Home / افيئر / !ٿائيلينڊ مان آمريت جي تڏاويڙهه
above article banner

!ٿائيلينڊ مان آمريت جي تڏاويڙهه

ٿائيلينڊ ۾ ويجهڙ ۾ ئي عام چونڊون ٿيون، جنهن ۾ اڳوڻي وزيراعظم جي پارٽي پيوٿائي، سوڀ ماڻي آهي. ذڪر ڪيل پارٽي 500 جي ايوان مان 313 سيٽون حاصل ڪيون. جڏهن ته موجوده وزيراعظم وج وجائي واري پارٽي 161 سيٽون مس کٽي سگهي. حالانڪه وزيراعظم وجائي کي ٿائي فوج، درٻار سان گڏ بئنڪاڪ جي شاهوڪارن جي به حمايت حاصل هئي، باوجود ان جي سرڪاري ڌر ٺڪاءَ ڪري ڊهي پئي.

اهو نه وسارڻ کپي ته ٿائيلينڊ جي اڳوڻي وزيراعظم شنتورا کي 2006 ۾ فوجي بغاوت کانپوءِ هٽايو ويو هو. مٿس سندس غير موجودگيءَ ۾ بدعنوانين جو ڪيس هلايو ويو ۽ عدالت کيس پنجن سالن جي سزا ٻڌائي هئي. ان کانپوءِ فوج جي نگراني ۾ جڏهن ٻيهر چونڊون ٿيون ته انهن ۾ به شنتورا جي پارٽي گهٽ اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي، باوجود ان جي شنتورا حڪومت ٺاهي پر مختصر عرصي دوران ئي هڪ ٽي وي شو ۾ ڪُڪنگ ڪرڻ جي الزام هيٺ مٿس عدم اعتماد ڪري کيس عهدي کان الڳ ڪيو ويو. ايئن پوءِ فوج هڪ ڀيرو وري پنهنجو ڪٺ پتلي وزيراعظم آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.

شنتورا ملڪي سياسي حالتن کي مد نظر رکي پرڏيهه منهن ڏنو، هن ڪجهه عرصي لاءِ ڪمبوڊيا ۾ پناهه ورتي، لنڊن ۾ به رهيو ته دبئي ۾ پڻ. هو اڄ ڪلهه دبئي ۾ رهي ٿو. پرڏيهه ۾ رهڻ دوران سندس پارٽي تي پابندي مڙهي وئي ته هن پنهنجي ڪامريڊ ساٿين جي مدد سان پارٽي جو نالو تبديل ڪري جُهد مسلسل جو سلسلو جاري رکيو. اهوئي سبب آهي جو اڄ به ٿائيلينڊ ۾ شنتورا جي حمايت ۾ ڪا خاص ڪمي ناهي آئي. ان جو واحد ڪارڻ اهو آهي ته هن پنهنجي حڪمت عملي ۽ جدوجهد ۾ ٻهراڙين ۽ شهرن جي اسرندڙ مڊل ڪلاس کي اهميت ڏني، جن کيس زبردست موٽ ڏني. حالانڪه فوج ۽ شاهوڪار ڪلاس سندس مخالفت ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي انهي حد تائين جو مٿانئس ڪرپشن جا به الزام مڙهيا ويا ۽ انهن الزامن سبب کيس جلاوطن به ٿيڻو پيو. پر فوجي جنتا کيس عوام جي دلين مان ڪڍڻ ۾ ڪاميابي نه ماڻي سگهي.

شنتورا پرڏيهه مان ويهي جنتا خلاف عوامي بغاوت کي منظم ڪندو رهيو. آخرڪار سال 2010 ۾ ڳاڙهي شرٽ وارا هزارين مظاهرين بئنڪاڪ ۾ پارليامينٽ جو گهيرو ڪري ويهي رهيا. انهن مظاهرين جو مطالبو هو ته اهي حڪومت جي خاتمي ۽ نين چونڊن جي اعلان تائين گهيراءُ ختم نه ڪندا.

ٿائيلينڊ جنهن جي معيشت جو گهڻو مدار سياحت تي آهي. ملڪ ۾ وڳوڙن ۽ مظاهرن سبب نه رڳو سير سپاٽو ڪندڙن ۾ ٽاڪوڙو متو بلڪه ٿائيلينڊ جي سياحتي معيشت لوڏن ۾ اچي وئي. ڇو ته سياسي انتشار سبب امن امان جو مسئلو به پئدا ٿيو. پارليامينٽ جو ڳاڙهي شرٽ وارن جو گهيراءُ لڳاتار 80 ڏينهن جاري رهيو. انهي وچ ۾ فوج ۽ حڪومت گهيراءُ ڪندڙن سان ڳالهيون به ڪيون پر ڳالهيون ناڪام ٿي ويون، جنهن کانپوءِ حڪومت طاقت جي زور تي گهيرو ختم ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو. ائين پوءِ ٿائي پارليامينٽ ٻاهران گهمسان جي ويڙهه ٿي، جنهن ۾ 90 کان وڌيڪ ماڻهو موت جو کاڄ ٿيا، سوين زخمي ٿيا ۽ سوين ماڻهن کي گرفتار ڪري جيل اماڻيو ويو. اهڙي صورتحال پئدا ٿيڻ کانپوءِ به ڳاڙهي شرٽ وارن جي همت ۽ جدوجهد ۾ گهٽتائي ڪو نه آئي ۽ اهي ٻين شهرن ۾ ڦهلجي ويا. ائين پوءِ حڪومت کي بئنڪاڪ سميت ٻين شهرن ۾ به ايمرجنسي لاڳو ڪرڻي پئي.

ليڪن ان جدوجهد جو نتيجو اهو نڪتو جو فوجي جنتا جي ساٿاري حڪومت جولاءِ 2011 ۾ چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. اهڙي اعلان کانپوءِ ڳاڙهي شرٽ وارا وقت اچڻ جو انتظار ڪرڻ سان گڏ انهن نئين نالي سان پارٽي متعارف ڪرائي، جنهن جو سربراهه شنتورا جي ڀيڻ ينگلڪ شنوارتا کي بڻايو ويو جيڪا ڪنهن ڪمپني جي بزنس چيف هئي. ظاهري طور ائين ٿي لڳو ته ان سياسي لهر پٺيان شنتورا جو هٿ ناهي. پر ائين نه هو، هو اندروني طرح ان سموري سياسي عملي جي حمايت ڪري رهيو هو. هو رڳو ظاهر ظهور ان ڪري حمايت نه پيو ڪري ته متان حڪومت نئين سياسي پارٽي مٿان ڏمرجي پوي ۽ ان خلاف انتقامي ڪاررواين جو هڪ نئون سلسلو شروع ٿي وڃي.

ٻئي پاسي فوجي جنتا جي ساٿاري سرڪار ۽ شاهوڪارن جو خيال هو ته شوبز مان سياست ۾ آيل الهڙ ڇوڪري شنوارتا کي شڪست ڏيڻ سندن ڏائي هٿ جو کيل آهي. پر وقت گذرڻ سان سندن اهي سب تجزيا ڌوڙ ٿي ويا ۽ هاڻي جڏهن چونڊون ٿيون ته ان ۾ گرنارين جون اميدون مٽيءَ ۾ ملي ويون ۽ چونڊن ۾ سوڀ کانپوءِ ڳاڙهي شرٽ وارا حڪومت جوڙڻ جي ڪرت سان لڳي ويا آهن. ليڪن سياسي نبض شناسن جو خيال آهي ته ٿائي فوج جو سربراهه، درٻار، سازشي شرفا گڏجي حڪومت کي هلڻ نه ڏيندا. اهو به عين ممڪن آهي ته فوج اقتدار سنڀالي وٺي.

ياد رهي ته ٿائيلينڊ ۾ 1930ع کان وٺي هيلتائين فوج 17 ڀيرا اقتدار تي گهات هڻي قبضو ڪيو آهي ۽ هر ڀيري ان جي درٻار ۽ شرفا حمايت پئي ڪئي آهي. لڳ ڀڳ اهڙو ئي ڪم پاڻ وٽ پاڪستان ۾ به دفاعي ادارو ورهين کان ڪندو اچي ٿو.

ڇا به هجي ليڪن ٿائيلينڊ جو هاڻوڪو بادشاهه جڏهن کان اقتدارتي براجمان آهي، هن هڪڙو ڪم ضرور ڪيو آهي ته ٿائيلينڊ ڪنهن به قوت جي سڌي طرح ڪالوني نه رهيو آهي. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته هن وقت جي پاورز کي سڀ سهولتون مهيا پئي ڪيون آهن. ٻيو ڪم بادشاهه سلامت اهو ڪيو آهي ته پاڙيسرين سان اختلافن باوجود وڻج واپار کي هٿي ڏني آهي. ٽن مسلمان صوبن ۾ ملائي نسل جي مرڪزي حڪومت خلاف بغاوت آهي. باوجود ان جي ملائيشيا سان وڻج واپار جو سلسلو هلندڙ آهي ۽ ساڻس ڪا به جنگ نه ڪئي وئي آهي. ڇاڪاڻ ته اهي ٽيئي صوبا ٻي مهاڀاري جنگ کانپوءِ ٿائيلينڊ جي حمايت جي ڪري اتحادين ٿائي بادشاهه حوالي ڪري ڇڏيا هئا.

ٿائي بادشاهه هن وقت جهور پوڙهو ٿي چڪو آهي ۽ گهڻو وقت اسپتال ۾ هجي ٿو، سندس وارث وڏو پٽ نهايت عياش آهي جيتوڻيڪ ان جو لاڙو ڳاڙهي شرٽ ڏانهن آهي. پر طاقتور راڻي جنهن جو وري جهڪاءُ فوج، شرفا ۽ سازشي عنصرن ڏانهن آهي، اها اتي لبرل جمهوري ۽ سياسي حڪومتن کي پير کوڙڻ نٿي ڏئي.

هاڻي اهو وقت ئي ٻڌائيندو ته نئين سرڪار کي هلڻ ڏنو وڃي ٿو يا نه، يا ان جي به شنتورا وانگر تڏاويڙهه ڪرائي وڃي ٿي. حالانڪه ائين ٿيڻ نه کپي ڇو ته شنتورا جي ڀيڻ ينگ لڪ جي پارٽي کي عوام چونڊيو آهي ۽ عوام جي ووٽ جو احترام ٿيڻ گهرجي. ڀانيان ٿو ته هن ڀيري ٿائي بادشاهه ۽ فوج عوام جي ووٽ کي لانگ بوٽن هيٺان لتاڙڻ جي جرئت نه ڪري سگهندا، ڇو ته وچ اوڀر ۾ آيل سياسي اُڀار سندن سامهون آهي. انهن جيڪڏهن ائين ڪيو ته ٿائي عوام عين ممڪن آهي ته بادشاهه خلاف اٿي کڙو ٿئي. جيتوڻيڪ ٿائي عوام بادشاهه کي خدا جو نمائندو سمجهن ٿا. ٻڌ مت جي اها سرزمين مُرڪن ۽ خوشين جي سرزمين آهي. پر جيڪڏهن فوج، عدليه ۽ درٻار آمراڻو طرز عمل ٿبديل نه ڪيو ته پوءِ عوامي اُڀار کي ڪير به روڪي نه سگهندو.

 

 

عطا محمد شاهاڻي

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو