Home / افيئر / ورهيه بادشاهه ڦاهي ڪيس ري اوپن ٿي سگهي ٿو؟
above article banner

ورهيه بادشاهه ڦاهي ڪيس ري اوپن ٿي سگهي ٿو؟

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ورهاڱي کان اڳ غازي علم الدين جي ڦاسيءَ بابت هڪ رٽ پٽيشن تي عدالت قانوني ماهرن کان راءِ گهري آهي ته ڇا لاهور هاءِ ڪورٽ کي ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ ڪيسن تي نظرثاني جو قانوني حق حاصل آهي؟ ان موضوع تي بحث کانپوءِ عدالت ڪو قطعي فيصلو ڪندي. ليڪن ننڍي کنڊ جي آزادي جي تحريڪ ۾ شهيد پير صبغت الله شاهه راشدي جي تاريخي ڪردار کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. هن جي سرواڻي ۾ گوري انگريز خلاف مزاحمتي تحريڪ جي شروعات ٿي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ انگريزن جي قيادت کي ان ڳالهه جو احساس ٿي ويو هو ته جيڪڏهن انهن هندستان کي سياسي آزادي نه ڏني ته حُر تحريڪ جو اثر سڄي هندستان ۾ ڦهلجي ويندو، جنهن جي نتيجي ۾ سندن

عالمي سلطنت ڪمزور ٿي ويندي.

ورهين پڄاڻان جڏهن سپريم ڪورٽ ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪيس سميت ٻيا ڪيس ري اوپن ڪري رهي آهي، تڏهن ان ڳالهه جي به شدت سان ضرورت محسوس ٿي رهي آهي ته شهيد پير صبغت الله راشدي جي حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ سرسري سماعت جي فوجي عدالت جو رڪارڊ سپريم ڪورٽ پاڻ هرتو نوٽيس ذريعي گهرائي ۽ ڦاسي جي ڪم کي غيرقانوني قرار ڏئي جيڪو هڪ اهڙي عظيم شخصيت بابت هو جنهن انگريزن جي غلامي خلاف هٿياربند مزاحمت ڪئي. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته سنڌ جي حُر تحريڪ گوريلا جنگ جي شروعات آهي، پوءِ اڳتي هلي ان طرح جون الجزائر، ويٽنام، ايشيا ۽ آفريقا ۾ پڻ تحريڪون هليون، حُر تحريڪ جي جنگي حڪمت عملي وانگر حڪمت عملي اسان کي هوچي منهه جي دور حڪومت ۾ پڻ نظر اچي ٿي جنهن ۾ جنرل گياپ گوريلا جنگ وڙهي آمريڪي فوجن کي شڪست ڏني هئي.

گوري انگريز خلاف 1880ع جي ڏهاڪي ۾ سنڌ ۾ حُر تحريڪ جي شروعات ٿي هئي. بعد ۾ انگريزن فوجي طاقت جي بنياد تي هندستان تي فوجي حڪمراني ڪئي. 13 مارچ 1919ع تي جليانوالا باغ جو سانحو ٿيو، جنهن کانپوءِ انگريزن خلاف نفرت ڦهلجي وئي، گوري انگريز پنهنجي انٽيليجنس جو ڄار ڦهلائي ڇڏيو هو. کين سنڌ مان ان قسم جون رپورٽون ملي رهيون هيون ته پير پاڳاري جا هٿياربند حُر سندن خلاف منظم ٿي رهيا آهن ۽ سندن لاءِ مشڪلاتون پئدا ڪري سگهن ٿا. اهو ئي ڪارڻ هو جو شهيد پير پاڳاري خلاف اسلحه ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو، سٽي مئجسٽريٽ سکر انگريز انتظاميا جي دٻاءَ تي صبغت الله شاهه راشدي کي ڏهن ورهين جي سزا ٻڌائي. پير پاڳاري جو وڪيل قائداعظم محمد علي جناح هو. بعد ۾ ان سزا خلاف سنڌ چيف ڪورٽ ۾ ڪرمنل اپيل نمبر: 1761 آف 1930ع داخل ڪئي وئي، تڏهوڪي انٽيليجنس آفيسر ميجر جنرل (ر) وصال محمد خان پنهنجي يادگيرين ۾ لکيو آهي ته انگريز انتظاميا پير پاڳاري کي انگريز حڪومت خلاف باغي ڪردار جي ڪري هر قيمت تي سزا ڏيڻ جي منصوبابندي ڪئي هئي ته جيئن هو هندستان ۾ انگريز اقتدار خلاف تحريڪ جي قيادت نه ڪري سگهي. ان دوران پير پاڳاري کي ڍاڪا، راج شاهي سميت مختلف جيلن ۾ رکيو ويو. ان غيرقانوني قيد خلاف سنڌ جي سياستدانن سخت احتجاج ڪيو، سر شاهنواز ڀٽو، ايوب کهڙو، نواب نبي بخش ڀٽو ۽ سيد ميران محمد شاهه سميت ڪيترن ئي اڳواڻن، 28 فيبروري 1933ع تي انگريز انتظاميا کي هڪ خط پڻ لکيو هو. سائين جي ايم سيد انهن سياستدانن ۾ پهرين صف ۾ شامل هو، جن ان دور ۾ ۽ پوءِ جي صورتحال ۾ هميشه سورهيه بادشاهه جي سياسي حمايت ڪئي ۽ سندن آزاديءَ لاءِ جدوجهد پڻ ڪئي. 25 نومبري 1936ع تي سورهيه بادشاهه کي آزاد ڪيو ويو، دهلي ۽ ڪلڪتي ۾ سياسي اڳواڻن سان ملاقاتن کانپوءِ هو سعودي عرب هليو ويو، جتي هن مذهبي فرض ادا ڪرڻ کانسواءِ فلسطين جي مفتي اعظم سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ فرنگين خلاف آزاديءَ جي جدوجهد جو عزم ورجايو.

گوري انگريز 1893ع ۾ ۽ پوءِ وري 1915ع ۾ حرن کي بمبئي ۾ قيد خانن تي ٻڌل ڪئمپن ۾ رکيو ويو، جتي کين هر قسم جون اذيتون ڏنيون وينديون هيون، حر ايڪٽ هڪ اهڙو قانون هو جنهن جو مهذب معاشرن ۾ مثال نٿو ملي. حر ايڪٽ تحت حر اڳواڻن ۽ اڪابرن کي فوجي ڪئمپن ۾ رکيو ويندو هو، حر ايڪٽ کي غلط طريقي سان استعمال ڪيو ويو، انهي حد تائين جو سنڌ مسلم ليگ جي صدر جي حيثيت ۾ سائين جي ايم سيد کي به گرفتار ڪيو ويو هو.

1939ع ۾ ٻي مهاڀاري جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ سنڌ جي صورتحال ۾ به تبديليون آيون، پير صبغت الله جون انگريز گورنر سان ڪيتريون ملاقاتون به ٿيون، ليڪن ان دور جي ڳجهن دستاويزن مان خبر پوي ٿي ته انگريز انتظاميا کي ان ڳالهه جو يقين ٿي ويو هو ته سورهيه بادشاهه هٿياربند بغاوت جي تياري ڪري رهيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ خيرپور ۾ ڪيٽي پاڳارو ۽ سانگهڙ ۾ گڙنگ بنگلي ۾ پنهنجن حرن جي فڪري ۽ عسڪري تربيت ڪري رهيو آهي. اهو ئي ڪارڻ هو جو سورهيه بادشاهه جو گهيرو ڪيو ويو ۽ آخرڪار 24 آڪٽوبر 1941ع تي کيس گرفتار ڪيو ويو. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ حر ايڪٽ منظور ڪيو ويو. ايچ ٽي لئمبرڪ کي حر آپريشن جي نگراني لاءِ سول ايڊوائزر مقرر ڪيو ويو ۽ کيس سمورا اختيار ڏنا ويا. پهرين جون 1942ع تي برطانوي حڪومت سنڌ ۾ مارشل لا لاڳو ڪري ڇڏيو. فوج گهرائي وئي ۽ بمباري ڪرڻ جي حڪم جاري ڪيا ويا، ايئر مارشل اصغر خان پنهنجي يادگيرين ۾ لکيو آهي ته “مون کي به حرن جي هڪ قافلي تي بمباري ڪرڻ جي مشن تي موڪليو ويو هو، پر مون عورتن ۽ معصوم بارن کي ڏسي بمباري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، جنهن ڪري منهنجو ڪورٽ مارشل پڻ ڪيو ويو هو.

ايچ ٽي لئمبرڪ مارشل لا دوران جيڪي رپورٽون لنڊن موڪليون هيون انهن ۾ به حرن جي بهادري ۽ پنهنجي روحاني پيشوا سان عقيدت کي تسليم ڪيو ويو هو. سورهيه بادشاهه جي گرفتاري کانپوءِ هندستان ۾ انگريز حڪومت کيس يوگنڊا موڪلڻ جي باري ۾ به صلاح مصلحت ڪئي هئي، پر پوءِ ان تي عمل نٿي سگهيو. پهرين جولاءِ 1942ع تي حر تحريڪ کي چيڀاٽڻ لاءِ پيراشوٽ جٿا به گهرايا ويا. 5 جون 1942ع ۾ هوائي جهاز وسيلي پير صبغت الله کي انتهائي حفاظتي انتظامن هيٺ برگيڊيئر سطح جي هڪ آفيسر جي نگراني ۾ حيدرآباد سينترل جيل منتقل ڪيو ويو. 1929ع وانگر سورهيه بادشاهه جي خواهش هئي ته هن ڪيس ۾ به قائداعظم محمد علي جناح سندس وڪيل هجي ليڪن سياسي مصروفيتن سب هو، سندس ڪيس جي پيروي نه ڪري سگهيو. انگريز انتظاميا جنرل آفيسر ڪمانڊنگ ۽ مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ميجر جنرل رچرڊسن جي سربراهي ۾ سرسري سماعت جي فوجي عدالت قائم ڪئي هئي. هن ڪيس جي دستاويزن مان خبر پوي ٿي ته سڄو ڪيس خاص مقصد تحت هلايو ويو، جنهن تحت سورهيه بادشاهه کي ڦاسي ڏيڻي هئي. سورهيه بادشاهه جي ڪٽنب جي ڪجهه ماڻهن کي هن ڪيس ۾ اثرانداز ٿيڻ جي سلسلي ۾ استعمال ڪيو ويو. شاهدن جا ڪوڙ بيان حاصل ڪيا ويا ۽ عملي طرح سورهيه بادشاهه کي پنهنجي قانوني دفاع کان محروم ڪيو ويو. عدالتي ڪارروائي دوران هر قسم جي دٻاءَ جا طريقا اختيار ڪيا ويا. ميجر جنرل رچرڊسن جي ڪوشش هئي جلد سزا ٻڌائي وڃي ۽ پير صاحب کي ڦاسي ڏني وڃي.

پير صبغت الله کي انگريزن جي عدالتي ڊرامي جي پروڙ پئجي وئي هئي، تڏهن ئي ته هن عدالت ۾ خطاب دوران چيو هو ته “ڇا سڄي هندستان ۾ هڪ به مسلمان فوجي آفيسر ناهي جيڪو هن ڪورٽ جو ميمبر هجي؟ مون کي برطانوي عدالت کان انصاف جي اميد ناهي، جيڪڏهن توهان مون کي موت جي سزا ڏيارڻ چاهيو ٿا ته هن فرضي عدالت سجائڻ جو ڪهڙو جواز آهي؟ مون کي ڦاسي ڏني وڃي، مان موت کان نٿو ڊڄان.”

ميجر جنرل هڊسن جي پوري ڪوشش هئي ته سورهيه بادشاهه جو ڪير به دفاع نه ڪري ۽ استغاثه جو بغاوت ڪيس عدالت تسليم ڪري وٺي ۽ سرسري سماعت جي فوجي عدالت ان مقصد ۾ ڪامياب رهي، عدالت ان ڪيس ۾ سورهيه بادشاهه کي ڦاسيءَ جو حڪم ٻڌايو ۽ کيس سخت حفاظتي انتظامن هيٺ 20ع مارچ 1943ع تي حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ ڦاسي ڏني وئي ۽ پوءِ کيس ڪنهن ڳجهي ٻيٽ اندر دفن ڪيو ويو.

ڏٺو وڃي ته مارشل لا تحت قائم ان عدالت جي ڪا قانوني حيثيت نه هئي، نه وري سورهيه بادشاهه خلاف بغاوت جي ڪيس جو ڪو جواز هو، پر اهو سڀ ڪجهه گوري انگريز ان ڪري ڪيو جو سورهيه بادشاهه فرنگين جي بالادستي، ظلم ۽ ڏاڍ کي چئلينج ڪيو هو.

سنڌ ۾ مارشل لا لاڳو ڪرڻ کان اڳ لنڊن دهلي ۽ انگريز حڪومت جو خيال هو ته هٽلر جي جنگي حڪمت عملي لاءِ سنڌ ۾ جاري حر تحريڪ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي ان ڪري ان تحريڪ کي فوجي طاقت سان چيڀاٽڻ ضروري آهي. مصر جي اڳوڻو صدر انور سادات پنهنجي يادگيرين ۾ لکي ٿو ته: “مون کي جرمن جاسوسن سان رابطي جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو هو.” هٽلر ان دوران پنهنجي پروپيگنڊا شعبي جي سربراهه ڊاڪٽر گوئبلز کي هدايتون ڏنيون هيون. انگريزن کي شڪست ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته وچ اوڀر جي سمورن ملڪن کي پيغام ڏنو وڃي ته جيڪڏهن اهي برطانوي استعمار کان آجپو چاهين ٿا ته اهي انگريز خلاف اُٿي کڙا ٿين. گوئبلز، هٽلر جي ان ڳالهه تي عمل ڪندي پروپيگنڊا مشنري تي انگريزن خلاف استعمال ڪيو. 23 مئي 1941ع تي هٽلر جرمني جي فوجي کي “Directions No:30 جي نالي سان جيڪي هدايتون جاري ڪيون هيون، ان ۾ واضح طور چيو هو ته وچ اوڀر ۾ آزادي جي تحريڪن ۽ عراق ۾ عوام جي مزاحمت جرمني لاءِ خاص اهميت رکن ٿا. ان ڪري انهن جي حمايت ڪئي وڃي. هٽلر فوج جي انفارميشن شعبي تي اهو واضح ڪيو هو ته اهي وچ اوڀر جي عوام کي اهو يقين ڏيارين ته جرمني جي فتح کانپوءِ وچ اوڀر کي برطانوي استعمار کان آزادي ڏياري ويندي.

مطلب اهو ته دنيا ۾ انگريزن خلاف نفرت جي هوا هلي پئي هئي. جرمني ۽ جاپان جي پيشقدمي کان ڊنل انگريز حڪومت حُرن خلاف بمباري به ڪئي ته حرن کي ڦاسيون به ڏنيون، ظلم ۽ تشدد جو هر طريقو استعمال ڪيو ويو. ان پٺيان اصل محرڪ ته پيا هئا، پر هڪ عنصر اهو به هو جو انگريز نه پيا چاهين ته حر تحريڪ عالمي طور گهليل هوا جو حصو نه بڻجي وڃي. ان دور ۾ ٻي مهاڀاري جنگ سبب عالمي حالتون انتهائي خراب هيون، هٽلر ۽ جاپان وچ اوڀر ۽ هندستان، انگريز حڪومت خلاف نفرت کي پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ پيا گهرن. ان سلسلي ۾ سڀاش چندر بوس جو مثال ڏئي سگهجي ٿو، جنهن آزادي هند فوج قائم ڪئي هئي، چيو وڃي ٿو ته ڪانگريس ان وقت گانڌي جي عدم تشدد واري نظرئي جي حامي هئي، ان ڪري ڪانگريس جي قيادت هندستان جي سطح تي حر تحريڪ جي مڪمل سياسي حمايت کان پاسو ڪيو هو، جڏهن ته مسلم ليگ پنهنجي اجلاسن ۾ مارشل لا جي خاتمي ۽ حر ايڪٽ ختم ڪرڻ جا ٺهراءَ منظور ڪيا هئا.

بهرحال سورهيه بادشاهه کي مارشل لائي ڪورٽ وسيلي گوري انگريز طرفان پنهنجي خواهش موجب ڦاهي ڏيارڻ تاريخ جي هڪ وڏي ٽريجڊي هئي، اڄ جڏهن سپريم ڪورٽ تاريخ جا داغ ڌوئڻ چاهي ٿي ته پوءِ ان کي سورهيه بادشاهه جي بي گناهه ڦاهي وارو ڪيس به ضرور ري اوپن ڪرڻ کپي ته جيئن دنيا کي خبر پوي ته برطانوي سامراج سان ٽڪر کائيندڙ سورهيه بادشاهه ۽ حر باغي ڪي دهشتگرد نهپر وطن پرست ويڙهاڪ هئا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو