Home / افيئر / فاطمه جناح قتل بابت لڪل تحقيقاتي رپورٽ ڪڏهن پڌري ٿيندي؟
above article banner

فاطمه جناح قتل بابت لڪل تحقيقاتي رپورٽ ڪڏهن پڌري ٿيندي؟

قائد اعظم محمد علي جي ڀيڻ فاطمه جناح پاڪستان جي قيام جي جدوجهد ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو ۽ جڏهن ايوب خان جي حڪومت عروج تي هئي ته ان وقت فاطمه جناح ميدان عمل ۾ اچي ايوب خان جي آمريت کي چئلينج ڪيو هو. هوءَ تڏهن سماجي ۽ فلاحي ڪمن ۾ رڌل هئي ۽ عملي سياست کان پري هئي. ايوب خان جي مارشل لا جي ڪري ملڪ ۾ سياسي انتشار سبب هن حڪومت جي شروعاتي ڏينهن ۾ آجيان ڪئي هئي. ليڪن جڏهن آمر ايوب خان عوام جا حق غضب ڪيا ۽ ملڪ تي مستقل آمراڻو نظام قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته اهڙن قدمن کي فاطمه جناح سخت ناپسند ڪيو هو ۽ ان خلاف ناراضگي جو اظهار پڻ ڪيو هو.اسڪندر مرزا جي لنڊن جلاوطني کانپوءِ ايوب خان سياستدانن کي ايبڊو وسيلي مفلوج ڪرڻ جي منصوبي تي هلي پيو هو. پهرين مئي 1959ع تي ڪراچي ۾ ايوب خان جي صدارت ۾ گورنر ڪانفرنس ۾ بنيادي جمهوريت جي نظام تي ٻڌل آئيني منصوبي جي منظوري ڏئي وئي. اصل ۾ ايوب خان فوج تي مضبوط گرفت رکڻ پيو چاهي ۽ جمهوري نظام کي تباهه ڪري مستقل طور تي ڊڪٽيٽرشپ قائم ڪرڻ جي حق ۾ هو.

ليڪن اڳتي هلي آئيني تقاضائن موجب جڏهن ايوب خان بنيادي جمهوريت جون چونڊون ۽ صدارتي چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو هو ته ايوب خان کي سندس مشيرن ۽ انٽيليجنس ادارن اهي رپورٽون ڏنيون هيون ته سندس مقابلي ۾ مخالف ڌر وٽ ڪو به متبادل اميدوار سگهاري سياسي طاقت رکندڙ ناهي. ان ڪري جڏهن هن پنهنجي چونڊ مهم جي شروعات ڪئي ۽ مخالف ڌر فاطمه جناح جي صدارتي اميدوار هجڻ جو اعلان ڪيو ته ايوب خان ۽ سندس سياسي صلاحڪار حيران ٿي ويا. چونڊ مهم دوران فاطمه جناح کي زبردست عوامي مقبوليت حاصل ٿي. حبيب جالب جي نظمن جو سڄي ملڪ ۾ بول بالا هيو. عوام فاطمه جناح جو ڀرپور ساٿ ڏنو هو. ليڪن سياسي ڌٻڙ ڌونس، ڪرپشن ۽ ڌانڌلين سبب ايوب خان کيس شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ايوب خان ان وقت بنيادي جمهوريت جي 80 هزار سيٽن مان 49951 ووٽ ۽ فاطمه جناح 38691 ووٽ حاصل ڪيا هئا.

سڄي دنيا جي مبصرن ايوب خان جي ڪاميابي کي ڌانڌلين جو نتيجو قرار ڏنو هو. مخالف ڌر پڻ ايوب خان جي سوڀ کي رد ڪري ڇڏيو هو. حقيقت اها آهي ته فاطمه جناح ايوب خان خلاف عوامي بغاوت جي ڪامياب اڳواڻي ڪئي هئي. هو ءَ شڪست باوجود سرگرم رهي.عوام سان رابطا بحال رکيائين. پر ايوب خان به مٿس ڪرڙي نظر رکيو آيو. سندس ٽيليفون ٽيپ ڪيا ويندا هئا. خط به سينسر ٿي ويندا هئا. ساڻس رابطو رکندڙن کي ڊيڄاريو ويندو هو.

9-جولاءِ 1967ع تي ڪراچي ۾ فاطمه جناح گذاري وئي. کيس قائد اعظم جي مزار جي احاطي ۾ دفن ڪيو ويو. ليڪن پوءِ هوريان هوريان اهي افواهه پکڙجڻ لڳا ته هن کي بي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو. جڏهن فاطمه جناح کي غسل ڏياريندڙ عورت سندس جسم تي زخمن هجڻ جي نشاندهي ڪئي، تڏهن قائد اعظم ۽ فاطمه جناح جي ڀاڻيجي اڪبر پير ڀائي پاڪستان ۾ موجود ڪٽنب ڀاتين کان فاطمه جناح جي قتل بابت معلومات حاصل ڪئي. هو ان وقت ممبئي ۾ اعليٰ قسم جو بئريسٽر هو. هو فوري طور ڪراچي پهتو. غسل ڏياريندڙ عورتن سان ملاقاتون ڪيون ۽ پوءِ هو به ان نتيجي تي پهتو ته کيس قتل ڪيو ويو هو. ان کانپوءِ هن ايوب خان سان ملڻ جو فيصلو ڪيو. هو قائد اعظم جي ڪٽنب سان شريف الدين پيرزادي جي لاڳاپن کان واقف هو. جيڪو ان وقت ايوب جي ڪابينا ۾ پرڏيهي وزير هو. هن جي معرفت سندس ايوب خان سان ملاقات ٿي. ملاقات دوران اڪبر پير ڀائي ايوب خان اڳيان فاطمه جناح جي جسم تي تشدد ۽ زخمن هجڻ بابت نشاندهي ڪئي. ايوب خان کي ان وقت خبر پئي ته فاطمه جي قتل جي خبر خبر سڄي ملڪ ۾ ڦهلجي چڪي آهي. هن فاطمه جناح جي ڀاڻيجي جي مطالبي تي ان وقت اولهه پاڪستان جي گهرو وزير قاضي فضل الله کي فاطمه جناح جي موت بابت تحقيقاتي رپورٽ ٺاهڻ جي ذميواري ڏني. ليڪن اها رپورٽ اڄ ڏينهن تائين منظر عام تي نه اچي سگهي آهي. قاضي فضل الله جي رپورٽ ۾ غسل ڏياريندڙ عورتن جا انٽرويو به شامل هئا. فاطمه جناح جي خصوصي نمائندي حسن شيخ جي درخواست تي تڏهوڪي ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ خالد محمود به سندس موت بابت تحقيقات ڪئي هئي پر اها رپورٽ به ظاهر نه ڪئي وئي. ياد رهي ته نيشنل بوڪ فائونڊيشن طرفان آغا حسن همداڻي جي فاطمه جناح جي زندگي بابت انگريزيءَ ۾ ڇپايل ڪتاب ۾ اهو انڪشاف ڪيو ويو آهي ته فاطمه جناح جي ڪنڌ ۽ جسم جي مختلف حصن تي زخمن جا نشان موجود هئا. قاضي فضل الله ڪراچي ۾ فاطمه جناح جي موت بابت جيڪا رپورٽ مرتب ڪئي، هن اها وفاقي ۽صوبائي حڪومتن کي به مهيا ڪئي هئي. ليڪن حڪومت رپورٽ جي حساسيت جي ڪري اها پڌري نه ڪئي ۽ اها اڄ به سرد خاني ۾ موجود آهي.

فاطمه جناح جي ڀاڻيجي گهڻو پوءِ ايوب خان سان رابطو ڪري قاضي فضل الله رپورٽ پڌري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو ته اها رپورٽ پڌري ڪئي وڃي پر ائين ڪڏهن به نٿي سگهيو. فاطمه جناح کي دفن ڪرڻ واري ڪميٽي جو سربراهه حاجي ڪلو هو. پوڙهين عورتن فاطمه قاسم، فاطمه ٻائي بچو، فاطمه جناح جي ميت کي غسل ڏنو هو. تحقيقي ڪميشن حاجي ڪلو ۽ غسل ڏيندڙ عورتن طرفان ڏنل انٽرويو ۾ اهو چيو ويو هو ته فاطمه جناح کي وحشياڻي طريقي سان قتل ڪيو ويو هو. هڪ غسل ڏياريندڙ عورت سيده فاطمه زال سيد محمد ظفر جو چوڻ هو ته جڏهن آءَ فاطمه جناح جي ڪمري ۾ داخل ٿيس ته ڪمري ۾ هڪ ڏکويل عورت بيگم رضا چانڊيو ويٺي هئي، جيڪا فاطمه جناح جي ڀاڻيجي هئي. ويجهوئي ابو الحسن اصفهاني بيٺو هو. جڏهن مون غسل ڏيارڻ لاءِ ميت جو جائزو ورتو ته ڏڪي ويس. سندس ڪنڌ وٽ چار انچ کان وڏو زخم هو، جنهن تي ٽاڪا لڳل هئا. گوڏي تي زخم هو ، ساڄو ڳل سڄيل هو. سڄو جسم نيرو ٿي آڪڙجي چڪو هو. چادر ۽ هن جو سمورو لباس رت ۾ ٻڏل هو. هڪ ٻي غسل ڏياريندڙ عورت فاطمه ٻائي بچو جو چوڻ هو ته فاطمه جناح جي پيٽ ۾ هڪ سوراخ هو جنهن مان گند پئي رسيو. هن جي جسم تي هرهنڌ ڌڪن جا نشان هئا. بلڪل واضح پئي لڳو ته مٿس سخت تشدد ڪيو ويو هو.

جڏهن مير ظفرالله جمالي وزيراعظم هو ته سندس صلاحڪار شريف الدين پيرزادي کيس هڪ خط لکيو هو ته فاطمه جناح جي قتل بابت قاضي فضل الله انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ پڌري ڪئي وڃي. شريف الدين پيرزادي جا قائد اعظم ۽ فاطمه جناح سان ويجها لاڳاپا رهيا آهن. هن جي پهرين زال رضيه جي چونڊ به فاطمه جناح قائد اعظم جي صلاح سان ڪئي هئي. جيئن ته شريف الدين پيرزادي جو ان معاملي سان سڌي ريت تعلق هو. ان ڪري هن پوءِ هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته فاطمه جناح کي قتل ڪيو ويو هو. هن جو چوڻ هو ته شروعاتي تحقيقات موجب کيس گهٽا ڏئي ماريو ويو هو. سڀني جو خيال هو ته فاطمه جناح جو گهريلو ملازم جيڪو سندس موت وقت ڳجهي نموني غائب ٿي ويو هو. شايد ان ئي کيس قتل ڪيو هجي، اهو گهريلو خدمتگار ڪيمبل پور راولپنڊي جو رهواسي هو. ڪجهه حلقن جو اهو خيال آهي ته فاطمه جناح جي سياسي مخالفن مذڪوره ملازم کي پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪيو هو. اڪبر پير ڀائي، شريف الدين پيرزادي جي موجودگي ۾ ايوب خان کي اهو پڻ چيو هو ته فاطمه جناح جي قتل ۾ سندس ملازم کي ئي استعمال ڪيو ويو ۽ بنا پوسٽ مارٽم جي ڊاڪٽر ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جي مجاز نه هئي. ان وقت سندس موت کي فطري ڄاڻائي دفن ڪفن جو عمل ان ڪري مڪمل ڪيو ويو جو جيڪڏهن سڀ حقيقتون منظرعام تي اچي وڃن ها ته سڄي ملڪ ۾ باهه ٻري پئي سگهي ۽ ايوب خان جو اقتدار ان باهه ۾ سڙي رکي ٿي پئي سگهيو.

ايوب خان ۽ ڪراچي جي انتظاميا نهايت چالاڪيءَ سان دفن ڪفن جو بندوبست خاموشيءَ سان ڪرائي ڇڏيو. ان وقت اخبارن تي سخت ڪنٽرول هو. انڪري ڪا به اخبار فاطمه جناح جي موت بابت ڪا خبر شايع ڪرڻ لاءِ تيار نه هئي.ليڪن هوريان هوريان جيئن حقيقتون منظرعام تي آيون ته ايوب خان پاڻ اقتدار کان رخصت ٿي چڪو هو. ان ڪري اصل حقيقتون منظرعام تي اچي نه سگهيون. ليڪن ماضيءَ جي سياست جي ڏوهن کي هن وقت بي نقاب ڪرڻ ۽ منظرعام تي آڻڻ جو وقت اچي ويو آهي. اسان جي تاريخ ظلم، بربريت ۽ ناانصافين سان ڀريل آهي.

 

محمد علي خالد

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو