Home / افيئر / !سنڌي اديب، صحت جون ناقص سهولتون ۽ اڻپوري جاڳرتا
above article banner

!سنڌي اديب، صحت جون ناقص سهولتون ۽ اڻپوري جاڳرتا

گذريل ٿورن ئي ڏينهن ۾ ڪيترائي ناليوارا اديب مختلف بيمارين ۾ گذاري ويا. ڪيترائي ڪلاڪار اڻهوند جهڙي مصبيت جي ور چڙهي ويا. اسان جو معاشي نظام ننڍ وڏائي تي ٻڌل آهي، ڪو امير آهي ته ڪو غريب، مهانگيون ۽ وڏيون اسپتالون به سرندي وارن لاءِ آهن. بي پهچ انهن ۾ علاج ڪرائي ڪو نه ٿو سگهي. نتيجي ۾ روزانو اخبارن ۾ خبرون ڇپجنديون رهنديون آهن ته فلاڻو اديب بيمار آهي ۽ علاج جي سگهه ڪو نه ٿو ساري سگهي. سرڪاري مدد ڪري. هڪ ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته صحت جهڙي سهولت لاءِ ڪنهن به انسان کي سرڪار اڳيان ڇو ٻاڏائڻو ٿو پوي . اسان جو ملڪ دنيا جي صحت واري اداري جي ڊڪليئريشن تي صحيح ڪئي آهي ته پاڪستان ۾ 2007 تائين مفت صحت جون سهولتون در در پهچايون وينديون، اهو واعدو سرڪار کي پورو ڪرڻو آهي.

اديبن جي بيماري ۾ اسان جي ميڊيا پنهنجو ڪردار ادا ڪندي آهي ۽ سرڪار ڪجهه نه ڪجهه مجبور ٿيندي آهي ۽ ڪجهه ڏوڪڙ به ڏئي ڇڏيندي آهي، پر عام ماڻهو جي ڪير ٿو ٻڌي؟. اهي ڏوڪڙ به ايترو ئي دير سان ملندا آهن جو مريض جو دم ڌرتي جو ٿي رهجيو وڃي. پر سوال اهو آهي ته ماڻهو هٿ ئي ڇو ڦهلائي؟ مهذب دنيا ۾ عام ماڻهو جي سهولت لاءِ صحت کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. هڪ بنيادي صحت يعني پرائمري هيلٿ، ٻيو اسپيشلائيزڊ صحت يعني سيڪنڊري هيلٿ ۽ ٽيون ٽرشري هيلٿ يعني انتهائي پيچيده مرضن جي علاج وارو شعبو ۽ دنيا اهي ٽنهي قسمن جون سهولتون پنهنجي ماڻهن کي پهچائي پئي. اسان وٽ به رورل هيلٿ سينٽر، تعلقه هيلٿ سينٽر، ڊسپينسريون، ليڊي هيلٿ وزيٽر تي مشتمل پرائمري هيلٿ وارو سرشتو رائج آهي.

ضلعي اسپتالن تي مشتمل سيڪنڊري هيلٿ وارو سرشتو ۽ ميڊيڪل ڪاليج ۽ يونيورسٽي اسپتالن تي مشتمل ٽرشري هيلٿ سرشتو موجود آهي. پر اهي سمورا شعبا پنهنجون ذميواريون چڱي طرح ڪو نه ٿا نڀائين. اسان وٽ بنيادي ڍانچو به موجود آهي پر ڪم ڪرڻ جي خواهش موجود ڪونهي. هر ڪو پنهنجي پيٽ پالڻ ۾ مشغول آهي. جيڪڏهن انهن ٽنهي شعبن کي پنهنجي پنهنجي ڪم پوري ڪرڻ لاءِ مجبور ڪجي ته بهتري ٿي سگهي ٿي. اسپتالن ۾ ڪم صبح جو 8 کان شروع ٿئي ۽ شام جو 5 وڳي تائين هلي، ڊاڪٽرن کي ڊيوٽي واري ٽائيم ۾ پرائيويٽ پريڪٽس ڪرڻ جي اجازت نه هجڻ گهرجي. اسپتالن ۾ جيڪو به عملو آهي اهو پنهنجيون ذميواريون فرض سمجهي نڀائي ته بهتري اچي سگهي ٿي. مثال طور ڪنهن زماني ۾ سڀني ضلعي اسپتالن ۾ سرڪار ڊائلسز مشينون ڏنيون هيون اهي بند پيون آهن ڪم ڪونه ٿيون ڪن. سڀني ميڊيڪل ڪاليجن ۽ يونيورسٽي اسپتالن ۾ يورالوجي وارڊ آهن، جنهن ۾ ڊائلسز مشينري پٿر ٽوڙڻ واريون مشيون موجود آهن پر اهي ڪـُل وقتي ڪونه ٿيون استعمال ڪيون وڃن.

ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ مريض 29 ڪريئٽينيز سان رات جو لاڙڪاڻي مان ڪراچي ڊائلسز لاءِ موڪليو ويو جڏهن ته لاڙڪاڻي ۾ ڊائلسز جو پورو شعبو آهي ۽ نيفرالو جسٽس موجود آهن. ايڏي وڏي اسپتال هوندي به موچاري شاعر محمد علي پٺاڻ کي پنهنجي چمڙي جي بيماري جو علاج ڪرائڻ ڪراچي اچڻو پيو. محمد علي پٺاڻ نقلي دوائن جي استعمال جي شڪايت پڻ ڪئي.

ذوالفقار علي ڀٽو اِهو ڪاليج انهي سوچ سان قائم ڪيو هو ته علائقي جا ماڻهو ان مان فائدو حاصل ڪندا. لاڙڪاڻو، حيدرآباد، نوابشاهه ۽ سکر ۾ ٽرشري هيلٿ واريون ميڊيڪل ڪاليج ۽ يونيورسٽي اسپتالون هر قسم جو علاج مفت ڪرڻ جي قابل هجڻ گهرجن. انهن اسپتالن ۾ نه صرف گڙدي جي بيماري جو سمورو علاج ماڻهن کي پهچائڻ گهرجي پر دل جي آپريشن جهڙو ڪم باءِ پاس سرجري، دماغي چوٽ جو علاج وغيره. اسان جي ملڪ ۾ 21 هين صدي ۾ به فقط گڙدي جي پيوندڪاري ٿئي پئي ۽ اُها به مفت فقط هڪ اداري SIUT ۾ دستياب آهي. اهو علاج مفت گڙدي جي پيوندي ڪاري ٻين ٽرشري ڪيئر اسپتالن ۾ به شروع ٿيڻ گهرجي. جگر، دل ڦڦڙ ۽ لبلبو پيوند ڪو نه ٿو ڪيو وڃي ۽ اسان جو پيارو طارق عالم ابڙو ان ڪري زندگي تان هٿ ڌوئي ويٺو، جيڪڏهن جگر جي پيوندڪاري اسان جي ملڪ ۾ ٿيندي هجي ها ته اهو نه ٿئي ها.

اسان جي ڀرپاسي ۾ يعني ايران، چين، هندوستان، سعودي عرب انهن ملڪن ۾ اهي سمورا آپريشن ٿين پيا، اسان وٽ به ڏاهپ جي ڪمي ڪونهي پر ضرورت ان طرف سوچڻ جي آهي، جيڪڏهن سرڪار هنگامي بنيادن تي سرجن انهن ملڪن ۾ ٽريننگ لاءِ موڪلي ته اهڙا شعبا هتي ئي کولي سگهجن ٿا. ان طرح هزارين ماڻهن جون جانيون بچائي سگهجن ٿيون ۽ ملڪ جو پئسو جيڪو ٻاهرين ملڪن مان علاج ڪرائڻ تي خرچ ٿئي پيو اهو به بچي سگهي ٿو.

اسان جي ملڪ ۾ هر سال 50000 ماڻهو عضون جي خرابي ڪري مريو وڃن. اسان کي پنهنجون ترجيحات بدلائڻيون پونديون ۽ سوچ کي عوام دوست بڻائڻو پوندو.

مون کي ڏک سان اهو لکڻو ٿو پوي ته اسان جي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا اِن طرف ڌيان ڪو نه ٿو ڏئي ڇاڪاڻ ته ان ۾ ڪا سنسني خيز ۽ سلطان راهي واريون رڙيون ڪونهن ۽ شايد ڪو فائدو به ڪونهي. مون ڪيترن ئي اخبارن ۽ ٽي وي وارن کي چيو ته انهن مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي کڻو، ها جي بک ڪونهي ڪجهه وري مجبوري جو اظهار ڪندا آهن ته سائين ڪٿان نه ڪٿان فون اچيو وڃي ڇا ڪريون. ميڊيا جيڪڏهن انهن مسئلن کي کڻي ته ڪجهه بهتري ٿي سگهي ٿي.

ليکڪ صاحبان کي جڏهن پاڻ کي ڪا تڪليف ٿي پهچي ته هاءِ گهوڙا ٿيو وڃي، مسئلو حل ٿيو ته ڳالهه ختم. ليکڪ جيڪڏهن انهن مسئلن تي لکندا ۽ اهي مسئلا حل ٿيندا ته پوءِ شايد انهن کي پاڻ کي به سائين ميان نه ڪرڻي پوندي ۽ ويچارو نه ٿيڻو پوندو. اهي مسئلا عام ماڻهن جا مسئلا آهن. پهچ ۽ سرندي وارا ته ڪجهه نه ڪجهه حاصل ڪيو وڃن جيڪي لاوارث، اٻوجهه ۽ مسڪين آهن. انهن جو ڇا ٿيندو ڪوئي ان تي به سوچي.

تازو آءُ لينگويج اٿارٽي طرفان ڪتابن جي انعام ورهائڻ واري تقريب ۾ ويس اُتي به محترمه سسئي پليجو اهو چيو ته سرڪار ته اديبن کي پئسا ڏئي پئي ۽ تاج جوئي، محترم شمشيرالرحيدري جي بيماري جو ذڪر ڪيو ۽ چيائين ته ان جي عيادت ڪري پئسن جو بندوبست ڪيو وڃي. اهو ڪيستائين هلندو. ان جو بندوبست ضرور ڪيو وڃي ته اديبن کي هٿ نه ٽنگڻو پوي ۽ اديب “مفت علاج سڀني لاءِ” تي لکن ۽ جاکوڙ ڪن ته جئين اهو علاج سڀني لاءِ ممڪن ٿئي. محترم احمد خان مدهوش ۽ گلشن شيخ کي هٿ نه ٽنگڻا پيا ڇاڪاڻ ته انهن جو علاج SIUT ۾ ٿيو، جيڪو مفت علاج جو هن ملڪ ۾ واحد مرڪز آهي، جتي ڪنهن کا به ان جي سماجي حيثيت ڪونهي پڇي ويندي. جيڪڏهن SIUT سرندي وارن ۽ سرڪار جي مدد سان جديد علاج مفت مهيا ڪري سگهي ٿو ته ٻيا ادارا ڇو نه ٿا ڪري سگهن. اهي سرندي وارا هاڻ ڪٿي آهن جيڪي دان پـُڃ ڪندا هئا، ڌرمشالائون ٺهرائيندا هئا، مسافر خانا ۽ پاڻي پيئڻ جون جڳهيون ٺهرائيندا هئا، اسڪول ۽ ڪاليج ٺهرائيندا هئا. ڪراچي جو سيٺ ِان ڪم ۾ اڳڀرو آهي، ٻين شهرن جا سيٺ ۽ وڏيرا ڪٿي آهن. سرڪار نالو ڪمائي سگهي ٿي، جيڪڏهن موجوده سهولتون کي ڦڙتي سان عوام تائين پهچائي. مثال طور نوابشاهه ۾ ڊائلسز يونٽ ۽ يورالوجي وارڊ آهن پر مريض ڪراچي موڪليا وڃن ٿا. اتي پٿري ٽوڙڻ جي مشين به آهي، مشين حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ به آهي. فقط انهي کي استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي. ماڻهن جي ڀلي ڪرڻ ضرورت آهي. ان ۾ طبي عملو به مدد ڪري سگهي ٿو. ڊاڪٽر صاحبان به ٿوري دير لاءِ مسڪينن لاءِ سوچين، اهو ڪو مشڪل ڪم ڪونهي. پرائيويٽ پريڪٽس کان ڪجهه هٽي سوچين ٿرپارڪر ضلعو جيڪو 9 لک 95 هزار 812 آبادي جو ضلعو آهي، اتي ڪو به ميڊيڪل ڪاليج ۽ يونيورسٽي اسپتال ڪونهي، نتيجي ۾ ماڻهن کي وڏا پنڌ ڪري حيدرآباد ۽ ڪراچي اچڻو پوندو آهي. ٿرپارڪر ۾ هونئن به صحت جي سهولتن جو فقدان آهي. اسان جي هڪ عورت مريض جنهن جا گڙدا فقط ان ڪري ختم ٿي ويا جو ويم دوران ان جو تمام گهڻو رت ضايع ٿي ويو ۽ هـُوءَ وقت تي ان جو علاج نه ڪرائي سگهي. گڙدو ته جئين تيئن ڪري تبديل ٿي ويس، ٻن سالن جي وقفي کانپوءِ پٽ ڄايس. سال جي عمر ۾ ان کي دست لڳي ويا، تنهن ڏينهن ڇڪڙو نه اچڻو هيو، ٻار اسپتال نه پهچي سگهيو ۽ گذاري ويو. انهن مسئلن کي ڪير کڻندو ۽ انهن تي ڪير لکندو. اديب ۽ ليکڪ حضرات ڇو نه ٿا ان طرف ڌيان ڏين ۽ لکن. جيڪڏهن صحت جون سهولتون مناسب ٿينديون ته سڀني کي ان جي فائدو ملندو. اهوئي مانائتو طريقو آهي.

ٻيو ته سنڌي اديبن جي نمائندا تنظيم سنڌي ادبي سنگت به ڪوئي فنڊ قائم ڪري جيڪو هو اديبن جي سهائتا تي خرچ ڪري، اديبن جا ڪتاب ڇپرائي، ان طرح اديب پاڻ سگهارا ٿيندا، ماڻهن جي دربدري قابل ديد آهي. اوهان اسپتالن جي ٻاهران ٽينٽ گهر ضرور ڏٺا هوندا اهي مريضن جامائٽ هوندا آهن جيڪي جهوپڙيون اڏي اسپتالن جي ڀرپاسي ۾ فٽ پاٿن تي رهيل هوندا آهن ڪي ويچارا ته ڪيئي مهينن کان اتي ترسيل هوندا آهن. جيڪڏهن انهن جي مريضن جو علاج گهر جي پرپاسي ۾ ٿي وڃي ته هو ڌڪن کائڻ کان بچي وڃن.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو