Home / افيئر / !پورٽ قاسم: 786 ملازم غير قانوني طور ڀرتي
above article banner

!پورٽ قاسم: 786 ملازم غير قانوني طور ڀرتي

 

پورٽ قاسم اٿارٽيءَ ۾ گذريل چئن سالن دوران 687 ماڻهن کي گريڊ 2 کان گريڊ 20 ۾ ڀرتي ڪيو ويو. ڀرتيون صرف ڪراچيءَ جي ماڻهن جون ٻن ضلعن ڪراچي سينٽرل ۽ ڪراچي اولهه مان ڪيون ويون. سنڌ جي ٻين ضلعن ۽ صوبائي ڪوٽا نظرانداز ڪئي وئي. سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو بندرگاهه پورٽ قاسم جيڪو ڪراچي شهر کان اڀرندي طرف ضلعي ملير ۾ واقع آهي، جي تعمير جي وقت مقامي ڳوٺاڻن جن جون زمينون ان پورٽ ۾ اچي ويون هيون سان واعدو ڪيو ويو هئو ته انهن کي پورٽ قاسم اٿارٽي ۾ ترجيجي بنيادن تي نوڪرين ۾ حصو ڏنو ويندو پر هن وقت صورتحال اها آهي ته اهي ڳوٺاڻا ته پري رهيا، پر گذريل 4 سالن ۾ اٿارٽي ۾ ٿيل ڀرتين ۾ سنڌ جي ڪوٽا سان گڏ پاڪستان جي ٻين صوبن جي ڪوٽا کي پڻ نظرانداز ڪيو ويو آهي. پرويز مشرف جي آمريت جي دور ۾ پورٽ ۽ شپنگ جي وفاقي وزارت متحده کي ڏني وئي. متحده طرفان بابر غوري پورٽ ۽ شپنگ جو وزير مقرر ٿيو. اهو سمورو عرصو پورٽ ۾ مقرر اردوءَ کانسواءِ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ خاص طور تي سنڌي ڳالهائيندڙن لاءِ هڪ اذيت ۽ عذاب جو دور هئو. پر 2008ع کانپوءِ ٺهيل پيپلز پارٽي حڪومت به ڪو ٻوٽو نه ٻاريو ان جي قيادت مفاهمت جو راڳ ڳائيندي ساڳئي ئي متحده سان لاڳاپيل بابر غوري کي ساڳي وزارت جو وزير مقرر ڪيو.

“افيئر” کي ذريعن وٽان مليل ڪاغذن مان خبر پئي ته گذريل چئن سالن جن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي دور حڪومت جا 3 سال به شامل آهن، ۾ پورٽ قاسم اٿارٽيءَ ۾ 687 ڀرتيون ڪيون ويون. جن ۾ گريڊ 2 کان وٺي 20 جون سڌيون ڀرتيون به شامل آهن. حالانڪه وزارت يا اٿارٽي گريڊ 17 کان مٿي جون ڀرتيون سڌي ريت نٿي ڪري سگهي. پر متحده سان لاڳاپيل هن وزير موصوف جي هدايتن تي سمورا قائدا قانون اورانگهيندي پنهنجن ماڻهن کي نوازيو ويو. ڀرتيون صرف ڪراچي جي ضلع سينٽرل ۽ ضلعي اولهه مان متحده سان لاڳاپيل ڪارڪنن جون ڪيون ويون. سنڌ جي ٻين سمورن ضلعن توڙي وفاقي کاتي هئڻ جي ناتي سان ٻين صوبن جي به رکيل ڪوٽا کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪيو ويو آهي.

تازو ئي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري پڻ هن ٻه اکيائي، نا انصافي ۽ غير قانوني عمل جو نوٽيس وٺندي، وفاقي حڪومت ۽ پورٽ قاسم ۽ شپنگ جي وزارت کان جواب طلب ڪري ورتو آهي جڏهن ته اعليٰ عدالت اٽارني جنرل آف پاڪستان مولوي انوارالحق کي چيو آهي ته وزير اعظم پاڪستان يوسف رضا گيلانيءَ هن مسئلي تي گڏجاڻي ڪري جواب داخل ڪرايو وڃي. دراصل ڪورٽ وزيراعظم کي هڪ موقعو ڏيڻ چاهي ته ته هو غير قانوني ڀرتيون رد ڪري. هتي سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته ڏوڪڙ ڪمائڻ جي هڪ نقاطي ايجنڊا ۽ پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ ۾ مصروف پيپلز پارٽي حڪومت آخر آهي ڪٿي؟ هن غير قانوني عمل جو نوٽيس وٺڻ ته حڪومت جو ڪم آهي نه ئي عدالت جو . پيپلز پارٽي کي ووٽ وئي اقتدار جي اعليٰ ايوانن ۾ پهچائڻ وارن سنڌي ماڻهن جو هاڻي اهو مقدر بنجي چڪو آهي ته هو پنهنجي قيادت جو ابن الوقتي ۽ مصلحت پسنديءَ جي ڪري پنهنجي حق کان محروم رهن.

پورٽ قاسم ۾اهي 687 ماڻهو غير قانوني طور تي بغير مقرر تجربي ۽ لياقت جي متحده جي تڏهوڪي وزير بابر غوريءَ جي حڪم تي مقرر ڪيا ويا آهن. گريڊ 2 کان گريڊ 20 تائين مقرر انهن ملازمن ۽ انهن جي مقرريون جو لسٽون انهن ٻن ضلعن جي متحده جي سيڪٽر انچارجن تيار ڪري متحده جي مرڪز 90 تي موڪليون ويون جنهن کانپوءِ وزير موصوف اهي ڀرتيون ڪرڻ جو حڪم ڏنو. بابر غوري پنهنجي ٽن ويجهن مائٽن جيڪي پاڻ ۾ ڀائر ٿين کي به پورٽ قاسم اٿارٽيءَ کي پنهنجي ذاتي جاگير سمجهندي اعليٰ عهدن تي غير قانوني طور تي مقرر ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ ان سموري عرصي دوران صرف متحده طرفان سفارش ڪيل ملازمن ۽ آفيسرن کي راتو رات ترقيون ڏنيون ويون. اٿارٽيءَ ۾ موجود سنڌي ملازمن ۽ آفيسرن کي حد کان وڌيڪ تنگ ڪري ٻين کاتن مان ڊيپوٽيشن تي آيل آفيسرن کي کاتي مان ٻاهر ڪڍيو ويو. جڏهن ته ڪميشن پاس ڪري اٿارٽيءَ ۾ سيڪريٽريءَ جي عهدي تي مقرر ٿيل آفيسر عبدالجبار ميمڻ کي ڪجهه ڏينهن اندر زبردستي چارج ڇڏرائي پنهنجي حمايتي آفيسر کي سيڪريٽري مقرر ڪرايو ويو.

پورٽ قاسم اٿارٽيءَ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن هن غير قانوني عمل جي جاچ ڪرائي وڃي ته هي اسڪيندل ۽ ڪرپشن ڪيس، اين آءِ سي ايل، پوليس فائونڊيشن اسڪينڊل ۽ اسٽيل مل ڪرپشن ڪيس کان وڏو اسڪينڊل ثابت ٿي سگهي ٿو.

“افيئر” کي مليل ڄاڻ موجب چئن سالن اندر گريڊ 20 ۾ 2 آفيسر، گريڊ 19 ۾ 12 آفيسر، گريڊ 18 ۾ 9 آفيسر، گريڊ 17 ۾ 36 آفيسر، گريڊ 15 ۾ 20 ملازم، گريڊ 14 ۾ 10 ملازم، گريڊ 13 ۾ 3، گريڊ 12 ۾ 20، گريڊ 9 ۾ 5 گريڊ 7 ۾ 1 ۽ باقي هيٺين گريڊن ۾ متحده جي همدردن ۽ ڪارڪنن کي غير قانوني طور تي سڌي ريت ڀرتي ڪيو ويو.

ختم ڪيل ڪراچي شهري حڪومت، مشين ٽول فيڪٽري ۽ ڪراچي واٽر بورڊ ۾ موجود ايم ڪيو ايم جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي قاعدن قانونن جي ابتڙ اٿارٽي ۾ ضم ڪيو ۽ انهن کي راتو رات ترقيون ڏئي اهم عهدن تي مقرر ڪيو ويو.

استعيفيٰ ڏنل بابر غوري پنهنجي ويجهن مائٽن ٽن ڀائرن کي اهم عهدن تي سڌيءَ ريت مقرر ڪيو انهن ۾ نعمان خان جنهن کي پهرين انٽرڪٽر گريڊ 18 ۾ مقرر ڪيو ويو. 15 ڏينهن جي اندر ئي نعمان خان جي اڳين نوڪري ختم ڪري کيس گريڊ 19 ۾ مينجر ويلفيئر جي عهدي تي ٻيهر مقرر ڪيو ويو. نعمان جي ئي سڳي ڀاءُ محمد سلمان کي ان ئي ڏينهن گريڊ 19 ۾ سڌي ريت بغير مقرر تجربي ۽ ڊگريءَ جي چيف انجئينر مقرر ڪيو ويو. هنن جي ٽئين ڀاءُ ريحان خان کي به گريڊ 18 ۾ پروگرام مينجر ڪري ڀرتي ڪيو ويو پر ريحان هن وقت به غير قانوني طور تي مينجرانڊسٽريل مينجمينٽ جي عهدي تي ڪم ڪري رهيو آهي.

ڪرنل (رٽائرڊ) تنوير فاروقي کي ڊائريڪٽر ٽرانسپورٽ جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪرنل فاروقيءَ جي مقرريءَ جي سمري وزيراعظم گيلانيءَ پاڻ رد ڪئي هئي. پر بابر غوري ان جي باوجود هن کي اٿارٽي ۾ وڏي عهدي تي مقرر ڪري ڇڏيو.

اٿارٽي ۾ ضمير فاروقيءَ کي گريڊ 18 ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور مقرر ڪيو ويو آهي. ضمير فاروقيءَ پنهنجي تجربي ۾ ڄاڻايو آهي ته هو انٽيلجنس بيورو (آءِ بي) ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر رهيو آهي. پر ذريعن “افيئر” کي ٻڌايو ته ضمير فاروقي آءِ بي ۾ ڪجهه مهينن تائين مخبر طور تي رهيو آهي.

سنڌ جا ماڻهو وفاقي حڪومت کان اهو سوال پڇڻ ۾ حق بجانب آهن ته سندن حقن تي ڌاڙا لڳي رهيا آهن ۽ اقتداري ايوانن ۾ ويٺلن جا چپ ڇو سبيل آهن. ڇا سندن اقتداري مصلحتون سندن اقتدار جي خاتمي تائين رهنديون ۽ ڇا بي نظير ڀٽو شهيد جي قتل ڪيس کان وٺي هر ننڍي معاملي تي ڪورٽ کي ئي نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ حڪمرانن جي ذميواري صرف پئسا ڪمائڻ ئي بچي آهي.


ليکڪ انگريزي اخبار “پاڪستان ٽوڊي” جو سينيئر رپورٽر آهي.

امداد سومرو

 

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو