Home / افيئر / !مائونٽ ايورسٽ: ڪوهه پيمائن جو قبرستان
above article banner

!مائونٽ ايورسٽ: ڪوهه پيمائن جو قبرستان

اسان پهريون ڀيرو دنيا جو سڀ کان اوچو قبرستان ڏسڻ وڃي رهيا آهيون. نه رڳو ڏسڻ وڃي رهيا آهيون، بلڪه اتي اسان کي وکريل سوين لاش به ٺڪاڻي لڳائڻا آهن. جيڪي انهن بدقسمت ڪوهه پيمائن جا آهن، جيڪي پنهنجن ملڪن مان آيا ته مائونٽ ايورسٽ کي سر ڪرڻ هئا، پر ايورسٽ کين سر ڪري ڇڏيو ۽ هاڻي اهي ان جي بلندين تي برف جي تهن ۾ برف بڻيا پيا آهن. انهن ڪوهه پيمائن جي لاشن کي هيٺ کڻي اچي مناسب هنڌ تي دفن ڪرڻ کانپوءِ اسان ايورسٽ جي چوٽي ۽ همالين ٽريل تي پکڙيل هزارين ٽن گند ڪچري ۽ ڇڏيل سامان به اتي کڻي اينداسين ته جيئن اڳتي ايورسٽ ايندڙن کي ايورسٽ ۽ هماليه جو علائقو صاف سٿرو ملي.” نيپالي شرپا نامگيال Extreme Everest Expedition جي ٽيم جي قائد آهي. اها ٽيم پنهنجي مدد پاڻ تحت اهو ڪم ڪري رهي آهي، هينئر تائين ان کي ڪنهن به اداري اسپانسر ناهي ڪيو.

ايورسٽ کي Killer Mountain به چيو وڃي ٿو. ڇو ته تاريخ ۾ ايترا گهڻا ڪوهه پيما ڪنهن ٻئي پهاڙ کي سر ڪرڻ دوران موت جو کاڄ نه بڻيا آهن. جيترا نيپال جي هن “ساگر ماٿا (Mount Everest) کي سر ڪرڻ دوران موت جي منهن ۾ ويا. چيو وڃي ٿو ته هن وقت تقريبن 200 ڪوهه پيما ڄميل حالت ۾ اتي پيا آهن، جن جي باقيات شرپا نامگيال ۽ سندس ٽيم اتان هٽائي مناسب هنڌ تي آڻي دفن ڪندي. ماضيءَ ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون ٽيمون جوڙيون ويون هيون، جيڪي ايوريسٽ ۽ ان جي رستي کي صاف ڪرڻ جو مئنڊيٽ کڻي مٿي ويون هيون، ليڪن اهي سڀ ٽيمون ايتري اوچائي تائين نه پهچي سگهيون هيون، شرپانامگيال جو چوڻ آهي ته هوءَ ۽ سندس ساٿي ٻه کان وڌيڪ ڀيرا ايورسٽ چوٽي سر ڪري چڪا آهن، ان ڪري کين اميد آهي ته چوٽي تائين وڃي صفائي جو ڪم ڪري وٺندا. يعني EEE جي ٽيم 8 هزار 8 سئو 50 ميٽر جي اوچائي تائين وڃي “ڊيٿ زون” تان لاش کڻي هيٺ ايندي. ان خطرناڪ سفر جي پهرئين مرحلي ۾ اهي ماڻهو هڪ هڪ لاش وٽ پهچي ان کي ڄميل برف مان ٻاهر ڪڍندا. ان کانپوءِان کي کڻي گليشيئر ۽ ننڍين وڏين چوٽين تان لهي بيس ڪئمپ تائين کڻي ايندا. ايڪسپيڊيشن جي ميمبرن کي ميد آهي ته اهي پهرئين مرحلي ۾ پنجن مري ويل ڪوهه پيمائن جي باقيات بيس ڪئمپ تائين کڻي اچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا. ان ۾ اهو مِرون مهم جو به شامل آهي، جيڪو 2009ع ۾ چوٽي تائين ويندي موت جو شڪار ٿي ويو هو.

هي نهايت ئي خطرناڪ ۽ ڏکي مهم آهي، جيڪا اسان کي درپيش آهي.” شرپانامگيال ٻڌائي ٿي. مون هڪ هنڌ ٽن ڪوهه پيمائن جا لاش ڏٺا آهن، جيڪي هڪٻئي جي ويجهو ئي پيا آهن، اهي لاش گذريل ڪيترن ورهين کان ايئن ئي ڏسي رهيو آهيان، ڇو ته اهي ايورسٽ جي سخت برف ۾ ڄمي هڪجهڙي حالت ۾ رهن ٿا. اسان جڏهن انهن کي هيٺ کڻي اينداسين ته بيس ڪئمپ تي سندن آخري رسمون ادا ڪنداسين. ليڪن هڪ ڪوهه پيما جنهن جو تعلق سوئزرلينڊ سان هو، ان جي لاش کي بيس ڪئمپ کان به هيٺ ايوريسٽ جي دامن ۾ موجود هڪ شرپا ڳوٺڙي ۾ آڻڻو پوندو. جتي ان جون آخري رسمون ادا ڪيون وينديون. ڇو ته ان مِرون مهم جو جي ڪٽنب جا ڪجهه ماڻهو به ان موقعي تي اُتي ايندا ۽ سندن درخواست تي اسان سندن پياري جي باقيات هيٺ تائين آڻڻ جي خطرناڪ مهم جوئي ڪنداسين.”

1999ع ۾ هڪ تحقيقاتي ٽيم ايوريسٽ تي چڙهائي ڪئي هئي ته ان کي مني صدي اڳ ايورسٽ فتح ڪرڻ جي مهم دوران گم ٿي ويندڙ برطانوي ڪوهه پئما جارج ميلوري جو لاش نظر آيو هو. جارج ميلوري ۽ سندس ساٿي اينبريو ارون 1924ع ۾ ايورسٽ جي چوٽي سر ڪرڻ نڪتا هئا، سندن گم ٿيڻ کانپوءِ لڳ ڀڳ مني صديءَ تائين اهو بحث ڇڙيل رهيو ته ڪنهن حادثي جو شڪار ٿيڻ کان اڳ اهي چوٽي تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيا هئا يا نه؟ ۽ اهو بحث اڄ به جاري آهي. جارج ميلوري جي باقيات ملي وئي ته تحقيقاتي ٽيم جي ماڻهن اتي ئي سندس آخري رسمون ادا ڪيون ۽ کيس ان حال ۾ ئي اتي ڇڏي ڏنو. هاڻي جيڪا نئين ٽيم شرپا نامگيال جي سرواڻي ۾ وڃي رهي آهي، ان جو ارادو آهي ته 75 ورهين کان ايورسٽ جي سخت برف ۾ پٿر بڻجي ويندڙ جارج ميلوري جي برفيلي لاش کي به هيٺ کڻي اچي ڪجهه گرم پهاڙي علائقي ۾ دفن ڪيو وڃي.

مائونٽ ايورسٽ تي گند ڪچرو اڇلائڻ سبب ماحولياتي گدلاڻ تمام گهڻي وڌي وئي آهي. هاڻي نيپال حڪومت سياحن ۽ مهم جوئن تي ان حوالي سان سخت پابندي هڻي ڇڏي آهي ته ڪنهن به قسم جو گند ڪچرو يا کاڌ خوراڪ جون شيون انهن جي پيڪنگ، دٻا، بوتلون وغيره انهن علائقن ۾ نه اڇلايو. ڀڃڪڙي ڪندڙن تي ماحوليات واري وزارت طرفان ڳرو ڏنڊ وڌو وڃي ٿو.

ايڊمنڊ هليري لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن تاريخ ۾ پهريون ڀيرو دنيا جي سڀ کان اوچي چوٽي ايورسٽ کي فتح ڪيو هو. هن سان گڏ شرپا تيرنگ نورگي هو. اينڊمنڊ هليري جو لاڏاڻو 2008ع ۾ ٿيو.

ايورسٽ تي سڀ کان وڌيڪ جاني نقصان جو واقعو 1996ع ۾ پيش آيو، جڏهن 36 ڪلاڪن اندر 8 مهم جو چوٽيءَ جي ويجهو پهچي موت جو کاڄ ٿي ويا هئا. انهن مان ٽي ڀارتي پيراملٽري پوليس جا اهلڪار هئا ۽ اهي ايورسٽ جي اترئين پاسي کان مهم جوئي ڪري رهيا هئا. باقي پنجن مرندڙن ۾ واپاري، آمريڪي مهم جا ميمبر ۽ سندن گائيڊ شامل هئا، جيڪي ايورسٽ جي روايتي ڏاکڻئين رستي کان هلندا چوٽي جي بلڪل ويجهو پهتا هئا ته برفاني موت مري ويا.

انهن پنجن مغربي ڪوهه پيمائن جي مرڻ بابت بيسٽ سيلر ڪتاب Into Thin Air” ڇپجي چڪو آهي، ان موضوع تي “ڊيٿ زون” جي نالي سان مووي به ٺهي چڪي آهي، جنهن ۾ انهن بدبخت ڪوهه پيمائن کي ايورسٽ سر ڪرڻ جي جدوجهد ڪندي ۽ موت جو کاڄ ٿيندي ڏيکاريو ويو آهي. هن علائقي کي ان ڪري به “موت جو هنڌ” چيو ويو آهي جو ان جي آسپاس خراب موسم هجڻ سبب درجنين ڪوهه پيما زندگي جي بازي هارائي چڪا آهن ۽ انهن سمورن موت جو کاڄ ٿيندڙ ماڻهن جا لاش اتي برف ۾ ڄميل پيا آهن. جڏهن به ڪو نئون ڪوهه پيما انهن مري ويل ڪوهه پيمائن جي لاشن جي ويجهو پهچي ٿو ته سندس لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا ۽ پوءِ کيس اهو ڊپ ورائي وڃي ٿو ته چوٽيءَ تي مٿي وڃڻ دوران يا واپسي جي سفر ۾ سندس حشر به اهڙو ٿي سگهي ٿو.

ايورسٽ چوٽي جو هڪ شڪار نيوزيلينڊ جو گائيڊ راب هال (Rob Hall) به ٿيو، پر کيس مرڻ کان اڳ ايترو موقعو ملي ويو ه جو هن سيٽلائيٽ فون تي آخري ڀيرو زال سان ڳالهائي ورتو. راب هال پنهنجي زال کي ٻڌايو هو ته

مان نيٺ ايورسٽ جي چوٽي تي پهچي ويو آهيان، سخت ٿڌ ۽ موسم جي اثرن سبب منهنجو نڪ، ڪنن جون پاپڙيون، هٿن ۽ پيرن جون آڱريون ڳري ويون آهن ۽ مون کي ڊپ آهي ته اهي ڪنهن به وقت سڪل ڪاٺي وانگر ڇڻي ڪري پونديون. پر تون ڳڻتي نه ڪجئين، ڇو ته ٿڌ جي ڪري مڪمل طرح سُن ٿي وڃڻ جي ڪري مون کي تڪليف بلڪل محسوس نٿي ٿئي. ها باقي ايترو ٿي سگهي ٿو ته هٿن ۽ پيرن جون آڱريون ڳري ڇڻي پوڻ سبب شايد مان چوٽي تان هيٺ لهڻ ۾ ڪامياب نٿي سگهان. ڇو ته هٿن پيرن کانسواءِ ته ڪوئي چئن پيرن وارو جانور به عام پهاڙ تان نٿو لهي سگهي ۽ مان ته ٻن پيرن وارو آهيان ۽ پهاڙ به مائونٽ ايورسٽ آهي.

ان آخري ڳالهه ٻولهه کانپوءِ راب هال انهن رسن کي هٿ وجهي هيٺ لهڻ جي ڪوشش ڪئي، جن وسيلي هو مٿي آيو هو، پر سندس ڳريل آڱرين هن جو ساٿ نه ڏنو. هن جي ڳولا ۾ ويندڙ امدادي ٽيمن کي ٻه هفتا پوءِ راب جو لاش ملي سگهيو هو.

انهي واقعي ۽ راب هال جي آخري ڳالهه ٻولهه کانپوءِ دنيا ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اهو موضوع گرم ٿي ويو آهي ته واپاري بنيادن تي ڪوهه پيمائي جاري رهڻ گهرجي يا نه؟ ڇو ته ان مان هيلتائين مالي نفعي کان وڌيڪ جاني نقصان ٿيو آهي.

مائونٽ ايورسٽ جي چوٽي Summit دنيا جي سڀ کان اوچي چوٽي آهي، ان جي اهڙي انفراديت جي ڪري سڄي دنيا جا مهم جو ۽ ڪوهه پيما ان کي سر ڪرڻ کي پنهنجي شوق ۽ پيشي جي معراج سمجهن ٿا.

ايورسٽ تبت ۽ نيپال جي وچ ۾ سرحد جو به ڪردار ادا ڪري ٿو، ان جي چوٽي تي سال جا 10 مهينا موسم انتهائي ٿڌي رهي ٿي، اهو ئي سبب آهي جو ڪوهه پيمائي جا شوقين ايورسٽ ڏانهن مئي جون ۾ رخ ڪن ٿا، حقيقت ۾ دنيا جي هي بلند ترين چوٽي سر ڪرڻ نهايت ڪٺن ۽ موتمار ڪم آهي. باوجود ان جي ڪوهه پيمائي جا شوقين پتنگن وانگر پنهنجو اهو سفر جاري رکيو اچن.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو