Home / افيئر / !ترڪي: عام چونڊون ۽ سياسي مونجهارا
above article banner

!ترڪي: عام چونڊون ۽ سياسي مونجهارا

ويجهڙ ۾ ئي ترڪيءَ ۾ عام چونڊون ٿيون، جنهن ۾ اتان جي عوام ٽيون ڀيرو حڪمران ڌر کي حڪومت ڪرڻ جو اختيار ڏنو آهي،. 550 جي ايوان مان حڪمران پارٽيءَ کي 325 سيٽون مليون آهن، جيڪي وڏي اڪثريت کان 5 سيٽون گهٽ آهن. جڏهن ته مخالف ڌر کي اڳ جي ڀيٽ ۾ 23 سيٽون وڌيڪ مليون، ڪردن جي پارٽي به 36 سيٽن تي سوڀاري ٿي آهي، جيتوڻيڪ ترڪي ۾ نئون آئين آڻڻ لاءِ حڪومتي ڌر کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت گهربل آهي، جيڪا ممڪن آهي ته پنجن آزاد اميدوارن جي مدد سان حاصل ڪئي وڃي.

ترڪيءَ جي سياسي تاريخ ۾ وزيراعظم عدنان مينڊرس ملڪ تي ڊگهي عرصي تائين حڪمراني ڪئي، ليڪن کيس 1960ع جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ جنرلن ڦاهي ڏئي ڇڏي هئي. هو 54-1950ع ۽ 1957ع ۾ ٽي ڀيرا وزيراعظم رهيو. هن ٽيئي ڀيرا عام چونڊون کٽيون، پر اها ڳالهه وردي وارن کي نه آئڙي ۽ انهن کيس 62ع ۾ ڦاهي چاڙهي ڇڏيو. بلڪل ايئن جيئن 1979ع ۾ پاڪستان جي چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي کي پرڏيهي سربراهن ۽ ملڪن جي اپيلن باوجود هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ ابدي ننڊ سمهاريو ويو، مينڊرس سان به ائين ٿيو، هن لاءِ به گهڻيون ئي اپيلون ٿيون، پر وردي وارن ڪنهن جي به نه ٻڌي.

هونئن ته حڪمران ڌر قدامت پسند مذهبي خيال رکندڙ آهي، پر اهي اڻسڌي طرح پاڻ کي وردي وارن ۽ آئين سان ٽڪراءَ نٿا چاهين. هاڻوڪن حاڪمن جتي ملڪ کي پاڻڀرو ڪيو آهي، اتي ان جي اقتصاديات به ‎ٺيڪ ڪئي آهي، سالياني گروٿ جي شرح 8.9 سيڪڙو آهي. اسڪارف پائڻ تي پابندي پڻ هٽائي وئي آهي، يورپي يونين سان ويجهڙائپ پئدا ڪرڻ جون ڪوششون به ٿيون آهن ته ساڳي وقت آرمينيا سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ لاءِ به سلسلو هلي پيو آهي. ياد رکڻ کپي ته 1936ع ۾ ترڪي اندر هزارين آرمينيا واسين جو قتلام ٿيو هو، جنهن کي آرمينيا وارا نسل ڪشي سان ڀيٽيندا رهيا آهن. انهن جو اهو پراڻو مطالبو رهيو آهي ته ترڪي ان قتلام تي کانئن معافي وٺي، سندن اهڙي گهر جي آمريڪا ۽ يورپ پڻ حمايت ڪن ٿا.

جيتوڻيڪ ترڪيءَ جا اسرائيل سان سٺا لاڳاپا آهن، باوجود ان جي اهو فلسطينين جي جدوجهد جو حامي آهي، اهو ئي ڪارڻ آهي جو تازو اسرائيلي نيوي ترڪي جي علائقي فلوٽونيه تي حملو ڪري اٺ ترڪ ماريا آهن، جنهن تي ترڪ حڪومت اسرائيل کي خبردار ڪيو آهي ته اهڙي قسم جي حرڪتن کان پاسو ڪيو وڃي، نه ته اهي انتهائي قدم کڻڻ ۾ حق بجانب هوندا.

حقيقت اها آهي ته ترڪي هن وقت ايشيا مائنر جي ملڪن ۾ هڪ سگهارو ملڪ ٿي اُڀريو آهي، ان جا پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان سٺا لاڳاپا آهن، جن ۾ ايران، عراق، شام، آذربائيجان، مصر ۽ سعودي عرب اچي وڃن ٿا. جڏهن ته وچ اوڀر ۾ تازو آيل بحران کي حل ڪرڻ جي سلسلي ۾ به ترڪي جو اهم ڪردار آهي. جڏهن ته شام ۾ بحران سبب لڏپلاڻ کانپوءِ هزارين ماڻهن ترڪي ۾ اچي پناهه ورتي آهي، انهن پناهگير ماڻهن کي رهائش، کاڌ خوراڪ ۽ دوائون ترڪي حڪومت مهيا ڪري رهي آهي، جيڪو نهايت وڏو ڪارنامو چئي سگهجي ٿو.

ترڪ حڪمران پارٽي AKP نجم الدين اربڪان واري پارٽي آهي، جنهن تي وردي وارن پابندي پڻ وڌي هئي، پر هن هاڻوڪي حڪمران طيب اردگان جي قيادت ۾ ڪافي ڪاميابيون ماڻيون آهن، ترڪي جي معيشت جي سگهاري ٿيڻ جو مظهر اهو آهي ته هاڻي اُتي 12500 ڊالر في ڪس آمدني آهي. معيشت جي بهتري ئي واحد سبب آهي، جنهن ڪارڻ ترڪ عوام ساڳين حاڪمن کي ٽيون ڀيرو به اقتدار ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي، اهو به نه وسارڻ کپي ته هاڻوڪي حڪمران پارٽي جو ڪردن سان رويو اڳ جي ڀيٽ ۾ ڪافي نرم آهي، ڏکڻ ۾ ڪردن کي پنهنجي ثقافت اجاگر ڪرڻ جي اجازت سان گڏ کين پنهنجي ٻوليءَ جو چئنل کولڻ پڻ ڏنو ويو آهي، باوجود ان جي ڪردن جي پارٽي PKK تي پابندي اڃا به برقرار آهي، اهڙي ريت ڪرد اڳواڻ عبدالله اوڪلان جي موت جي سزا به برقرار رکي وئي آهي. ٻئي طرف يورپي يونين جو چوڻ آهي ته ڪرد علائقي ۾ وڏي پئماني تي انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن. يورپي يونين اهو مطالبو ورجائي چڪي آهي ته عبدالله اوڪلان جي سزا عمر قيد ۾ تبديل ڪئي وڃي. جڏهن ته حڪومت ۽ ڪردن وچ ۾ ڳالهه ٻولهه پڻ هلي رهي آهي، ان ڳالهه ٻولهه جي ئي نتيجي ۾ ڪردن انتهاپنسدي ترڪ ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي، باوجود ان جي ترڪ فوج ۽ ڪرد گروپن وچ ۾ ڇڪتاڻ هلندڙ آهي.

ترڪيءَ جي تاريخ نهايت دلچسپ آهي، ڇو ته ان جو اڌ ايشيا ۾ ته اڌ وري يورپ ۾ آهي، اچو ته تاريخ کي ڦلهوريون ته موجوده ترڪيءَ جو ماضي ڇا رهيو آهي؟

ترڪيءَ جي تاريخ سلطنت فارس ۽ رومن جيتري قديم آهي، ليڪن اسلام اچڻ کانپوءِ اميه دور ۾ اسلام جي هٿ هيٺ اچي ويو. 1258ع ۾ عباسي دور جي پڄاڻيءَ کانپوءِ ترڪن آزاديءَ لاءِ جاکوڙ ڪئي ۽ آزادي حاصل ڪرڻ کانپوءِ محمد عثمان جي اڳواڻ ۾ سلطنت جو بنياد وڌو ويو. ايئن پوءِ سلطنت عثمانيه ايتري وڌي جو اسلام اسپين تائين وڃي پير کوڙيا. هاڻوڪو يورپ يعني يوگوسلاويا، اوڀر يورپ تائين جنهن ۾ البانيه، ڪوسوو، بوسنيا به ان جي حڪمراني ۾ رهيا. پهرين مهاڀاري جنگ ۾ سطنت عثمانيه کي شڪست ملي ۽ پوءِ ان جي آخري سلطان عبدالحميد خان، سلطنت کي حصن ۾ ورهايو. عرب قومپرست جيڪي ان کان سخت نفرت ڪندا هئا، تن سلطنت خلاف انگريزن جو ساٿ ڏنو، سلطنت ڪمزور ٿي وئي، ان مٿان جنگي تاوان به وڌو ويو.

ان دوران ننڍي کنڊ ۾ عثمانيه سلطنت جي خاتمي خلاف خلافت تحريڪ هلائي وئي، جنهن جي 1919ع ۾ مهاتما گانڌي به حمايت ڪئي هئي، پر 1924ع ۾ ترڪ قومپرست جرنيلن ٻين جي مدد سان خلافت عثمانيه جي خاتمي جو اعلان ڪيو ۽ سلطان عبدالصمد خان کي هٽائي ترڪ ريپبلڪ جو اعلان ڪيو ويو، ڪمال اتاترڪ ان جو سربراهه ٿيو، جنهن ترڪي کي يورپ سان ڳنڍڻ سان گڏ هڪ جمهوري سيڪيولر رياست بڻايو، تڏهن ترڪيءَ جي پاڙي ۾ 1917ع ڌاري آڪٽوبر انقلاب اچي چڪو هو ۽ ان جا اثر به لازمي طور ترڪيءَ تي پيا.

ڪمال اتاترڪ جي مئي پڄاڻان 1960ع تائين معاملا ٺيڪ رهيا، پر پوءِ جڏهن وردي وارن ملڪ جي هر معاملي ۾ ٽنگ اڙائڻ شروع ڪئي ته بگاڙ ۽ بحران پئدا ٿيو. اهو ئي سبب هو جو 1962ع ۾ وزريراعظم عدنان مينڊرس کي ڦاهي ڏئي ترڪي، جي آئين ۾ پاڪستان جي 58-2B جهڙي ترميم ڪئي وئي، ائين فوج کي ملڪ جو محافظ ۽ اقتدار ۾ حصيدار بڻايو ويو، ڳالهه وڃي انهي حد تائين پهتي جو جنرل ڪينان اورن، وزيراعظم بلندت اچوت حڪومت کي ختم ڪري ڇهون ڀيرو مارشل لا لاڳو ڪيو. جرنيل ۽ جج هڪٻئي جا حامي رهيا. ايئن ترڪي ۾ اهو تماشو 2007ع تائين جاري رهيو.

جيتوڻيڪ ترڪيءَ جا جج ۽ جرنيل موجوده سياسي حڪومت کي وقت بوقت ڌمڪائيندا رهيا آهن ۽ ان خلاف ڪجهه اڻ وڻندڙ فيصلا پڻ ٻڌايا ويا، ليڪن حڪمران ڌر همت جو دامن هٿ مان نه ڇڏيو، ايئن پوءِ گذريل سال حڪومت خلاف بغاوت ۾ ملوث جرنيل کي اها سزا ڏيارڻ ۾ ڪامياب وئي، عوام هر سطح تي حڪومت جو ساٿ ڏنو. جڏهن ته فوج سيڪيولرازم جي نالي تي ڪرپشن جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، ادارن جي تباهي ڪري ڇڏي. جرنيل يورپ کي مذهبي انتهاپسندي جو خوف ڏياريندا رهيا، پر اصل حقيقت ان جي ابتڙ هئي. AKP جي مذهبي خيال رکندڙ حڪومت يورپ خلاف هيلتائين ڪجهه به ناهي ڪيو، بلڪه ان جي منڍ کان اها ڪوشش رهي آهي ته يورپي يونين ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ان جون گهرجون پوريون ڪجن، ملڪ مان ڪرپشن ختم ڪجي، انساني حقن جي حفاظت ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، بهتر ڪجي، معيشت بهتر ۽ پاڙيسرين سان لاڳاپا بهتر ڪجن. وڏي ڳالهه ته حڪومت ماضيءَ ۾ جرنيلن طرفان ڪيل معاهدن جي به هاڻوڪي حڪومت پاسداري ڪئي آهي، جنهن جو واضح مظهر اسرائيل سان بهتر لاڳاپا پڻ آهن، ايئن چئي سگهجي ٿو ته موجوده حڪومت مذهبي خيال رکندڙ ضرور آهي، پر اها انتهاپسند ناهي. باقي مذهبي ڌرين جو غلبو تڏهن گهٽجي سگهندو، جڏهن سيڪيولر ڌريون ماضيءَ جا داغ ڌوئي پنهنجي ڪردار جي نئين سر تعمير ڪن، ڇو ته ماڻهو ته ان پاسي لاڙو رکندا جنهن پاسي کين انصاف، روزگار ۽ محبتون ملن، باقي عوام کي بيوقوف بڻائي مٿانئن حڪمراني ڪرڻ هاڻي ممڪن نه رهيو آهي.

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو