Home / افيئر / ڇا رڻ ڪڇ وڃائي ويهنداسين؟
above article banner

ڇا رڻ ڪڇ وڃائي ويهنداسين؟

جيتوڻيڪ پاڪستان ۽ ڀارت جا ماحولياتي ماهر ۽ فطرت کي چاهيندڙ، توڙي ڊبليو ڊبليوايف جهڙا عالمي ماحولياتي ادارا ان ڪوشش ۾ رڌل آهن ته رڻ ڪڇ کي رامسر ڪنوينشن هيٺ تحفظ هيٺ آيل سائيٽ ڊڪليئر ڪيو وڃي. تڏهن پاڪستان سرڪار رڻ ڪڇ جي پنهنجي علائقي ۾ لوڻ ڪڍڻ جون ليزون جاري ڪري رهي آهي، جڏهن ته اها سائيٽ اڳواٽ ئي تحفظ هيٺ آيل Game sanctuary طور اعلانيل آهي.

سنڌ جي مائنز ۽ منرل کاتي ان حوالي سان مختلف ڪمپنين کي لوڻ ڪڍڻ لاءِ ٻه ليزون جاري ڪيون آهن، جڏهن ته رڻ ڪڇ جي اها سائيٽ رامسر سائيٽ ڊڪليئر ٿي سگهي ٿي. اهي ليزون ضلعي ننگرپارڪر جي مکئي ڳوٺ ڀرسان هڪ ڍنڍ مان لوڻ ڪڍڻ جي سلسلي ۾ جاري ڪيون ويون آهن.

علائقي جي 1500 ايڪڙن مان لوڻ ڪڍڻ لاءِ سندون ملڻ کانپوءِ ايم ايس تقي سالٽ مائننگ ورڪس ۽ ايم ايس سـُندر سالٽ وڏي پئماني تي کوٽائي ڪري سالٽ ڪڍڻ جو ڪم شروع ڪري ڏنو آهي.

ڳوٺ ڌنو ڌانڌل، مين مٺي ننگرپارڪر روڊ 15 ڪلوميٽرن اندر مذڪوره ٻنهي ڪمپنين کوٽائي ڪري سرسبز علائقا ويران ڪري ڇڏيا آهن. جڏهن ته اهي ڪمپنيون لوڻ کلي عام ٽرڪن ۾ کڻي رهيون آهن.

سنڌ جو رڻ ڪڇ جيڪو وڏي لوڻياٺي علائقي تي مشتمل آهي، اهو ٿر ريگستان

۾ آهي ۽ ان کي ڀارتي سرحد پڻ لڳي ٿي. “ٽيڪنڪي طور صوبائي يا وفاقي حڪومت ڪنهن به مائننگ ڪمپني کي ليز جاري نٿيون ڪري سگهن. اها انتهائي تحفظ هيٺ آيل سائيٽ آهي.” هڪ مقامي سماجي اڳواڻ علي اڪبر راهمون ٻڌايو ته انهن مقامي سطح تي اهي ليزون ڏيڻ خلاف احتجاج جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ حڪومت کان مطالبوڪيو آهي ته اهي ليزون جلد رد ڪيون وڃن.

هتان لوڻ کڻڻ جي ڪري ماضيءَ ۾ ڀريل تريل ڍنڍون ۽ ڍورا جيڪي موسمياتي تبديلن سبب سڪي ويا اهي متاثر ٿيندائي ٿيندا پر رهيل کهيل به تباهه ٿي ويندو. راهمون ”افيئر“ کي ٻڌايو. هن علائقي جي گهڻ حياتياتي اهميت جو اندازو ان ڳالهه مان پڻ لڳائي سگهجي ٿو ته رڻ ڪڇ پاڪستان ۾ واحد جاءِ آهي، جتي فليمنگو پکي پنهنجي نسلي افزائش لاءِ ايندو آهي. رڻ ڪڇ جهنگلي جيوت جي قانون هيٺ تحفظ هيٺ آيل سينچري پڻ آهي. ڇاڪاڻ جو هتي ڀارت کان به مختلف قسم جا پکي ۽ جانور جهڙوڪ بگهڙ، لومڙ ۽ ٻيا ساهه وارا اچي پناهه وٺن ٿا.

ڊبليو ڊبليو ايف چواڻي رڻ ڪڇ مهمان پکين جي آسائش وارو هنڌ آهي، جتي 200 مختلف قسم جي پکين سميت، خطري هيٺ آيل تلور جو نسل به موجود آهي. جڏهن ته رڻ ڪڇ مذڪوره ماحولياتي اداري جي گلوبل 200 ايڪو ريجن ۾ پڻ شامل آهي.

واضح رهي ته هن وقت پاڪستان ۾ 157 ماحولياتي تحفظ هيٺ آيل سائٽس آهن جن کي انٽرنيشنل يونيل آف ڪنزويشن آف نيچر (IUCN) پڻ تسليم ڪري ٿي. انهن سائٽسن ۾ 14 نيشنل پارڪ، 72 وائلڊ لائف سينچريز، 56 گيم ريزرو، 19 رامسر ويٽ لينڊ، 09 ميرين ايريا شامل آهن. جڏهن ته رڻ ڪڇ ۾ موجود ڪجهه ويٽ لينڊ پڻ انهن سائٽس جو حصو آهن. اهو به نه وسارڻ کپي ته رڻ ڪڇ جيڪو لوڻياٺ جو ريگستان سڏجي ٿو، ان ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون ڍنڍون ۽ ڍورا آهن جيڪي پرڏيهي پکين جي آمد ۽ نسلي افزائش جو ذريعو بڻيل آهن.

سرڪاري رڪارڊ موجب عظيم رڻ ڪڇ ڀارت ۾ 700،000 ايڪڙن تي ۽ پاڪستان ۾ 770،000 تي ٻڌل آهي. جڏهن ته ننڍو رڻ ڀارت ۾ 495،300 ايڪڙن تي مشتمل آهي. ويجهڙ ۾ ئي پاڪستاني رڻ ڪڇ جي 566،375 ايڪڙن تي موجود ڍنڍن ۽ ڍورن کي رامسر سائيٽ ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ ڪوششن جي شروعات ڪئي وئي آهي.

انٽرنيشنل رامسر ڪنوينشن 1972ع ۾ ايران جي شهر رامسر ۾ منقعد ٿيو هو، جنهن کي ماحوليات جي لحاظ کان دنيا جي اهم ترين باڊي تسليم ڪيو وڃي ٿو. اهڙيون ئي ڪوششون ڀارتي حڪومت طرفان پڻ ڪيون پيون وڃن.

اڪبر راهمون ”افيئر“ کي وڌيڪ ٻڌايو ته ڪمپنين هڪ ته ٿر جي ڳوٺن ۾ غير قانوني طرح پاڻي جي ترائين تي قبضو ڄمائي ورتو آهي. ۽ ٻيو اهو ته اهي لوڻ کڻڻ لاءِ ڪوبه دڳ استعمال ڪرڻ بجاءِ جتان وڻين ٿو اتان ٽرڪن ذريعي لوڻ کڻي هليا وڃن ٿا،جنهن ڪري سرسبز علائقا به تباهه ٿي رهيا آهن. “جڏهن کان ڳوٺاڻن ڪمپنين جي زيادتين خلاف احتجاج شروع ڪيو آهي، تڏهن کان انهن معاوضو ڏيڻ جي حامي ڀري آهي پر ڳالهه معاوضي جي ناهي، ڳالهه هن عالمي اهميت جي ايراضي جي جياپي جي آهي. ”راهمون چيو ته علائقي جي ماڻهن جو مطالبو آهي ته اهي غيرقانوني ليزون ترت رد ڪيون وڃن. حقيقت ۾ اهي ليزون جاري ٿيڻ عالمي قانون جي سراسر ڀڃڪڙي آهي. ان ڪري حڪومت کي ان طرف تڪڙو ڌيان ڏئي معاملي کي حل ڪرڻ گهرجي نه ته رڻ ڪڇ تباهه ٿي ويندو.

 

 

امر گرڙو

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو