Home / ڪور افيئر / پيپلز پارٽي ۽ ڦٽاڪن جي سياست
above article banner

پيپلز پارٽي ۽ ڦٽاڪن جي سياست

پيپلز پارٽي هن ملڪ جي مالڪن لاءِ وڏي ڪم جي پارٽي آهي. هي پارٽي مالڪن جي سنڌ جي عوام سان سياسي سڱابنديءَ جو واحد وسيلو آهي. نه ته”اُٺان مينهان دا ڪهڙا ميلا؟ او چرن جهنگ او چرن ٻيلا!”

هن پارٽيءَ جا سنڌي وڏيرا پاور ۾ اچي ٿوري وقت لاءِ اهو ڀلجي ويندا آهن ته ملڪ جو مالڪ ڪو ٻيو آهي ۽ هنن کي مليل مقاطعو رڳو ٻن ٽن سالن لاءِ آهي. مالڪ سندن جرئت ڏسي پيا حيران ٿيندا آهن

۽ ڏند ڪرٽيندا آهن. تان جو ڪو وڏو بلنڊر مارڻ تي هو هنن کي وقت پورو ٿيڻ کان اڳ ئي لت هڻي ٻاهر ڪڍي ڇڏيندا آهن. ڪنهن صحيح پئي چيو ته “پيپلز پارٽيءَ کي پاور ان لاءِ ڏنو ويندو آهي ته جيئن ان جي ڪجهه بيٽري چارج ٿي وٺي.”

مڃڻو پوندو ته پاڻ وارن وڏيرن جي به ڳالهائڻ جي فن ۾ هاڻي جام تربيت ٿي آهي. “زنده” ٽاڪ شوز جي دعوت ملڻ تي هو اينڪر پرسن ۽ پروڊيوسرز کان به اڳ ۾ پهچي ويندا آهن. هو ڀلي کڻي ايم ڪيو ايم جي رضا هارون، سبزواري، فاروق ستار يا نواز ليگ جي صديق الفاروق، احسن اقبال ۽ خواجه سعد رفيق وانگر ست واتيون بلائون نه هجن پر توري تڪي ڪيئن ڳالهائڻو آهي، ڪٿي يوٽرن وٺڻو آهي، ڪٿي گيئر مٽائڻو آهي ۽ ڪيتري ريس ڏيڻي آهي، ان جي هاڻي کين اڳي کان وڌيڪ بهتر ڄاڻ آهي.

سنڌ ڪابينا جي وزيرن گذريل ٽن ورهين ۾ جيڪي “ڦٽاڪا” ڇڏيا سي One Day Ticket to Fame هوندا هئا. ميڊيا هڪ ڏينهن جو گاهه چري وري ڪنهن ٻي ساوڪ ڏانهن هلي ويندي هئي. پر لڳي ايئن ٿو ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي اهڙي شهرت جي بلندين تي پهچڻ جي ڏاڍي تڪڙ هئي. همراهه جهلئي نه پيو جهلجي. هن وارو ڦٽاڪو اڇلڻ کان اڳي سندس هٿن ۾ ئي ڦاٽي پيو. هاڻي ڪيترا ڏينهن پيو سياسي ملبو کڄندو.

منهنجي هڪ دوست کي شڪايت آهي ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا اڌ سچ ڳالهايو. مثال طور هن چيو ته لنڊن وارو ڀائي جان هيءُ به آهي، هيءُ به آهي ته هيءُ به آهي، پر رڳو هڪڙو ٻيو لفظ ڳالهائي ڊاڪٽر مرزا سڄي پاڪستان جي دل خوش ڪري پئي سگهيو جيڪو هن کان رهجي ويو. اهو لفظ هو “جوڪر”.

ڇا به هجي، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سقراط ته ڪونه هو پر هن سچ ضرور ڳالهايو. هن سچ ڳالهائڻ تي هن کي ڇا مليو؟ سنڌي ماڻهن ۽ ڪراچيءَ ۾ ڀائي جانن جي سمورن متاثرين وٽان همدردي ۽ ايس ايم ايس ميڊيا تي تعريفون. هن کي هڪ ٻي شيءَ به ملي جنهن کان پيپلز پارٽيءَ جا ٻيا وڏيرا محروم آهن. اها آهي سڀ کان پهرين سچ ڳالهائڻ جو چسڪو. لنڊن واري همراهه جي باري ۾ هڪ ڏينهن اهي سڀ ڳالهيون هر هنڌ چيون وينديون ۽ ڪنهن جي اک جو ڀرون به ڪونه کڄندو پر اڄ اها ڳالهه چوڪ تي چوڻ جو چسڪو ئي پنهنجو آهي. مرزا چسڪو ته ورتو پر سندس نشا لاهي ڇڏيائون. ڦٽاڪا ۽ ڌماڪا ڪندڙن سان ايئن ئي ٿيندو آهي. رات جو دير سان مرزا کان معافي نامي واري تقرير ڪرائي کيس ڊاڪٽر عبدالقدير خان بنايو ويو.

مرزا ذوالفقار ڊاڪٽر پيپلز پارٽيءَ جي انهن وڏيرن مان آهي جن لاءِ مون مٿي لکيو آهي ته اهي پاور وارن ٻن ٽن ورهين ۾ اهو وساري ويهندا آهن ته ملڪ جا مالڪ ڪي ٻيا آهن. هن ملڪ جا مالڪ مهاجر ۽ پنجابي آهن جيڪي چون ٿا ته “هم ني پاڪستان بنايا ٿا.” پٺاڻ انهن سان سڄي ملڪ ۽ ڪراچي اندر پنهنجي حصي تي گفتگو ڪري رهيو آهي. اها گفتگو زبان سان ۽ ضرورت پوڻ تي گوليءَ سان ٿيندي پئي اچي. “بنايا ٿا” واري حوالي واري هن ملڪ ۾ بلوچ ۽ سنڌي مهمان اداڪار آهن. جيڪڏهن ڏسجي ته ذوالفقار مرزا جي چيل ڳالهه کي مالڪن هڪ نوڪر چاڪر جي گستاخ ڪلامي سمجهيو آهي.

“بنايا ٿا” واري حوالي واري هن ملڪ جي ميڊيا “مهاجر پنجابي ميڊيا” آهي. اها پنهنجي “درست سمت” ۾ وڃي رهي آهي. ڪنهن چيو پئي ته مرزا جا ڀاڳ ڀلا هئا نه ته امڪان اهي هئا ته جن ميڊيا وارن اڳيان هو ڳالهائي رهيو هو اهي ئي کيس “نعره مهاجر” ڪري دسي وجهن ها.

هڙتال واري ڏينهن سيڪٽرن جا سيڪٽر کلئي عام هٿيار کنيو شهر ۾ نشاني بازيون ڪري رهيا هئا ۽ انهن جي مڙني “فتوحات” جي فوٽيج هر چينل وٽ موجود هئي. پر مهاجر پنجابي ميڊيا ان مان چونڊي چونڊي رڳو ڪم وارو پاسو هلايو. اهو ته خير ان جو روز جو روٽين آهي پر هن “ملي نغما” به هلايا ۽ 1947ع واريون “لٽجي آيلن” جي ٽرينن جون وڊيوز به ڏيکاريون.

ميڊيا جي پنجابي سيڪشن به پارٽنر سان اندروني اختلاف پاسي تي رکي مڪمل “يڪجهتي” ڏيکاري. نذير ناجين، هارون رشيدن ۽ مجيب الرحمان شامين “بنايا ٿا” واري حوالي کي سند ڏني ۽ چيو ته نه رڳو “بنايا ٿا” پر “چلا ڪر ڀي دکايا ٿا” جو هتان وارن ماڻهن کي ايندو ئي ڇا هو؟ هنن اهو به چيو ته پاڪستان لاءِ سنڌ وارن پنهنجي اسيمبليءَ ۾ رڳو هڪڙو ڪاڳر ڪارو ڪيو هو ٻيو ڪهڙي جدوجهد ڪئي هئي. ان ۾ اها اڻ چيل ڳالهه به شامل هئي ته جن هي ملڪ ٺاهيو هو تن سان ٻيا برابري ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر ناڪام ٿيندا. وڌيڪ اهو ته پاور ۽ وسيلن ۾ حصو پتي ڏيڻ به مالڪن جي مرضيءَ تي هجڻ گهرجي. جي مالڪ چاهين ته ڪنهن کي ڏين ۽ جي نه چاهين ته ٻئي مٿا پاڻ کڻن. مڙني تجزين جو اصل پس منظر اهو هو، باقي بظاهر ان سوال تي کوٽ کوٽان ڪئي پئي وئي ته هڪڙي ملازم ۾ مالڪن سان گستاخي ڪرڻ جي ايڏي همت آخر ڪٿان آئي.

سچ پچ به ڪڏهن ڪڏهن حيرت ٿيندي آهي ته پنهنجي ماڻهن ۽ پنهنجي ميڊيا پاران زرداريءَ سان شديد نفرت جي ايڏي طوفان جي باوجود فوج زرداريءَ جي حمايت الائي ڪيئن ڪري رهي آهي. ظاهر آهي ته اهو ضرورتن جو رشتو آهي ۽ متبادل موجود ڪونهي يا قبول ڪونهي ان ڪري زرداري اڃا تائين “سب پر ڀاري” آهي.

ان ڏينهن سنڌين جي ڪوڙي قومپرست ميڊيا ڪنهن اڻ ڄاتل ڊپ ۾ ورتل هئي. سارو ڏينهن سنڌين کي سندن ئي ڌرتيءَ تي گاريون ۽ گوليون مليون، ملڪ ٺاهڻ ۾ جيڪو سنڌين جو جيڪو ڪردار هو تنهن کي ريٽيو ويو، ميساريو ويو. پر ڪي به جوابي تجزيا ڪونه ٿيا. ڪنهن الف جي ب ڪانه چئي. هڙتال کان هڪ ڏينهن اڳ ٿيل ڪچهريءَ ۾ آصف بالادي اسان کي چئي رهيو هو ته سنڌين کي هڪ اردو چينل جي سخت ضرورت آهي. جي سنڌين جو اردو چينل جلد نه آيو ته ان جو ناقابل تلافي سياسي نقصان ٿيندو. هن هڪ ڏينهن جي ڪارروائي سنڌي چينلز جي حقيقت پڌري ڪري ڇڏي آهي.

هي هڪ ايپيسوڊ سنڌ ۽ ملڪ جي سياست جي ڪيس اسٽڊي آهي. مرزا جي بيان فائدا به ڏنا آهن ۽ نقصان به. ۽ فائدا ۽ نقصان پيپلز پارٽي ۽ متحده ٻنهيءَ کي ٿيا آهن. چيو پيو وڃي ته اهو بيان ايم ڪيو ايم جي نبض چڪاسڻ لاءِ ڏياريو ويو هو. اهو به چيو ويو ته اهو بيان ڏيڻ ۽ ان ئي ڏينهن ضلعي ذلالتون ختم ڪرڻ وارو بل پاس ڪرڻ سان پيپلز پارٽي پنهنجي اليڪشن مهم شروع ڪري ڇڏي آهي. هڙتال ۽ مهاجر غيرت جو جهنڊو کڻي متحده به پنهنجي اليڪشن مهم جي شروعات ڪئي آهي. ڪجهه ڪجهه ايئن لڳي به ٿو، ڇو ته هميشه اليڪشن کان اڳ پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم پنهنجي روٽس ڏانهن موٽنديون آهن. فرق ايترو هوندو آهي ته ووٽ وٺي پاور ڏانهن ڊوڙ پائڻ وقت پيپلز پارٽيءَ کي سنڌي وسري ويندا آهن، هوڏانهن ايم ڪيو ايم به “متحده” ته ٿيندي آهي پر اها مهاجريت کي وساريندي ناهي.

ڪيئن به هجي، هن صورتحال ٻليءَ کي ٻاهر آڻي ڇڏيو آهي. “نوشته ديوار” جي ڳالهه ڪراچيءَ جي ديوارن تي ته تمام چٽي نموني لکيل هئي پر هاڻي اها زبان تي به اچي وئي آهي. مهاجرن جي ٻنهي يا ٽنهي پارٽين تي “ڪراچي صوبي” واري معاملي تي واصح ٿيڻ لاءِ پريشر وڌي رهيو آهي. حقيقي ته هميشه اهو مطالبو ڪندي رهي آهي، رابطه ڪائونسل وڏي عرصي جي غير حاضريءَ کان پوءِ وري ميدان تي لٿي آهي تنهن ڪري ڪامپيٽيشن وڌڻ جا به چانس آهن. جيڪڏهن ايم ڪيو ايم صوبي تي کليءَ ريت ٻاهر آئي ته ان کي ڪجهه وڃائڻو به پوندو. البته سنڌ ۽ سنڌين کي ڪمزور ڏسڻ جون خواهشمند ڌريون ان جي ڳجهي يا ظاهر نموني مدد ڪنديون. سرائيڪي صوبي جي مطالبي کي ڪائونٽر ڪرڻ لاءِ اڳ ئي هنن بهاولپور صوبي جي ڪهاڻي شروع ڪرائي ڇڏي آهي. ٿي سگهي ٿو ته ڪراچي صوبي واري ڳالهه جي حمايت ڪري لاهور وارا پيپلز پارٽيءَ کان سرائيڪي صوبو ٺاهڻ جي ارادن تان هٿ کڻائين.

ڪراچيءَ کي پهرين صوبو ۽ پوءِ ڪجهه ٻيو ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ سنڌين جي حڪمت عملي ڇا آهي؟ ڪجهه قومپرست پارٽيون ننڍڙين گڏجاڻين ۾ سرٻاٽ ڪري رهيو آهن. منجهن ان ڳالهه تي اتفاق راءِ موجود آهي ته مسئلو جھيڙي جهٽي سان حل ٿيڻ وارو ڪونهي. ڏيئي وٺي حڪمت عملي رڳو اها ٿي سگهي ٿي ته هر فورم تي پنهنجو ڪيس مضبوطيءَ سان پيش ڪجي، پيپلز پارٽيءَ سميت هر لاڳاپيل ڌر تي دٻاءُ وڌائجي، پنجابين، پٺاڻن ۽ بلوچن سان رابطي جا چينل کليل رکجن ۽ ايئن سياسي سطح تي ان آفت جا رستا روڪجن.

 

مظهر لغاري

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو