Home / ڪور افيئر / بي لغام ميڊيا
above article banner

بي لغام ميڊيا

ملڪ ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا اچڻ ۽ خاص ڪري جولاءِ جي شروع کان 25 تاريخ تائين ڪراچيءَ جي صورتحال ۾ ميڊيا جي ادا ڪيل ڪردار کانپوءِ تمام گهڻا سوال پيدا ٿي پيا آهن. ميڊيا جي ڪردار جي حوالي سان کليل ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڇو ته، هڪ مهيني جي واقعن اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته، خاص ڪري اليڪٽرانڪ ميڊيا پڌري پَٽِ ڌُر ٿي بيٺي آهي. جنهن سان آزاد ۽ اڻ ڌُري ميڊيا جو تصور اڻ چٽو ٿي ويو آهي.

متحده قومي موومنٽ (ايم ڪيو ايم) جي حڪومت کان الڳ ٿيڻ واري ڳالهه غيرمعمولي هئي پر ناممڪن يا اڻ ٿيڻي ڳالهه ته نه هئي. اهو ڪهڙو تصور آهي ته، جيڪڏهن ڪير مخالف ڌر ۾ ويهي ٿو ته، ان جي “مينڊيٽ جي توهين” ٿي وئي. خود پيپلز پارٽي ڄام صادق ۽ ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم جي دورن ۾ سنڌ اسيمبلي جي سڀ کان وڏي پارٽي رهي پر، ان وقت خود ايم ڪيو ايم ان جي مينڊيٽ جو ڪيترو احترام ڪيو هو؟ اخلاقي طور اهو اُن وقت ايم ڪيو ايم جو فرض هئو ته، هو ڪِنِ به ڳجهن هٿن ۾ کيڏڻ لاءِ استعمال ٿيڻ بجاءِ، صوبي جي عوام جو سڀ کان وڌيڪ مينڊيٽ رکندڙ پارٽيءَ کي حڪومت ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي ها؟ پر خير… اهو ته سياسي پارٽين جو “ڪنهن جي هٿن ۾ کيڏڻ” وارو معاملو آهي، اُهي ڄاڻن انهن جا ڪم، پر تمام تڪليف، ڏک ۽ ڳڻتي واري صورتحال اها آهي ته، ميڊيا هينئر سياسي پارٽين جي هٿن ۾ کيڏڻ شروع ڪيو آهي ۽ اها ڳالهه ڪا نئين ته نه رهي آهي، پر هاڻي کُلي سامهون آئي آهي. پرنٽ ميڊيا ۾ ذميداري ۽ شين کي چيڪ ڪرڻ، بئلنس رکڻ جو رواج اڃا ڪجهه آهي پر اليڪٽرانڪ ميڊيا اظهار راءِ جي آزاديءَ جي نالي ۾ سڀ حدون اورانگهي پار وڃي پئي آهي.

ڪراچيءَ ۾ روس جي قونصليٽ جنرل آندري ڊيموڊوف ڪجهه مهينا اڳ ڪچهري ڪندي چيو هو ته، روس جي ٽٽڻ جي ٻين سببن سان گڏ هڪ وڏو سبب ميڊيا جي جنگ هئي. روس تيز ميڊيا جي بي بنياد پروپيگنڊا جو شڪار ٿي ويو. هن مثال ڏيندي چيو هو ته، هاڻي ٿي خبر پئي ته،اسٽار وار نالي جي ڪا شي ئي نه هئي. پر ميڊيا ۾ ان جو اهڙو طوفان پيدا ڪيو ويو، جو روس بجيٽ جو وڏو حصو بچاءُ تي خرچ ڪيو، ايئن نيوٽران بم جو ڪو وجود نه هئو پر ميڊيا ته، ان بم کي ڦاڙي هانوَ ڏاريندڙ تباهين جا قصا بيان ڪرڻ شروع ڪيا جو دنيا جا لڱ ڪانڊارجي ويا.

بلڪل ايئن 1999ع ۾ جنرل مشرف جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ان جي سڀ کان وڌيڪ اعتماد ۽ ڀروسي واري ڌُر ايم ڪيو ايم پنهنجي سموري پاليسيءَ تي نظر ثاني ڪري ان حقيقت جي تهه تائين پهچي چڪي هئي ته، اليڪٽرانڪ ميڊيا جي نئين داخلا ملڪ جي مستقبل تي تمام گهرا اثر ڇڏيندي ، سياسي ميدان ۾ به ڪاميابي ۽ ناڪامي جو گهڻو دارو مدار پروپيگنڊا، ميڊيا جي هٿ ۾ هوندو. ماضيءَ ۾ کيس عالمي طور تي سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو هو، ڇو ته، ان تي الزام هو ته، حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ صحافين تي تشدد جو استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ ميڊيا جي ادارن تي ڪاپيون ساڙڻ سميت دٻاءَ جا ٻيا طريقا استعمال ڪياپئي ويا. ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي ايم ڪيو ايم هڪ ٻي پاليسي اختيار ڪئي، هن اخبارن ۽ ٽي وي چئنلز ۾ “پنهنجا ماڻهو” ايڊجسٽ ڪرائڻ شروع ڪيا ۽ انهن تي اهو به الزام آهي ته، جنهن صحافي تي لکڻ شرط هو ته، هو سندن پاليسين سان اختلاف رکي ٿو ته، ان جا ادارن ۾ داخل ٿيڻ جا رستا روڪرايا ويا.ڪجهه سالن جي ان مشق جو هاڻ نتيجو اهو آهي جو هاڻ ايم ڪيو ايم کي ميڊيا تي ڪنهن قسم جو دٻاءُ وجهڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ٿي ٿئي، جو اُتي انهن جا “پنهنجا ماڻهو” ويٺا آهن.

اڄ پاڪستان جو ڪو اهڙو اردو چئنل نه آهي جنهن جي رپورٽنگ سيڪشن کان وٺي هر اهم جاءِ تي ايم ڪيو ايم جا “پنهنجا ماڻهو” نه ويٺل آهن. جنهن سان ميڊيا جي صورتحال هڪ طرفي ٿي وئي آهي. اردو ميڊيا تي اردو_ پنجابي مٿڀرائپ (Domenincy) ۽ سياسي پارٽين جي اثر رسوخ صحافت جو نقشو ئي بدلائي ڇڏيو آهي. ڳالهه اها ناهي ته، ميڊيا ۾ ايم ڪيو ايم پنهنجا ماڻهو رکرايا آهن انڪري ، اسان کي ڳالهه نه ٿي وڻي، پيپلز پارٽي، فنڪشنل ليگ مسلم ليگ نواز يا ڪا ٻي سياسي پارٽي ايئن ڪري ها ته، اسان کي اعتراض نه هجي ها_ نه بلڪل ايئن ناهي. ميڊيا ۾ پنهنجا ماڻهو داخل ڪري ان تي قبضي ڪرڻ جو پهريون ڪم جماعت اسلامي شروع ڪيو هو، جنهن عمل ۽ سوچ جي ڀرپور مزاحمت ۽ مخالفت ٿي هئي ۽ لاڳيتو جاري رهي ۽ هاڻ ان راند ۾ ايم ڪيو ايم ٻه هٿ اڳتي وڌي، جديد طريقن سان ميڊيا کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ آڻي ڇڏيو آهي ته، جڏهن اسان کي ڪنهن به سياسي يا مذهبي پارٽي جي ميڊيا تي قبضي جي ڪوشش قبول نه آهي ته ايم ڪيو ايم جي ان عمل جي حمايت ڪيئن ڪبي؟ ان جاءِ تي ايم ڪيو ايم نه، پيپلزپارٽي، مسلم ليگ يا ڪا ٻي پارٽي هجي ها، ته به اسان جا اعتراض ساڳيا هجن ها، جيڪي هاڻ آهن.

ميڊيا تي ٿيل قبضي جا نتيجا جولاءِ 2011ع ۾ ايم ڪيو ايم جي حڪومت کان الڳ ٿيڻ کانپوءِ وڌيڪ چٽا ٿي سامهون آيا آهن.

ڪٽي پهاڙي، اورنگي ٽائون جا واقعا، حسن اسڪوائر وٽ عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ تي ٿيل قاتلاڻي حملي کانپوءِ شروع ٿيا. اهو جڳهڙو ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي جي ڪارڪنن ۽ همدردن وچ ۾ هو. ٽن چئن ڏينهن تائين هلندڙ ان کٽراڳ دهشتگردي ۾ ڪٿي به سنڌي ماڻهو، يا انهن جي ڪا پارٽي شامل نه هئي. پر اتي سنڌ کي ورهائڻ جا نه رڳو نعرا لکرايا ويا پر جلوس به ڪڍرايا ويا ۽ ميڊيا ان ڳالهه تي فوڪس ڪيو. خصوصي پروگرام ۽ رپورٽون هلايون ۽ لائيو نشريات ۾ جيڪو لفظن جو زهر ماڻهن جي ذهنن ۾ اوتيو ويو. ان جو اثر ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي بيان کانپوءِ سامهون آهي. ياد رهي ته 12 جولاءِ تائين ڪٽي پهاڙي، اورنگي ٽائون ۽ ٻين علائقن ۾ حالتون ڪنٽرول هيٺ اچي ويون هيون. 13 جولاءِ تي سنڌ اسيمبلي مان مڪاني ادارن جو نظام ختم ڪري پراڻو نظام لاڳو ڪري ڪمشنري نظام لاڳو ڪرڻ، ڪراچي، حيدرآباد جي پراڻي حيثيت بحال ڪرڻ، پوليس آرڊر ختم ڪرڻ جا بل پاس ٿي چڪا هئا. ان ئي ڏينهن رات جو مردان هائوس ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا تڪراري بيان جاري ڪيو. جنهن کانپوءِ بهاني جي انتظار ۾ ويٺل ميدان ۾ نڪري آيا، اها سموري رات ۽ 14 جولاءِ جو ڏينهن ڪراچي جي شهرين تي عذاب کان گهٽ ڪو نه هو ۽ ان ڏينهن جيڪي عذاب آيا، ان جو 70 سيڪڙو سبب ميڊيا ۾ ويٺل پنهنجن ماڻهن جا ڪمال هئا.

ميڊيا جو ڪردار ان ڏينهن ڪنهن سياسي پارٽي کان گهٽ ڪو نه هئو. مختلف ٽي وي چئنلن لائيو، عام ماڻهن جي وات ۾ ڳالهيون وجهي سنڌ جي عوام کي سڌي طرح گاريون کارايون. هڪ طرفي رپورٽنگ ڪئي. جيو ان ڏينهن جنهن ڏينهن ڪراچي شهر سڙي رهيو هو ۽ 16 ماڻهو قتل ٿي چڪا هئا. گهوٽڪي ۾ پيپلزپارٽي پاران سنڌ اسيمبلي مان پاس ٿيل بلن جي خوشي ۾ ٿيل هوائي فائرنگ کي گهڙي گهڙي ڏيکاري رهيو هو. ڊاڪٽر مرزا جي جملن کي هر ڏهن منٽن کانپوءِ خاص ڪري جيو ۽ ٻيا اردو چئنل ڪنهن نه ڪنهن طريقي ۽ حيلي بهاني سان ڏيکاري رهيا هئا. ميڊيا، حالتن کي بهتر ڪرڻ بجاءِ بگاڙڻ شروع ڪيو. ان ڏينهن اها ڳالهه کلي سامهون آئي ته، نه رڳو ميڊيا جانبدار ٿي چڪي آهي، پر هڪ ڌر جي ترجمان ۽ مددگار پڻ ٿي چڪي آهي. جنهن جي آڏو ڪا صحافت، اخلاقيات، عالمي اصول، انسانيت جي احترام نالي ڪا شي نه هئي. ڪجهه ماڻهن جو چوڻ اهو به هئو ته ڪراچي ۾ ان ڏينهن قتل ٿيل 16 بيگناهه ماڻهن جي قتل جو ڪيس ميڊيا جي ادارن تي داخل ٿيڻ گهرجي ۽ حيرت آهي ته ميڊيا تي نظر رکندڙ پيمرا پاران، ڪا به وارننگ، نوٽيس جاري نه ڪيو ويو. ڇو ته اردو ٽي وي چئنلز پيمرا پاران جوڙيل اخلاقي ضابطي کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري اڇلائي ڇڏيو. انهن ڳالهين، واقعن کي هوا ڏني وئي، جن جو وجود نه هئو. رات وچ ۾ سڄي ڪراچي شهر ۾ مهاجر صوبي بابت چاڪنگ ڪئي وئي. گلستان جوهر ۽ شهر جي ٻين علائقن ۾ سنڌين جي ڪاروبار ۽ ملڪيتن کي باهيون ڏنيون ويون.

ان هوندي به ايم ڪيو ايم مهاجرن صوبي جي ڪنهن گهر کان لاتعلقي ڏيکاري، پر ميڊيا سنڌ کي ٽوڙڻ واري مطالبي، چاڪنگ کي کنيو بيٺي رهي ۽ سموري رپوٽنگ ۽ ڪوريج هڪ طرفي ٿيندي رهي. اهو مطالبو ايم ڪيو ايم جي ڊاڪٽر عشرت العباد پاران گورنر جو عهدو ٻيهر سنڀالڻ کانپوءِ اڃا ٿڌو ئي مس ٿيو هو ته سهيل وڙائچ جيڪو هونئن ته تمام چڱو صحافي رهيو آهي. پنهنجي پروگرام “ميري مطابق” ۾ سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جي حوالي سان هڪ پروگرام ڪيو. اهو پروگرام ڪرڻ جي سبب جي باري ۾ اڃا ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي آهي ته سنڌ مان، سنڌ کي ٽوڙڻ جومطالبو ڪنهن ۽ ڪڏهن ڪيو؟ ڇو ته ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن آن دي ريڪارڊ واضح نموني سنڌ ٽوڙڻ جي مخالفت ڪئي ۽ چيو هو ته انهن جو ڪو به مطالبو يا گهر سنڌ منجهان نئون صوبو ٺاهڻ جو نه آهي. ته پوءِ جنهن شيءِ جو وجود ئي ناهي ان تي پروگرام ڪرڻ، ميڊيا جي ڪهڙي اظهار راءِ جي آزادي آهي ۽ ان خلاف جسقم ۽ سنڌ جي ٻين قومپرست ڌرين طرفان سخت احتجاج سامهون آيو ۽ اهو احتجاج جيو ٽي وي خلاف اڃا به جاري آهي. 28 جولاءِ تي سماء ٽي وي جي اينڪر پاران لاڳيتو هڪ طرفي رپورٽنگ ۽ پروگرام ڪرڻ تي ڪٽي پهاڙي وٽ ماڻهن ڪاوڙ ۾ اچي ان چئنل جي گاڏي کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو ۽ سما ٽيم تي تشدد ڪيو. اهو نتيجو آهي،ميڊيا جي ڌُر ٿيڻ جو ۽ 28 جولاءِ تي ئي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ، ڪي يو جي جيو ۽ جنگ خلاف سنڌ ۾ ٿيندڙ احتجاج خلاف سخت زهريلو بيان جاري ڪيو ۽ اظهار راءِ جي آزادي جي آڙ وٺي اهو چيو پيو وڃي ته جيو “اظهار جي آزادي” استعمال ڪئي ته پوءِ عوام به پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري رهيو آهي. ان تي پي ايف يو جي ڇو مڇرجي پئي آهي. ان کي ڇو تڪليف ٿي آهي. هئڻ ته ايئن گهربو هئو ته پي ايف يو جي ميڊيا پاران اظهار راءِ جي آزادي جي نالي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جو نوٽيس وٺي ان ڳالهه جي نندا ڪري ها. پر بجاءِ پنهنجو فرض نڀائڻ جي پي ايف يو جي پڻ ڌر بڻجي عوام جي مخالفت ۾ بيان جاري ڪيو.

ميڊيا جي حوالي سان صحافتي اصولن جي پاسدار صحافين کي ٻيهر غور ڪرڻ گهرجي.ميڊيا جي ڪردار جي حوالي سان پيدا ٿيل سوالن جا جواب تلاش ڪرڻ گهرجي.ميڊيا کي مسئلا پيدا ڪرڻ نه پر حل ڪرڻ جو ذريعو هجڻ گهرجي.

قاضي آصف

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو