پيءَ ماءُ جي ڪمائيءَ تي پلجندڙ اٺاويهه ٽيهن سالن جي ڄمار ۾ به تون ڏينهن جو هڪ وڳي ننڊ مان اُٿين ٿو. موبائيل فون، ايس ايم ايس ۽ ڇوڪريون. ڪاهل عضوا کڻي پير گسائي گهمندڙ نوجوان. ڪجهه همت کان ڪم وٺ. پنهنجي ماني پاڻ ڪماءِ. سسٽم خلاف ڪروڌ کي گڏ ڪر. چند ڏوڪڙ بچائي ٺري ميرواهه ۽ ماتليءَ هليو وڃي. هروڀرو اوطاقن تي وڃي سلامي ٿي. اُتي ويٺل اٻوجهن کي ٻڌاءِ ته ايندڙ وقت ۾ سندن ٻچا محفوظ نه هوندا. پنهنجي حالت بدلائڻ لاءِ پاڻ کي ئي ڪجهه ڪرڻو پوندو. سجاڳي ۽ ايڪتا هن گهڙيءَ جي گهرج آهن. هي لفظ تو تائين پهچن ۽ پوءِ به ڪوتاهي ڪرين- آءٌ معاف نه ڪندوسانءِ.

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو