Home / افيئر / !وينزويلا جو صدر هيوگاشاويز آپريشن کانپوءِ وطن واپس
above article banner

!وينزويلا جو صدر هيوگاشاويز آپريشن کانپوءِ وطن واپس

وينزويلا جو صدر هيوگاشا ويز ڪيوبا ۾ ڪافي عرصو رهڻ کانپوءِ ملڪ واپس موٽي آيو آهي، جنهن جي سرجري پڻ ڪئي وئي. “مون پنهنجي ڌرتي تي سج اڀرندي ڏٺو آهي.ان ڪري نهايت خوش آهيان.” سرڪاري ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو. ايئرپورٽ تي پهچڻ مهل هيوگوشاويز اتي موجود ڪابينا ميمبرن، پنهنجي عزيزن ۽ دوستن آڏو فتح جو نشان ٺاهيو. واضح رهي ته 56 ورهين جي هيوگوشاويز کي ڪئنسر جي بيماري پڻ ٻڌائي پئي وڃي، جنهن جو ڪيوبا ۾ آپريشن پڻ ڪيو ويو، پر اها ختم ٿي چڪي آهي يا ان جو علاج اڃا جاري رهندو ان بابت ڪجهه نه پيو ٻڌايو وڃي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو