Home / افيئر / تيونس: زين العابدين ۽ سندس زال کي 35 سال قيد جي سزا
above article banner

تيونس: زين العابدين ۽ سندس زال کي 35 سال قيد جي سزا

تيونس جي عدالت اقتدار ڇڏي ملڪ مان ڀاڄ کائيندڙ اڳوڻي صدر زين العابدين بن علي ۽ سندس زال ليليٰ طرابلس کي ڪرپشن، سرڪاري خزاني جي ڦرلٽ ۽ ٻين ڏوهن جي الزام ۾ 35 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. ڊگهي عرصي تائين تيونس تي حڪمراني ڪندڙ صدارتي جوڙي خلاف سندن غير موجودگيءَ ۾ پهرئين ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي عدالت پاران ٻنهي تي 6 ڪروڙ 60 لک ڊالرن جو مجموعي ڏنڊ پڻ لاڳو ڪيو ويو آهي. زين العابدين بن علي تيونس ۾ هڪ نوجوان گريجوئيٽ سبزي وڪندڙ جي پنهنجو پاڻ ساڙڻ جي نتيجي ۾ ٿيندڙ بغاوت کانپوءِ پنهنجي ڪٽنب سميت سعودي عرب ڀڄي ويو هو. تيونس جي نگران حڪومت پاران سعودي اختيارين کان بن علي ۽ ليليٰ کي سندن حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو