Home / ڪور افيئر / !طارق عالم: ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي
above article banner

!طارق عالم: ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي

“دنيا مان جڏهن آئون وڃڻ لڳان، مون کي آرام سان وڃڻ ڏنو وڃي. وينٽي ليٽر (مصنوئي ساهه کڻائڻ واري مشين) تي مون کي بلڪل نه رکيو وڃي ۽ ايئن جي ڪيو ويو ته ڀائيندس، اوهان مون کي چکيا تي چاڙهي ڇڏيو آهي، سوريءَ تي لٽڪائي ڇڏيو آهي.”

هي طارق عالم ابڙي جي پنهنجي زندگيءَ ۾ ڏنل آخري اسٽيٽ مينٽ هئي. سندس معالج، عظيم طبيب، ڊاڪٽر اديب الحسن…. طارق جو اِها چتاءُ چوٿين جون تي چپ چاپ ٻڌندو رهيو. (۽ شايد دل ئي دل ۾ چوندو به رهيو. ٻار ۽ بيمار جو چوڻ، اصل ئي ناهي وٺبو طارق! مريض لاءِ سندس معالج، جيڪو ڪجهه به سوچيندو آهي، اهو ئي هُن لاءِ بهتر هوندو آهي.)

ٻي جون تي، منجهند ڌاري ڪڊني وارڊ مان ڀاڀي رضيه ڏڪندڙ آواز ۾ مون کي فون ڪيو: “طارق کي سمجهاءِ نصير! چوي ٿو، مون کي گهر وٺي هل. آءٌ اسپتال ۾ مريضن وارن ڪپڙن سان دنيا ڇڏڻ نٿو چاهيان. آءٌ گهر جي ڪپڙن ۾، پنهنجي بيڊ روم مان، قبرستان ڏانهن وڃڻ ٿو چاهيان…’ پوءِ ڀاڀي رضيه وينتي ڪندي اهو به ٿي چويم ته : ‘ نصير پليز، طارق کي منهنجي هن فون جو نه ٻڌائجانن. بلڪه تون پنهنجي طرفان هن کي سمجهائجان ته هن وقت گهر هلڻ ڪنهن به طرح چڱو ناهي.

مون فورن، مهربان ڀيڻ مهتاب اڪبر راشدي کي فون ڪيو، نورالهديٰ شاهه کي منٿ ڪئي. ‘طارق توهان جو چيو مڃيندو آهي. هن کي سمجهايو ته ضد تان لهي وڃي. ڇا جي لئه جو هن جو ههڙي حالت ۾، گهر هلڻ ڪنهن به طرح درست ناهي.’ هنن ٻنهي شفيق شخصيتن، يڪدم طارق کي فون ڪيو. اطلاع ملڻ تي ڊاڪٽر اديب ڊوڙندو وارڊ ۾ پهچي ويو. سڄي اسپتال جا ڊاڪٽر طارق جي مٿان اچي بيهي رهيا. طارق مڃي ويو ۽ گهر وڃڻ جو ضد، حون پوسٽ پون ڪيو. اِها ٻي جون جي ڳالهه آهي، ٻه ڏينهن ڇڏي هن تي هاڻي غشي طاري ٿيندي وئي. ان صورتحال ۾ به مون کي هن فون ڪيو، ته منهن تان آڪسيجن ماسڪ هٽائي، واضح آواز ۾ چيائين ته: ‘نصير پيارا “يا علي مدد”. شام جو عارضي طرح هن جي وات ۽ نڪ تان آڪسيجن ماسڪ هٽايو ويو ته هن نيم بي هوشيءَ ۾ پُٽ کي آواز ڏنو. ‘لاهوت’ ! ‘عينڪ کڻي ڏي’، ‘ڪتاب هُتي رک’، ‘رضيه! ڳنڍ کولي ڇڏ.’، ‘هيءَ عائشه ڪير آهي جيڪا اسان جي گهر آئي آهي.’ ، ‘يار پروف درست ڏٺل ناهي.’ ‘اڙي اڙي ڏسو، ديوار ۾ سوراخ…’ ‘اڙي اڙي ڏسو اُن مان ڪيئن نه گُل پيا ڪرن.‘ پوءِ طارق سمهي رهيو. پنجين جون جي صبح نمودار ٿي ته طارق بلڪل چپ ٿي ويو. مڪمل خاموش…. سندس بلڊ پريشر، گهٽجي هاڻي خطري جي حدن کي ڇُهڻ لڳو ته فرشته صفت طارق جو مهربان معالج رضوي صاحب، يڪدم پهچي ويو، طارق کي ڇا وينٽي ليٽر تي آڻجي؟ هن پهرين پنهنجو پاڻ ۽ پوءِ رضيه ڀاڀي کان سوال ڪيو!؟ جي ها! هن پاڻ به اِهو فيصلو ڪيو ۽ خاندان سميت مون به چاهيو، طارق کي هر حالت ۾ اسين ساهه کڻندي ۽ پنهنجي سامهون، ڏسڻ ٿا چاهيون. وينٽي ليٽر ڀلي لڳايو وڃي. وينٽي ليٽر لڳو، ته رضوي صاحب، طارق جي مٿان موجود رهيو ۽ بلا آخر خواهش جي ابتڙ، طارق وينٽي ليٽر تي اچي ويو. سندس بلڊ پريشر ڪيئن نارمل سطح تي آڻجي؟ اُن لاءِ، هُن کي به يڪ وقت ٽن اينٽرا وِينس دوائن تي رکيو ويو. ICU وارڊ ۾ موجود ان کان به وڌيڪ طبي سهوليتن واري هڪڙي جدا روم ۾ کيس شفٽ ڪيو ويو. ان ئي روم ۾ آءٌ حيدرآباد کان دوڙي، ڪراچي پهتس، اُتي ادا دارا (طارق جي وڏي ڀاءَ) ٻڌايو، “ دنيا جي ڪنهن به وڏي ۾ وڏي اسپتال ۾ طارق هجي ها، ته…اُتي به هِن جو عالج، رضوي صاحب جي هن وارڊ کان وڌيڪ نه ٿئي ها. طارق جي روم ۾ وڃڻ کان پهرين ڪي گهڙيون آئون ويٽنگ روم ۾ ويهاريو ويو هوس. ڏٺم، ٽي وي خبرنامي ۾ چيو پئي ويو، “طوفان تيزيءَ سان عربي سمنڊ جي ساحلن ڏانهن وڌي رهيو آهي. جمعي کان سومر تائين سخت خطرو آهي.” پوءِ ICU ۾ طارق وٽ پهتس، ته طوفان، عربي سمنڊ مان نڪري، منهنجي اکين، دل ۽ وجود ۾ منتقل ٿيندو محسوس ڪيم. لڳم، هيڏانهن جي سمونڊ ۽ منهنجي وجود ۾ طوفان برپا هو ته هوڏانهن وري طارق پنهنجي سرير ۾، ساهن سان جنگ جوٽيو ويٺو هو. ICU ۾ سناٽو، ايترو هو جو، مون کي پنهنجي دل جي ڌڪ ڌڪ صاف ٻڌڻ ۾ پئي آئي. طارق جي هٿ تي مون پنهنجي هٿ جي جڪڙ وڌيڪ مضبوط ڪري ڇڏي (نه ڇڏائجانءِ هي هٿ مون کان طارق! مون رڙ ڪئي.)

موٽي ويٽنگ روم ۾ اچي ويٺس، ته عربي سمنڊ ۾ خطرناڪ طوفان اچڻ جون خبرون، ٽي ويءَ تان اڃا به مسلسل نشر ٿي رهيون هيون. اوچتو انهن خبرن جي وچ م ڪنهن راڳيءَ، ناصر ڪاظميءَ جو هي شعر آلاپيو:

صدائين آتي هين اُجڙي هوئي جزيرون سي،

ڪي آج رات نه ڪوئي رهي ڪناري پر.

۽ پوءِ اها ستين جون گذري ته اٺين تاريخ جو اداس ڏينهن ظاهر ٿيو، پوءِ نائينءَ جون جي صبح نمودار ٿي، ته نئين صورتحال منهن ڪڍيو. هاڻي طارق جو بلڊ پريشر تيزيءَ سان گهٽجندو ويو. ڇا ڪجي هاڻي؟! دير دير تائين رضوي صاحب چپ چاپ بيٺو ان بابت سوچيندو رهيو. ڇا وينٽي ليٽر هٽائي ڇڏجي. هو ڀاڀي رضيه کان ڳڻتي مان پُڇي ٿو. ڀاڀي مون کي ٿي فون ڪري . ‘نه’…‘نه’ ايئن نه ڪيو وڃي. بهتريءَ جي توقع ٿا رکون. طارق اسان کي ان صورت ۾ به منظور آهي. اسان جي اکين کان هو اوجهل ٿي وڃي، گم ٿي وڃي، اهو اسان کي بلڪل منظور ڪونهي. اهو آئءٌ ٿو چوان.فيصلو منسوخ ٿي ويو. وينٽي ليٽر لڳو رهيو. طوفان هاڻي عربي سمنڊ ۾ تيزيءَ سان ساحلي پٽيءَ ڏانهن وڌي رهيو هو. ڇنڇر ڏهين جون جي منجهند جو ٽي وي خبرنامي ۾ ساحلي علائقن جي رهندڙ ماهيگيرن کي سمنڊ ۾ لهڻ يا ان جي ويجهو وڃڻ کان منع ڪيو پئي ويو. ناکئن کي وچ سمونڊ مان جلد از جلد موٽي واپس اچڻ جا چتاءَ ڏنا پئي ويا. پر هي ٻيو طوفان، جيڪو ڏهين جون جي شام کان منهنجي، ادا دارا ۽ ڀاڀي رضيه جي وجود ۾ شدت اختيار ڪندو ٿي ويو. ان جو ڇا ٿيندو؟ رات جي سناٽي ۾، تڏهن سکر مان ادل سومري جو فون آيو: ‘طارق ڪيئن آهي نصير!؟’ چوانس ٿو، بهادر طارق، پوري همٿ سان، ڊيٿ بيڊ تي، وجود جي بقا لاءِ جنگ ۾ مصروف آهي ۽ ڪيڏي بي وسي آهي. اسين صرف اِها جنگ ڪندي، هن کي، چپ چاپ ڏسي رهيا آهيون ۽ ڪجهه به نه پيا ڪري سگهون.

ادل سومري جي آواز مان لڳم، هڪڙو طوفان، جيڪو اسان ٽن جي آس پاس گهوماٽيون کائي رهيو هو. ادل سومرو به ان جي لپيٽ ۾ اچي ويو. هاڻي گهڙي کن رکي، سکر مان، هاڻي اياز گل جو فون پهتو. ڏڪندڙ آواز ۾ ٻڌايومانس: ‘طوفان رخ نٿو ڦيرائي، اُهو تيزيءَ سان ساحلي پٽين کي اورانگهيندو، اسان جي پياري طارق عالم جي بيڊ ڏانهن ۽ اسان جي اکين ڏانهن، تيزيءَ سان وڌندو پيو اچي. الاس! هاڻي يارهين جون جو صبح نمودار ٿيو ته پکين جي پرن تي سوار ٿي طارق جي ساهن الوداع الوداع جا سوڳوار نوحا پڙهڻ شروع ڪيا. قيامت سمان ڏينهن گذريو. نما شام ٿي، پوءِ رات نمودار ٿي. طارق جا وينٽي ليٽر هٽايا ويا: “ڀاڀي مين شرمنده هون، طارق ڪو مين بچا نه سڪا. معافي ڪا طلبگار هون’… ۽ اهي طارق جي مهربان معالج، ڊاڪٽر اديب الحسن جا آخري لفظ هئا. وارڊ مان ٻاهر نڪري، رضيه ڀاڀيءَ پهريون ايس ايم ايس مون کي ئي ڪيو: “نصير! ڌرتي تي چمڪندڙ ‘تارو’ آسمان ۾ چمڪندڙ ‘تارو’ بنجي ويو آهي” ۽ اِها يارهين جون هئي. آچر جو ڏينهن ۽ رات جا ساڍا نوَ…موبائيل اسڪرين منهنجي آڏو هئي، آءٌ گهر جي کليل اڱڻ ۾ نڪري آيس. سڄو آسمان ستارن سان روشن هو پرلڳم، منهنجي اکين جي اڳيان، هر طرف اونداهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو.

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو