Home / ڪور افيئر / !طارق عالم جو وصيت نامو
above article banner

!طارق عالم جو وصيت نامو


مرندڙ ماڻهوءَ جي زندگيءَ جي آخري گهڙين يا آخري ڏهاڙن ۾ چيل ڳالهيون وصيت جو درجو رکنديون آهن. ڀلي ته پوءِ اها وصيت لکت ۾ هجي، چيل ڳالهين کي به وصيت ئي ڳڻي سگهبو آهي، اهو ان ڪري جو موت ڏانهن سُرندڙ ماڻهو وري ڪڏهن موٽي اچڻو ناهي، جو اچي ڪنهن کي مِهڻو ڏئي سگهي ته يار فلاڻي يا الاڻي مون سان ڀال ڪيا يا فلاڻي مون سان ڪا نه جُڳائي! اهڙو ئي ڪيس منهنجي نهايت دلبر دوست مشهور ناول نگا، ڊرامه نويس ۽ اديب طارق عالم ابڙي جو به آهي، جيڪو ڪنهن معصوم ٻار جيان هٿ ڇڏائي اهڙي سفر تي هليو ويو آهي، جتان هيلتائين ڪو وريو به ناهي، نڪي ورندو.

طارق بيماريءَ جي بستري تي پهچڻ کان اڳ به ڪافي عرصي کان بيمار هو ۽ هن کي خبر هئي ته سنڌڙيءَ جي جوڻيجي وزيراعظم ۽ دل جي درويش شخص مرحيات ڄام صادق جي سهڪار سان هُن جو لنڊن ۾ پيوندڪاري ٿيل گڙدو ناڪاره ٿي چڪو هو، پر اها هن شخص جي خودداري هئي جو پنهنجي تڪليف جو ڪنهن سان به ذڪر ڪري همدردي حاصل نه ڪندو هو. طارق جڏهن بيماريءَ جو گهڻو شڪار ٿيو تڏهن هن سول اسپتال ڪراچيءَ ۾ ڊاڪٽر اديب رضوي واري وارڊ جو رخ ڪيو، جتي ڄامشوري جا منظر پوئتي ڇڏي هو هفتي ۾ هڪ اڌ ڀيرو اچي چيڪ اپ ڪرائي وري موٽي ويندو هو. بيماريءَ جي عالم ۾ به سندس لکڻ واري ڪمٽمينٽ جو اهو حال هو جو SIUT جي انتهائي نگهداشت واري وارڊ مان به هن “افيئر” لاءِ پنهنجا ٻه آخري ليک لکيا، جنهن ۾ هڪ ليک ۾ هن ويندي ويندي ان شخص جا ٿورا ڳڻايا، جنهن لنڊن ۾ کيس جيئندان ڏيڻ لاءِ ڇپر ڇانوَ وارو ڪردار ادا ڪيو هو، ۽ پوءِ ان لاءِ لکيائين “دل جو درويش شخص، ڄام صادق” ڀلي کڻي ڄام ڪانڀو خان جي بُڻ مان اهو بڻائتو شخص جڳ سڄي لاءِ ناڪاري ڪردار هجي، پر هو پنهنجي جوهر ۾ ڪيترو هاڪاري هو جو هُن جا ڳڻ طارق پاڻ به ڳايا… “مون کي ضياءَ جي آمراڻي دور ۾ زندگيءَ جو جيئندان ملي ويو هو، پر اڄوڪي پ پ جي جمهوري حڪومت ۾ سمجهان ٿو ته نه ملي سگهندو.” طارق نهايت ڏک مان مون کي ٻڌائي رهيو هو.

هو ان سلسلي ۾ شايد ان ڪري به نااميد هو جو پ پ ۾ سواءِ هالا جي مخدوم ڪٽنب جي باقي ثقافت کاتي جي صوبائي وزير کان وٺي سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه، توڙي مٿين سطح تي موجود قيادت ۾ کيس ڪا “ٿوم” نظر نه ايندي هئي. تڏهن ته هن پنهنجي خودداري جو ڀرم رکندي ڪڏهن ڪنهن کان پاڻ اهو مطالبو به نه ڪيو ته سندس علاج ڪريو وڃي. “مون کي ڄام صادق هڪ ڀيري ٻڌايو هو ته هو در تي بيل وڄڻ جي صورت ۾ ان ڪري پير ۾ جُتي پائڻ کانسواءِ هليو ايندو هو جو کيس پيءُ جي نصيحت ٿيل هئي ته متان سائل سان ڪو وڏو مسئلو هجي ۽ تون جتي ڳولڻ ۾ وقت وڃائين، پر اهڙو هڪ به ماڻهو مون کي هاڻوڪي پ جي حڪمران ڌر ۾ نٿو سُجهي.” هو مون کي ڪچهري دوران ٻڌائي رهيو هو.

علاج ڪرائڻ، 40 يا 60 لک حڪومت طرفان نه ڏيڻ واري بي حسي ته ضرور تاريخ جي رڪارڊ ۾ درج ٿيڻ گهرجي، پر طارق جي انهن دلبر دوستن جي بي حسي جو ڇا چئجي جيڪي صاحب حيثيت هوندي به کيس ڄامشوري کان ڪراچي کڻي اچڻ لا ءِ بهاني بازين کان ڪم وٺنداهئا. طارق کي افسوس ته سنڌيالاجي جي ان ڊائريڪٽر ماڪا جو به هو، جنهن هڪ ڀيري کيس علاج لاءِ گاڏي ڏئي ۽ جُٺ ڪئي هئي“ماڪا ڊرائيور کي سمجهائي ڇڏيو هو ته ڄامشوري کان ٿورو اڳيان وڃي گاڏي خراب هجڻ جو بهانو ڪرڻو آهي، ۽ پوءِ واپس موٽي اچڻو آهي، هُن ايئن ئي ڪيو، اسان پوءِ فون ڪري ڄامشوري مان ٽئڪسي گهرائي ڪراچي روانا ٿياسين. 30 منٽن کانپوءِ سنڌالاجي مان ئي خبر پئي ته ڊرائيور گاڏي ڊوڙائيندو اتي پهچي ويو.” هو ڏوراپي واري انداز ۾ چئي رهيو هو.

ڀلا اهي ماڻهو جيڪي حيدرآباد، ۽ ڪراچي ۾ رهن ٿا، آهن به سنڌ جي ساڃاهه، اديب، دانشور، صحافي ۽ شاعر پئسن ڏوڪڙن م به ڀريا تريا آهن ته زندگيءَ جون سڀ سهولتون ميسر اٿن، انهن طارق جي علاج لاءِ پنج هزار به نه ڏنا، پر اهي پنهنجي ضمير کان رڳو هڪڙو سوال ڪن ته اهي گهڻا ڀيرا سندس دل رکڻ لاءِ ئي سهي مزاج پرسي ڪرڻ سول استپال ڪراچي ويا؟ مرتئي کان اڳ مضمون لکي مٽ ۾ وجهي رکندڙ ۽ ماڻهن جي مرڻ جو انتظار ڪري اخبارن ۾ ڇپائڻ جي عادي ڏاهن، همدردي جتائڻ جي شوقينن ۽ ڪلهي ڪانڌي ٿي ميڊيا جي لست وٺندڙن کي پنهنجي روئي تي هڪ نه هزار ڀريا غور ڪرڻ گهرجي. انهن مئي پڄاڻان ته منهنجي دلبر دوست لاءِ لقبن جا واهڙ وهائي ڇڏيا آهن، پر جڏهن طارق بيماريءَ جي بستري تي هو ۽ هن کي علاج، مدد ۽ اتساهه جي ضرورت هئي تڏهن انهن اڪ ڪارا ڇو نه ڪيا. “همسفر يار! پنهنجا ڪجهه دلبر دوست به ڏاڍا منافق اٿئي، مون تي هڪ اکر به لکڻ کانئن نٿو پُڄي، بس زندگي شطرنج راند آهي، ڪٿي پنهنجي ڳوٽ به مارجي ويندي.” طارق جي اهڙي ڏوراپي کانپوءِ مون پنهنجو فرض نڀائيندي سندس بيماري متعلق پهريون مضمون هڪ اخبار ۾ لکيو، جنهن کانپوءِ ستل سنڌي جاڳيا. ليڪن طارق جا اهي پرين پيارا سنگتي جن لاءِ طارق ڇا ڇا نه ڪيو، انهن پوءِ به ڪٿي هڪ سٽ به نه لکي!

يقيني طور تي ڪنهن جي لکڻ ۽ نه لکڻ سان طارق جي وڃڻ واري راهه ترڪ ڪو نه ٿئي ها، پر هو اهو ڏک کڻي ڏورانهين ڏيهه نه وڃي ها ته جن يارن لاءِ سنگت ۾ سڀ ڪجهه قربان ڪيوسين اهي به عهدن، حڪومتي عتاب ۽ لاڳاپن کي مدنظر رکي سندس اخلاقي ئي سهي پر کيس ٽيڪ نه ڏنائون.

طارق ڏکارو ته ادبي بورڊ جي ان بيوروڪريٽ بڻجي ويل اديب سيڪريٽري کان به هو، جنهن سندس رٽائرمينٽ ۾ رنڊڪون وڌيون ۽ ان ڪيس کي اڳتي نه وڌايو. ڪيئن چئجي ته طارق عالم کي موت جي منهن ۾ موڪلڻ جي ذميوار رڳو سنڌ حڪومت آهي؟ ذميوار ته اهي دوست احباب ۽ ڪروڙن جي قوم به آهي، اها جيڪڏهن رپين ۾ به چندو جمع ڪري ها ته هڪڙي ٻهڳڻ اديب جي زندگي بچي پئي سگهي.

هڪڙي ڀيري ايئن ٿيو جو آءٌ سول اسپتال جي وارڊ ۾ طارق سان ويٺو هئس جو سندس ٻي گهر واري (رضيه ڀاڀي نه) جيڪا شايد پروفيسر آهي، ان ڊگهي تسبيح پڙهي مٿس شوڪارا پئي هنيا، تڏهن هن پهنجي ٿڌڙي انداز ۾ ردعمل ظاهر ڪندي چيو “منهنجي امان! مون کي معاف ڪر! هي شوڪارا مون تي اثر نه ڪندا، بچڻو هوندس ته بچي ويندس، دوست سان ڪچهري ڪرڻ ڏي.” ايئن پوءِ هو مون کي پنهنجي پٽ هالار ۽ هڪ ويجهي عزيز سان متعارف ڪرائڻ لڳي ٿو، ان ڳالهه مان به اهو اندازو لڳائڻ مشڪل ناهي ته طارق ڪيترو زنده دل شخص هو.

طارق کي پنهنجي آخري ڏهاڙن ۾ سنڌي قوم جي انهن جوشيلن جوانن کان به شڪايت هئي، جن ڄام صادق علي کان علاج جي سلسلي ۾ مدد وٺڻ کانپوءِ سندس ئي گهر جي ڀت ٻاهران چاڪنگ ڪئي هئي ته “ڄام جا حامي سڀ حرامي.” يقيني طور تي اڄ جڏهن ڪروڙن جي قوم هڪ ٻهڳڻ شخص کي نه بچائي سگهي ته اڄ اڌڙوٽ عمر کي پهتل اهي شخص پاڻ کان ئي پڇن ته انهن ڪالهه جيڪو ڪجهه ڪيو هو اهو ڪيترو صهيح هو، ان ڪري جذبات ۾ لڙهڻ بدران اهي آئينده اهڙو ڪو به ڪم ڪرڻ کان پهرين هڪ نه هزار ڀيرا سوچين، باقي اسان جو يار طارق ته مست الست فقير هو، جيڪو هاڻي موٽي اچي ڪنهن کي مهڻو نه ڏيندو.

اها ڳالهه به عالم آشڪار آهي ته ڪنهن به فڪشن رائيٽر جي معراج ناول هوندو آهي ۽ طارق جو ناول “رهجي ويل منظر” سندس ان معراج ماڻڻ جو مظهر آهي، اهو ناول سنڌيءَ جي سمورن ناولن کان گوءِ کڻي ويو جو هيلتائين گهٽ ۾ گهٽ ڏهه ڀيرا شايع ٿي چڪو آهي، باقي طارق جو ٻيو علمي ۽ ادبي پورهيو پنهنجي جاءِ تي جيڪو يقيني طور تي کيس زندهه رکندو.

افسوس ته سنڌ سرڪار جي ان روئي تي به ٿئي ٿو، جنهن پنهنجي ٽهيءَ جي نهايت ڏاهي اديب کي بچائڻ لاءِ ته ڪا ڪوشش نه ورتي ، پر رهندو کهندو ان جي چاهيندڙن، ڪٽنب ۽ دوستن جي دل آزاري خاطر طارق جي مئي پڄاڻان ثقافت کاتي سنڌ طرفان لکين رپين جي لاڳت سان مختلف اخبارن ۾ طارق جي حوالي سان اهو اشتهار شايع ڪرايو ويو آهي ته انهن هيترا يا هيترا لک رپيا طارق لاءِ منظور ڪرائي وڏي کيپ کٽي هئي، آخر اهڙو اشتهار ڇپائي لکين رپيا ڳارڻ ۽ ڪميشنون کريون ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ بهتر ايئن ٿئي ها ته اهي پئسا به طارق جي پونئيرن خاص طور ٻارن حوالي ڪرڻ جو اعلان ڪيو وڃي ها ته انهن جي سهائتا ٿي پئي سگهي. بهرحال طارق پنهنجي آخري اکرن ۾ ڪلچر کاتي ۽ ڪرينا ڪپور ڪلچر تي “افيئر” ۾ لکيو هو، اهو پرچو جيڪڏهن پڙهبو ته سمجهه ۾ اچي ويندو ته انهن جي دل طارق ڏانهن ڪيتري ٺري ٿي.

ڀانيان ٿو ته طارق جي وئي پڄاڻان هاڻ پوئتي رهجي ويل سمورا منظر بي حس منظرن جو ڏيک ڏئي رهيا آهن، ڇو ته هاڻي اها سنڌ شايد ناهي رهي، جنهن جي اکين ۾ پاڻي هوندو هو!

 


 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو