Home / سياسي افيئر / !سنڌين جي “لال قلعي” جا مسواڙي
above article banner

!سنڌين جي “لال قلعي” جا مسواڙي

آصف زرداري جيڪي ڏکيا ڏينهن ۽ چيلينج ڏٺا آهن سي شايد ئي ڪنهن ٻئي حڪمران ڏٺا هجن. گهٽ ۾ گهٽ سندس ساهوراڻي گهر مان ته ڪنهن به اهڙي صورت حال ڪانه ڏٺي. پر هاڻي آصف زرداري جيڪي سٺا ڏينهن ڏسي رهيو آهي سي به انهن مان ڪنهن شايد ئي ڏٺا هجن. چون ٿا ته اڄڪلهه ايوان صدر ۾ سک، سڪون ۽ شانتي آهي. اهو سڀ کيس هاڻي نصيب ٿيو آهي، جو هلي هلي هو رسي تي هلڻ جو ماهر ٿي ويو آهي.

اسٽيبلشمينٽ پهريان ذوالفقار علي ڀٽي جي “رسي دراز” ڪئي ۽ پوءِ کيس ان رسي تي هلڻ تي مجبور ڪيو. هو کيڏاڙي نه هو. هن کي کاٻي يا ساڄي پاسي ڪرڻو ئي هو. اميدن جي عين مطابق هو تمام عاليشان نموني ساڄي پاسي وڃي ڪريو. پراڻي سوويت سياسي ڪلچر ۾ جيڪڏهن ڪنهن سياسي ماڻهوءَ جو لاڙو ساڄي ڌر ڏانهن ٿيندو هو ته چوندا هئا ته “ڪامريڊ ساڄي پير کان منڊڪائي رهيو آهي.” ڀٽو ۽ سندس عظيم انقلابي پارٽي پنهنجي سموري دور ۾ ساڄي پير کان منڊڪائيندا رهيا. آخر ۾ اسٽيبلشمينٽ کيس رسي تي ٽنگي ڇڏيو.

جڏهن سولين چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر، صدر، وزير اعظم، فخر ايشيا، قائد عوام ۽ چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ڊٺي ته هن جي پارٽيءَ جا وڏيرا سنڌين کي اهو تاثر ڏيڻ ۾ ڪامياب ويا ته سندس حڪومت نه ڊٺي آهي پر اصل ۾ سنڌين جو لال قلعو ڪري پيو آهي. ڀٽي جي حڪومت ڪيتري سنڌين لاءِ هئي، ان جو ڪو به صحيح سياسي تجزيو سنڌ ۾ تيستائين نه ٿيڻ ڏنو ويندو جيستائين سندس پارٽي کٽ خالي نٿي ڪري ۽ ان جو ڪو نعم البدل پيدا نٿو ٿئي. گهٽ ۾ گهٽ سنڌي ماڻهن لاءِ ته اهو سوچڻ به ممڪن ڪونه رهيو آهي ته ڪو ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ڪنهن معاملي ۾ غلط يا خراب به هئي.

متبادل تيار ٿيڻ ۾ دير لڳندي آهي پر ڪڏهن ڪڏهن عاليشان متبادل اچي ويندا آهن. هي چوائسز جو دور آهي ۽ سنڌي وڏيرا سنڌي ماڻهن جي Right to choices (چوائسز تي حق) مٿان لت رکيو بيٺا آهن. سنڌي ماڻهن آخر ڏوهه ڪهڙو ڪيو آهي جو هڪ ئي 1972ع ماڊل کٽارا پارٽي هر ڀيري سندن مٿي ۾ لڳندي رهي ۽ نام نهاد سنڌ دوست دانشور، ڏاها ۽ ڄاها ان پارٽي جي ڏوهن ۽ خراب هلت تي پردو وجهي سنڌين جي بدنصيبيءَ کي حيلن بهانن سان جسٽيفاءِ ڪندا رهن؟ سو آئون اها ڳالهه اوهان کي لکي ٿو ڏيان ته متبادل اڻ ٽر آهي.

اڄ اولهه بنگال ۾ ڪميونسٽ ڪٿي آهن؟ جيوتي باسوءَ جي ڪامريڊن جي حڪومت ڌوڙ ٿي وئي جيڪا “سوويت يونين کان پوءِ دنيا ۾ ڪنهن ٻي جاءِ تي اليڪشن وسيلي چونڊجي ايندڙ ڊگهي ۾ ڊگهي عرصي تائين قائم رهندڙ ڪميونسٽ حڪومت” هئي؟ ڀيٽ ڪرڻ بيوقوفي آهي. پيپلز پارٽي ڪميونسٽ پارٽيءَ جهڙي پارٽي ٿوروئي آهي. پيپلز پارٽي ته ٽريول ايجنسي آهي جنهن کان بنا ڪنهن فرق جي پليجا ۽ شيرازي اقتدار جي ٽڪيٽ ٺهرائي سگهن ٿا. پيپلز پارٽي سنڌ جي موجوده غلامداري نظام جي ضرورت آهي ۽ هن ملڪ کي مسواڙ تي ڏيندڙن جي دل ۾ ويٺل ڊپ کي ٻارڻ بنائي پنهنجو دڪان هلائيندڙ “لميٽيڊ ڪمپني” آهي.

مسواڙ تي ڏيندڙ شايد ايترا پيرانوائڊ نه به هجن، پر عالمي کيڏارين جو پريشر، اسٽيٽس ڪو کي قائم رکڻ جي مصلحت ۽ بهتر ڊيل ڏيندڙ متبادل جي غير موجودگي اهڙا عنصر آهن جيڪي نه چاهيندي به کين پيپلز پارٽيءَ سان گڏ هلائي رهيا آهن. پيرانوائڊ ته اصل ۾ رڳو سنڌي ماڻهو آهن جيڪي مفروضي تي ٻڌل ان ڊپ جا شڪار آهن ته جيڪڏهن پيپلز پارٽي نه رهي ته سندن ڇا ٿيندو؟ هن ڊپ جي نوعيت ۾ ڪٿي شايد ان لطيفي وارو عنصر به شامل آهي ته هي ته وڌ ۾ وڌ ڪفن ئي چوري ڪن ٿا، هنن کان پوءِ ايندڙ خبر ناهي ڇا ڪن؟ سو ٿوري ٿوري وقت کان پوءِ مسواڙ تي ڏيندڙ سنڌين جي لال قلعي جي مرمت ڪرائي ٿا ڇڏين ته جيئن سنڌي ان کي ڏسي ڏسي پيا “گد گد” ٿين. سندن ڊپ اهو آهي ته متان سنڌين کي ڪڏهن پنهنجي ڪنهن “غريباڻي جهوپڙي” اڏڻ جو خيال نه اچي وڃي.

“پلاند پراڻا ڪونه ٿيندا آهن” جو مطلب آهي ته ضروري ڪونهي ته پلاند فوري طور ورتو وڃي. ان ۾ ورهيه لڳي سگهن ٿا. سنڌي وڏيرا جن جي اقتدار جو لال قلعو 1977ع ۾ ڊٺو هو ۽ ضياءُالحق کين ڀت پوت مان ڪڍي ڇڏيو هو تن ننڌڻڪن سنڌي ماڻهن کي ٽينڪن تي چڙهي هلندڙن آڏو بيهاري 1979ع ۾ لڙڪيل ڀٽي جو پلاند 1983ع ۾ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. هي عجيب پلاند هو؟ ۽ هي ڪنهن کان پلاند هو؟ هن پلاند ۾ ماراڻا رڳو سنڌي ۽ کين ماريندڙن کي ڀٽي جي ڌيءَ نوڪري ملڻ شرط “تمغه جمهوريت” عطا ڪيو.

“بهترين انتقام” واري موجوده جمهوريت ۾ پيپلز پارٽي پهريون ڀيرو ڀٽي خاندان جي چانئٺ پار ڪري ٻاهر نڪتي آهي. ڊپ ٿو ٿئي ته ڪٿي برف وانگر پگهرجي نه وڃي جو ان پهريون ڀيرو سج جي روشني ڏٺي آهي. حالتن انهن مولائي سنڌين کي سياسي ٻارکڙي پڙهائڻ شروع ڪئي آهي جن جي نام نهاد “شعور” جو جڙتو ڏهڪاءُ ڪنهن زماني ۾ سندن “احساس محرومي” جي ڪهاڻيءَ وانگر ڏيهان ڏيهه ڦهلايو ويو هو. مس مس وڃي انهن تي اها ڳالهه کلي آهي ته پيپلز پارٽي به ٻئي سياسي چوپائي مال جهڙو ئي مال آهي. وڌيڪ اهو ته اها 1969ع کان وٺي وهڪيل آهي، کير ڪانه ڏيندي، پيٽ ڪانه ڪندي، رڳو گاهه تي چٽي بڻيل هوندي.

ٻي ته ڪنهن تبديليءَ جي تمنا اجائي آهي پر هاڻي جڏهن اها ڀٽي خاندان مان ٻاهر نڪتي آهي ته اهو پيپلز پارٽيءَ جي هڪ باضابطي اقتداري پارٽي بنجڻ جو موقعو به آهي. پر ان لاءِ ضروري آهي ته پارٽي گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي انٽرنل فورمز ۾ ته سچ ڳالهائڻ شروع ڪري. پارٽيءَ اندر ڪو گلاسنوسٽ شروع ٿئي. جيئن “مفاهمت” باقاعدي هڪ ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ آهي، هڪ طريقه ڪار ۽ حڪمت عملي آهي، تيئن پارٽي اندر ڪو نئون نظريو، نئين سوچ به پيدا ڪئي وڃي ته جيئن ماڻهو خاندان بدران ڪنهن سوچ جي مرڪز تي گڏ ٿي سگهن ۽ ڪو نئون رومانس پيدا ٿي سگهي. اڃا تائين ته پريوار ئي سڀ ڪجهه آهي. جيڪڏهن زرداري سٺو اسٽريٽيجسٽ آهي ته کيس اندازو هوندو ته اها هڪڙي اڌوري پيش رفت آهي جنهن کي سياست جي ڪي بورڊ تي ڪنٽرول زيڊ واري ڪمانڊ ڏيئي ڪنهن به وقت undo ڪري سگهجي ٿو. جيئن ته ضروري تقاضائن مان ڪنهن تي به عمل نه پيو ڪيو وڃي ۽ جيئن ته اڃا تائين پارٽيءَ لاءِ پريوار ئي سڀ ڪجهه آهي، تنهن ڪري خدشو آهي ته جڏهن به حالتون بدليون، (ان کي “اسٽيبلشمينٽ جون ترجيحون بدليون” پڙهندا) ته ڪنهن ٻئي (رد ٿيل نه، پر اڻ آزمايل) ڀٽي جو جلوو ڏيکاري سگهجي ٿو جنهن سان هن پارٽيءَ جا سئو ماڪوڙا وري ڀٽي خاندان جي ڏر ۾ هليا ويندا.

ويجهڙائي ۾ ٿيل ڪچهرين ۾ ڪيترن پشتون سياسي ڪارڪنن ۽ دانشورن ڏاڍا دلچسپ تجزيا ڪيا. هنن جو چوڻ هو ته آصف زرداريءَ جي قيادت ڀٽن جي قيادت کان هزار دفعا بهتر آهي. هو پاڻ کي ڪا آسماني مخلوق سمجهندا هئا ۽ پنهنجي ذات جي نرگسيت مان ٻاهر ڪونه نڪرندا هئا. هو سياستدانن سان نه ڳالهائيندا هئا ۽ فقط فوج سان “ڳالهيون” ڪندا هئا. هنن سان ڪير ڳالهائي نه سگهندو هو. تاريخ نويس ڀلي کڻي انهن کي سٺو سياستدان سڏي پر زرداري وڌيڪ بهتر سياستدان آهي. سٺو سياستدان اهو هوندو آهي، جنهن سان ماڻهو ڳالهائي سگهي. مائيڪ مولن سان ته آصف زرداريءَ کي ڳالهائڻو ئي پوي ٿو پر مولانا فضل الرحمٰن ۽ چوڌري شجاعت به هن سان به ڳالهائي سگهن ٿا.

ڪيترائي ماڻهو ان راءِ جا آهن ته زرداريءَ جي قيادت ۾ ڪوالٽي آهي. ڪوئيٽا ۽ پشاور ۾ پشتون سياسي ڪارڪنن ۽ دانشورن سان ملاقاتون ٿيون جن زرداريءَ جي قيادت ۾ ڪوالٽي هجڻ جو هڪ انڊيڪيٽر اهو به ٻڌايو ته پهريون ڀيرو سيڪيولر پشتونن سان پيپلز پارٽي ايڏي ڊگھي مدي واري پارٽنرشپ ۾ رهي آهي. جيتوڻيڪ اي اين پي جا وڏڙا ڪونه رهيا آهن پر قيادت جي سوچ ۽ لائين اڄ به اها آهي جيڪا 1970ع ۾ اين اي پي جي هئي. تنهن ڪري اي اين پي ۾ ته ڪجهه به نه بدليو آهي، تبديلي البته پيپلز پارٽي ۾ آئي آهي. ٻنهيءَ جي پارٽنر شپ ان ڪري هلي آهي جو پيپلز پارٽيءَ کي هاڻي ڪجهه بهتر قيادت ملي آهي. هڪ دلچسپ دليل اهو به هو ته زرداري پشتونن سان ان ڪري سٺو هليو آهي جو هو چاچي حاڪم عليءَ جو پٽ آهي جيڪو ولي خان جي پارٽيءَ ۾ صوبائي ۽ مرڪزي عهدن تي رهيو هو : “مڙا، تربيت ڪا ڀي تو اثر هوتا هي نا!”

ٻيا ماڻهو پيپلز پارٽيءَ ۾ تبديلي ڏسي رهيا آهن ۽ پارٽيءَ وٽ تبديل ٿيڻ لاءِ موقعو به موجود آهي پر تبديليءَ جي حال جي حقيقت ڇا آهي؟ جيڪڏهن ڏسجي ته رڳو مٿي زرداري آيو آهي باقي هيٺ ڪجهه به نه بدليو آهي. ان جي خبر ان مان به پوي ٿي ته هن پارٽيءَ جا سمورا نعري باز پهلوان اڄ به پراڻي بابا جاني کان شروع ٿي ڀٽن جي شهادتن جو نوحو پڙهي “زنده هي بي بي زنده هي” تي اچي ڳالهه کٽائين ٿا. سنڌ اسيمبليءَ ۾ موجود طوطن ۽ طوطين جو ته ذڪر ئي ڇا ڪجي. حد ته اها آهي ته مسواڙ واري ميٽر تي هلندڙ ڪنسلٽنٽ وزير خزانه پارليامينٽ ۾ بجيٽ جهڙي تقرير به شهادتن جي ذڪر سان شروع ۽ ختم ڪري ان کي”جذباتي شاهڪار” بنائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ڪير کيس چوي ته بابا تون هڪڙو ڊرون آهين، ماڻهن تي جيڪو ميزائل ڪيرائڻو اٿئي سو ڪيراءِ ۽ چلتو ٿي.

گذريل ليک ۾ مون چيو هو ته ستارن جي گردش جي ڪري پنڊيءَ وارن تي نڀاڳ ٽڪ ٻڌي بيهي رهيو آهي. هو هاڻي سون کي هٿ لائين ٿا ته اهو به مٽي ٿي ٿو وڃي. رڳو ويهارو ڏينهن اندر صورت حال وڌيڪ بدتر ٿي چڪي آهي. خروٽ آباد کان وٺي ڪلفٽن تائين فوجي ۽ رينجرز اهلڪار جنهن نموني فائرنگ اسڪواڊ ٺاهي ماڻهو ماريندا رهيا آهن تنهن سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو شان وڌايو آهي. سوات جي فائرنگ اسڪواڊ جي فوٽيج تي اڃا تائين آمريڪا ۽ ٻين مغربي ملڪن ۾ ٻائيتال متل آهي. پرڏيهي سفارڪار جيڪا “مڻ مڻ…مڻ مڻ” واري ڊپلوميٽڪ ٻولي ڳالهائيندا آهن تنهن ۾ پاڪستان اندر human security (انساني سلامتيءَ) جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي مسلسل ڳڻتيءَ جا اظهار ٿي رهيا آهن. ڪيترن ادارن، اخبارن ۽ ميگزينن هڪ ڀيرو وري پاڪستان کي دنيا جو “موسٽ ڊينجرس ڪنٽري” قرار ڏيئي ڇڏيو آهي.

ڪراچي ۽ ڪوئيٽا ۾ جيڪي ٿيو تنهن تي داد ۽ تحسين ته ملي ئي رهيو هو، مٿان سليم شهزاد جي قتل وڻ وڄائي ڇڏيا آهن. موبائيل فونن جي ٽپال ۾ڪيترن کي اهو لطيفو به پهتو ته “پاڪستان ان حد تائين خطرناڪ ملڪ بڻجي چڪو آهي جو ٻيو ته ڇڏيو پر هتي اسامه بن لادن به محفوظ ڪونهي.” خبر ڪانهي ته ان کي لطيفو چوڻ کپي يا نه پر هڪ ٻئي لطيفي ۾ چيل هو : “پاڪستان ڪي قومي دعا : يا الله بجلي ڪب آئي گي؟” “پاڪستان ڪا قومي نعره : پاڪستان سي زنده ڀاگ!”

ڪراچيءَ ۽ ڪوئيٽا واري فوٽيج رڳو ملڪ کان ٻاهر ئي نه پر ملڪ اندر هر علائقي جي ماڻهن ۾ ڪاوڙ پيدا ڪئي آهي. عوامي بحث مباحثا هجن، اجلاس ۽ ميٽنگون هجن، حجام يا ٽيڪسي ڊرائيور جا تجزيا هجن يا سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ دانشوري هجي، هر هنڌ عوامي راءِ ان ڏس ۾ جيتري فوڪسڊ ۽ هڪ ساريکي ٿي آهي تنهن جو ويجهڙ ۾ ڪو ٻيو مثال ڪونه ٿو ملي. ايئن ڪيترائي ڀيرا ڏٺو ويو آهي ته عوامي راءِ ميڊيا جي مرليءَ سان منفي اشوز تي به هڪ ساريکي ٿي نچڻ شروع ڪندي آهي، پر ان جو درست رخ ۾ ايڏي شدت سان بيهڻ ڪا معمولي ڳالهه ڪانهي. جيڪي ڪراچيءَ ۾ احتجاج ٿيا سي سڀنيءَ ڏٺا پر لاهور وارن پنجاب رينجرز جي هيڊڪوارٽر سامهون جيڪو مظاهرو ڪيو تنهن ۾ هر ڪا ٿُڪ لعنت شامل هئي. هو بينر تي احمد فراز جي شعر جي سٽ به لکرائي کڻي آيا هئا ته: “پيشه ور قاتلو، تم سپاهي نهين!”

تنقيد واري عوامي راءِ جي موجودگيءَ ۾ “جٽي” ۽ مُٽيار ميڊيا حڪومت تي ڪجهه “زياده” ئي تتل آهي. “جينا هوگا مرنا هوگا، ڌرنا هوگا ڌرنا هوگا” واري ڏينهن پنجاب، سنڌ ۽ پختونخواه مان صحافي سخت گرميءَ ۾ اسلام آباد پهتل هئا ۽ خبرن وارا چينل سانده “زندهه” پروگرام هلائي فوج ۽ آءِ ايس آءِ جي خبر وٺي رهيا هئا. يقيني طور پنڊي وارن کي پريشاني ته ٿيندي. ۽ پنڊيءَ وارن جي پريشاني ظاهر آهي ته پي پيءَ جي پريشاني آهي جيڪا ڪميشن ٺاهي سندن ضمانت ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. اسامه واري معاملي ۾ آصف زرداري جهڙي ريت هنن جي بچت ڪرائي تنهن ٻنهي ڌرين ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي. هن معاملي ۾ به پنڊي وارا زرداريءَ جي فهم فراست ۽ خاص طور “مفاهمت” مان مستفيض ٿي آجا ٿيڻ چاهين ٿا ۽ کين اميد آهي ته هو هڪ ڀيرو وري سندن “بچت” ڪرائيندو.

اوهين ڏسندا هوندا ته نئين اليڪشن لاءِ مهم هينئر ساڻ شروع ٿي وئي آهي. مثال طور عمران خان ڌرڻا هڻائي رهيو آهي، فضل الرحمٰن دورا ڪري رهيو آهي ۽ نواز شريف نوان اتحادي ڳولي رهيو آهي. پي پي مخالف قوتن، خاص طور “مخصوص” ميڊيا کان هاڻي وڌيڪ انتظار نٿو ٿئي ۽ ان هاڻي مرڳو انهن تي گار گند ڪرڻ شروع ڪيو آهي جيڪي زرداريءَ کي هٽائڻ جي سگهه ته رکن ٿا پر مصلحتن جي ڪري هٽائين ڪونه پيا. گيلاني اهو چئي ملڪ جي موجوده سياسي نقشي جي “گل” هڪ نقطي ۾ مُڪائي ڇڏي آهي ته تاريخ ۾ اڳي ڪڏهن به پيپلز پارٽي ۽ اسٽيبلشمينٽ هڪ ٻئي کي ايتريون ويجهيون نه رهيون آهن. مخالفن ان جو پيرافريز اهو ٺاهيو ته “پيپلز پارٽي اسٽيبلشمينٽ ۾ بيٽري سيلز وانگر پيل آهي.” ڪيئن به هجي، صاف ظاهر آهي ته “ٻيا” اسٽيبلشمينٽ کان ويتر وڌيڪ فاصلي تي هليا ويا آهن. ان صورت حال ۾ پنهنجي مشڪل آسان ڪرائڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ وٽ موجود اڪيلو آپشن آصف زرداري ئي آهي. انگريزيءَ ۾ چوندا آهن ته “دنيا ۾ مفت لنچ جهڙي ڪا شيءَ ڪانه ٿيندي آهي.” سو زرداري جيڪو هڪ ڪامياب بزنيس مين به آهي سو اسٽيبلشمينٽ جي “بچت” تي ڪو پرائيس ٽيگ به ضرور هڻندو. سودو ته ظاهر آهي هينئر ٿيندو پر ان جي ادائيگي ان اليڪشن ۾ ٿيندي جيڪا گهٽيءَ جي ڪنڊ تائين پهچي وئي آهي.

خبر ناهي ته سڀ ڪجهه ايئن ئي ٿيندو جيئن نظر اچي رهيو آهي يا اهي محض speculations به ثابت ٿي سگهن ٿيون. پاڪستان ۾ تبديليءَ جي پرورش ڀلي هڪ ٻئي پٺيان ٿيندڙ (وڏا) واقعا (۽ حادثا) ڪندا هجن، پر تبديليءَ جي پيدائش پينٽاگان ۽ پنڊي جي سچوئيشن رومز ۾ ٿئي ٿي جنهن جو دائپو جرنيل ڪن ٿا. هنن جي ترجيح ڇا آهي؟ هو ڪنهن کي ويجها آهن يا ڪنهن سان ويجهڙائي پيدا ڪري سگهن ٿا ان بابت پڪ سان ڪجهه به نٿو چئي سگهجي. اقبال شايد هنن لاءِ ئي چئي ويو هو ته: “يه خاڪي اپني فطرت مين، نه نوري هي نه ناري هي!”

 

 

 


below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو