Home / ڪور افيئر / سنڌ کي جوش نه سياسي ساڃاهه گهرجي
above article banner

سنڌ کي جوش نه سياسي ساڃاهه گهرجي

گذريل سال جولاءِ جي مهيني ۾ جڏهن مون سون جا ٻه سسٽم ساڳي وقت ٽڪرايا هئا ته هڪ ڀيانڪ ٻوڏ جي شڪل ۾ تباهي نازل ٿي هئي. هن سال جولاءِ ۾ سياسي بي عقليءَ جون ٻه انتهائون ساڳي طرح ڪراچيءَ ۾ ٽڪرايون جن سنڌ کي هڪ نئين سياسي تباهيءَ جي ويجهو آڻي ڇڏيو. هڪ رات دير سان سنڌ سرڪار جي هڪ اهم وزير پنهنجي جوشيلي تقرير سان فاشسٽ گروهه کي اهو موقعو فراهم ڪيو ته ٻئي ڏينهن اهو ڏيڍ ڊزن کن بي گناهه ماڻهن جي جان وٺي

۽ سوين ماڻهن جي رت ۽ پگهر جي پورهئي مان ٺهيل سندن ملڪيتن کي ناس ڪري شام ٿيڻ تي “بند هو جا سم سم” جي آواز تي شهر ۾ ٻيهر امن امان بحال ٿي ويو. قومي ميڊيا اهو نه ٻڌايو ته ان قتل عام جي “کل جا سم سم” ڪنهن پڙهي هئي. پر سڀئي ان تعريف ۾ اونڌا پئي ٿيا ته ڏسو ڪيئن نه سياسي ڏاهپ سان امن امان جي اپيل ڪري شهر جي رونق بحال ڪرائي وئي. اڃا اڌ ڏينهن مس گذريو ته حڪمران ڌر جي طرفان معافين جي وضاحت جو سلسلو شروع ٿي ويو. رهي ڳالهه سنڌ واسين جي ته انهن دهلن شرنائين تي حمايت ۾ ريليون ڪڍيون ته فلاڻي ٽارزن ڪيئن نه دنيا جي اڳيان سڀ ڪجهه کولي چئي ڏنو. اها الڳ ڳالهه آهي ته حڪمران پارٽي ساڍن ٽن سالن تائين ان سچ مٿان پڙ چاڙهي پئي گذاريا.ساڳي طرح ٻيا ڪيترائي سچ آهن جن ۾ سمورا گامون سچار پاڻ ڌر آهن، تنهنڪري انهن بابت ڪو به دنيا کي کولي ٻڌائڻ لاءَ تيار ناهي. ٻيو ڪجهه ٿيو نه ٿيو پر ڪراچيءَ جي ڀتين تي نوي جي ڏهاڪي وارا نفرت انگيز نعرا موٽي آيا ۽ سنڌين کي گهڻي عرصي کان پوءِ هڪ نئون هيرو عطا ٿيو

 

سمورا جوش جذبا نهايت احترام لائق هوندا پر عملي سياست سکڻو جوش جذبي نه پر عقل آڌار هوشمند حڪمت عملي جو ڪم آهي. جوشيلين تقريرن، نعرن ۽ هوڪرن سان سنڌ کي ڪجهه ملڻو هجي ها ته پاڻ گهڻو اڳ واشنگٽن مٿان راڄ ڪري رهيا هجون ها. سوچ جي جوش کي عمل سان ڳانڍاپيل حڪمت عملي ملي وڃي ته اها لوهه کي سون ڪري سگهي ٿي پر عمل کان وانجهيل جوش ته سون کي پتل بڻايو ڇڏي. اهو ئي ڪجهه سنڌ سان ڏهاڪن کان ٿي رهيو آهي. سنڌ ۾ ٽڪراءُ جي اها تازي لهر سنڌ جي عشق تان نه پر ڌرين جي مفادن جي اڻبڻت تان شروع ٿي ۽ پوءِ جيئن وفاق ۾ هر اونڌو سڌو ڪم وسيع تر قومي مفاد وٽان ٿيندو آهي تيئن سنڌ ۾ هر ڪم ڦري گهري سنڌ جي قومي مفادن وٽان ٿيندو آهي. جهڙي طرح ايم ڪيو ايم ڪشمير جي چونڊن جي خسيس معاملي کي بنياد بنائي حڪومت تي جلهه ڪئي ان مان صاف نظر آيو پئي ته اهو سڀ ڪجهه ڪنهن گيم پلان جو حصو آهي. ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ هن ڀيري گورنر جي استعيفا کان پوءِ اهو واضح ٿي ويو هئو ته هن ڀيري ايم ڪيو ايم حڪومت ۾ واپس اچڻ جي موڊ ۾ ناهي.شايد اهو ئي محسوس ڪندي پيپلز پارٽي حڪومت مڪاني ادارن جو پراڻو نظام ۽ ڪراچي۽ حيدر آباد جي اڳوڻي حيثيت فورن بحال ڪرڻ جو اعلان ڪري گورنرهٿان آرڊيننس جاري ڪرائي ڇڏيا. جيتوڻيڪ ڪمشنري نظام جي بحالي، حڪمرانيءَ جي لحاظ کان ڪو بهتر آپشن ناهي پر سنڌ جي پسمنظر ۾ پراڻن ضلعن جي ڀڃ ڊاهه ۽ ناظمي نظام کي ختم ڪري مفادن جي پورائي لاءِ استعمال ڪرڻ واري پسمنظر سبب سنڌ واسين ان قدم جي آجيان ڪئي.ساڳي طرح جيئن ته اهو قدم آئيني تقاضائون پوريون ڪري کنيو ويو هو ۽ ٻين ٽن صوبن ۾ اڳواٽ بحال ٿي چڪو هئو، تنهنڪري اهو وري ڪنهن حد تائين قومي سطح جو اشو نه بنجي سگهيو.

سنڌ اسيمبليءَ طرفان انهن بلن جي منظوري ۽ نواز شريف طرفان ان تي ايم ڪيو ايم جو ساٿ نه ڏيڻ سبب ايم ڪيو ايم سياسي اڪيلائيءَ جو شڪار ٿي چڪي هئي. اهڙي معاملي تي اجائي چوچڙي ٻاري ان کي مکيه ڌارا جي بحث هيٺ اچڻ جو موقعو ڏيڻ ڪهڙي به طرح سياسي ڏاهپ نه هئي. مٿان وري ايم ڪيو ايم بجاءِ سڄي اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ کي مخاطب ٿيڻ درست نه هو. ذوالفقار مرزا جي ان رات جي تقرير ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه ماڻهن کي گهڻي پسند آئي هجي پر سياسي اعتبار کان سندس لهجو، لفظن جي چونڊ ۽ مهل ڪهڙي به طرح وقتائتا نه هئا. سياست ۾ رڳو سچ ڳالهائڻ ڪافي نه هوندو آهي پر ان جي ادائگيءَ جو توازن، لفظن جي چونڊ ۽ ٽائيمنگ کي تمام گهڻي اهميت حاصل هوندي آهي. ساڳي طرح هڪ سچ ٻڌائڻ لاءِ ڪيئي اهم سچ اورانگهي ڇڏڻ به بد ديانتي آهي. مثال طور جيڪو ڪجهه ايم ڪيو ايم ۽ ان جي قيادت لاءِ چيو ويو ڇا رڳو اهو ئي سچ آهي؟ آفاق احمد کي اصل ليڊر قرار ڏيڻ (وزير صاحب جوش ۾ کين قوم جو ليڊر قرار ڏنو. شايد گهڻن ماڻهن سندس مهاجر قوم وارو اصطلاح نوٽ نه ڪيو هجي)، اهو سڀ ڪجهه شاهي سيد جي تڏي تي وڃي چوڻ ۽ ڪراچيءَ ۾ گينگ وار گروپ کي امن ڪميٽيءَ جو پرفريب ٽائيٽل ڏيڻ ڪهڙو سچ چوڻ آهي؟ ايم ڪيو ايم کي جواب ڏيڻ لاءِ وري ٽن ٻين دهشتگرد گروهن کي پالڻ ۽ کين هيرو بنائڻ ڪٿان جو سچ ۽ سنڌ دوستي آهي. جيڪو ڪجهه آفاق احمد ۽ سندس ساٿارين 80 ۽ 90 جي ڏهاڪي ۾ ڪراچي ۽ حيدر آباد جي سنڌين سان ڪيو. جيڪو ڪجهه اي اين پي شاهي سيد جي قيادت ۾ ڪراچيءَ ۾ ڪري رهي آهي ان جو هڪ نشانو سنڌي رهواسي پڻ آهن. لياري گينگ وار جا امن پسند ڪردار جيڪو ڪجهه ڪراچيءَ جي پراڻن رهواسين سان ڪري رهيا آهن ڇا وزير صاحب کي اهي سڀ سچ معلوم نه هئا جيڪي پڻ ساڳي طرح قوم سان شيئر ٿيڻ گهرجن ها. اهو اڌ سچ وارو هيرو ازم سنڌ جي ڪهڙي خدمت ڪندو ان کي جذباتيت بجاءِ عقل ۽ فهم سان سمجهڻ گهرجي.

جيڪڏهن اهي سڀ تقريرون سنڌ جي سڄڻاڻپ جو حصو آهي ته پوءِ سنڌ سان اها سڄڻاڻپ هر پاسي کان نظر اچڻ گهرجي ها.منهنجي راءِ ۾ پراڻا ضلعا بحال ڪرڻ وارو ڪم برابر سٺو ۽ واکاڻ جوڳو آهي پر ان لاءِ ايم ڪيو ايم جي الڳ ٿيڻ جو انتظار جو ٿي ڪيو ويو.ساڍن ٽن سالن تائين پيپلز پارٽيءَ کي اها ضلعا بحال ڪرڻ واري سنڌ دوستيءَ کان ڪنهن روڪيو هو. ٻيو اهم سوال اهو آهي ته ضلعا بحال ٿيڻ ته هڪ قدم آهي، اصل ڪم ته ضلعن وسيلي عام ماڻهن کي ترقي ۽ سياسي شرڪت جا موقعا ڏيڻ آهي. برابر هينئر تائين ڪراچيءَ جا ضلعا بحال ٿيل نه هئا پر پيپلز پارٽي گذريل ساڍن ٽن سالن دوران ڪراچيءَ جي انهن نظرانداز ڪيل آبادين جي ترقيءَ لاءِ ڪهڙا انقلابي قدم کنيا هئا. ڇا پيپلز پارٽي حڪومت کي ڪنهن روڪيو هو ته لياري، هاڪس بي، ابراهيم حيدري، ملير ۽ گڏاپ جي علائقن لاءِ ڪو ترقياتي پئڪيج ڏئي ها. ڪراچي ته ڇڏيو باقي سڄي سنڌ جي ضلعن ۾ پيپلز پارٽي ڪهڙي ترقي ڪرائي آهي؟ سنڌ جا اڳوڻا ۽ موجوده ضلعا بد ترين شڪل ۾ آهن. انهن ضلعن ۾ خراب حڪمراني، ڪرپشن ۽ بدانتظامي وسيلي هن حڪومت جيڪا سنڌ واسين جي خدمت ڪئي آهي، اها ڪنهن کان به ڳجهي ناهي. هاڻي جڏهن پيپلز پارٽيءَ ساڍن ٽن سالن جي ڪارڪردگيءَ دوران سنڌ ۾ عوامي حمايت کان محروم ٿي رهي آهي ته سندس هارڊ لائينر سنڌ ۾ لساني ٽڪراءُ جو ماحول پيدا ڪري عوامي حمايت جا نوان بنياد ٺاهڻ گهرن ٿا. اهوئي سبب آهي جو حڪمران ڌر جي وزيرن کي ساڍن ٽن سالن تائين ايم ڪيو ايم جي قيادت ۾ اهي سڀ خرابيون نظر نه آيون ۽ هو ڪور ڪميٽين کان وٺي اجرڪ ٽوپين جي معاملي تائين هر طرح جون دوستيون نڀائيندا رهيا پر اوچتو کين سمورا سچ ياد اچي ويا.

اها ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته سنڌ ۾ اردو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙن جو ٽڪراءَ ٻنهي مان ڪنهن به ڌر جي مفاد ۾ ناهي. ورهاڱي کان پوءِ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنڌي ماڻهو شهري آباديءَ جو حصو بنجي رهيا آهن. اهو عمل اڃا شروعاتي مرحلي ۾ آهي ۽ گذريل ڏهن پندرهن سالن دوران اڃا سنڌي شهري مڊل ڪلاس مس پير کوڙڻ شروع ڪيا آهن. ايندڙ ڏهن کان پندرهن سالن تائين ان عمل کي پختگي ڏيڻ جي ضرورت آهي. ان عرصي دوران ڪو به اهڙو ٽڪراءُ جنهن ۾ سنڌين جن اسرندڙ شهري مڊل ڪلاس کي نقصان رسي، ان کان پاسو ڪرڻ گهرجي. سنڌي سماج جي اندروني اوسر لاءِ ضروري آهي ته ايندڙ ڏيڍ ٻن ڏهاڪن ۾ سنڌ اندر اهو شهري مڊل ڪلاس مضبوط ٿئي جيڪو سنڌي سماج کي ڀوتارڪي قبضي مان آجو ڪرائي سگهي ۽ ان جي گهاڙيٽي ۾ بنيادي تبديليون آڻي سگهي.

پيپلز پارٽي حڪومت سنڌ جي اسرندڙ مڊل ڪلاس کي هٿي ڏيارڻ لاءِ گذريل ساڍن ٽن سالن ۾ ڪابه حڪمت عملي جوڙڻ بجاءِ سمورو وقت اقتدار جي تسلسل جي ڊوڙ ۾ ان ڪلاس جي مفاد جي تاڙ ڪئي. سنڌ جي گهرن ۾ موجود سنڌي وسندين ۽ رهواسين کي ترقي ڏيارڻ لاءِ ڪو هڪ به قدم نظر نه آيو. ويتر شهري علائقن ۾ سنڌين جي وسندين ۾ قبضي گيري ۽ ڀتي گيريءَ کي هٿي ڏئي ٻهراڙين مان شهرن ڏانهن ماڻهن جي آمد کي ڌڪ رسايو. سنڌ دوستيءَ ۾ جوشيليون تقريرون ڪندي خود ان لساني گروهه جي ماڻهن کي پوليس ۾ ڀرتين جا بلينڪ آرڊر گهرن تائين پهچائي ڏنا. سنڌ جي مفادن جي رکوالي ڪرڻ ته ٺهيو آدمشماريءَ جهڙي انتهائي حساس سياسي معاملي تي ان ساڳي گروهه کي کلي ڇوٽ ڏني، عملي طور سنڌين کي ٿورائيءَ ۾ تبديل ڪرڻ واري عمل کي هٿي ڏني. سنڌ واسين جي ايڏي اهم ۽ حساس معاملي تي لاتعلقي ڏيکاريندڙ پارٽيءَ کي جڏهن اوچتو سنڌ واسين جا مفاد ياد آيا هجن ته ان جي پٺيان محرڪ سنڌين جا مفاد نه پر سندن سياسي رنجشون آهن. اهوئي سبب آهي جو نج انتظامي فيصلن کي سنڌ پرستي جو رنگ ڏئي سنڌيت کي ڪارڊ طور استعمال ڪيو ويو ۽ غير ضروري لٻاڙ ۽ هلڪڙائپ واري غير سياسي زبان استعمال ڪري سنڌ اندر هڪ ڀيرو ٻيهر لساني وڳوڙن لاءِ ميدان کڙو ڪيو ويو جنهن جي قطعي ڪا به ضرورت نه هئي. سنڌ واسين کي ان قسم جي سطحي هلڙ بازيءَ کي قوم پرستي ۽ سنڌ دوستيءَ جا لقب ڏئي هٿراود هيروازم کي اڀارڻ بجاءِ سياسي ساڃاهه کي ڊگهي مدي وارن مفادن کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي.

نصير ميمڻ

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو