Home / افيئر / ڏکڻ سوڊان جي آزادي_ جنگاڻ جو انت يا شروعات؟
above article banner

ڏکڻ سوڊان جي آزادي_ جنگاڻ جو انت يا شروعات؟

آفريڪا جو ايراضيءَ جي لحاظ کان وڏو ملڪ سوڊان 9 جولاءِ 2011 تي نيٺ ٻه اڌ ٿي ويو. هڪ حصو جنهن ۾ مسلمانن جي اڪثريت آهي. ان جي راڄڌاني خرطوم آهي. جڏهن ته ڏاکڻي حصي ۾ ڪارن آفريڪين ۽ عيسائين جي گهڻائي آهي. ان جي راڄڌاني جوبا (Juba) آهي. دنيا جي نقشي تي ڏکڻ سوڊان طور نئين ملڪ جو اڀرڻ خوني تاريخ رکي ٿو. 1955ع کان 1972ع ۽ 1983ع کان 2005ع تائين اتر سوڊان حڪومت ۽ ڏکڻ جي باغين وچ ۾ گهرو ويڙهه سبب 20 لک ماڻهو موت جو کاڄ ٿيا. جيتوڻيڪ هن وقت ڏکڻ سوڊان گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن جي فهرست ۾ 154 نمبر تي هڪ آزاد ملڪ تسليم ڪيو ويو آهي. هاڻي ڏکڻ سوڊان آفريڪا کنڊ جو 54هون ملڪ ۽ آفريڪن يونين جو ميمبر پڻ هوندو. ليڪن حقيقت اها آهي ته ان ورهاست ٻن ڪمزور ملڪن کي جنم ڏنو آهي جتي امن اڃا به ناپيدآهي.

ڏکڻ سوڊان جو دنيا جي نقشي تي آزاد ملڪ طور نروار ٿيڻ اتان جي عوام جي 50 ساله ڊگهي جدوجهد جو نتيجو آهي. جنهن ۾ رت جا درياهه وهي چڪا. ايراضيءَ جي لحاظ کان ڏکڻ سوڊان ڪل ملڪ جو 40 سيڪڙو ايراضيءَ تي ٻڌل آهي. جنهن ۾ گهڻو ڪري عيسائي ۽ ٻيا عرب نسل جا ماڻهو شامل آهن. هتي عيسائين جي گهڻائي ضرور آهي. باقي مسلمانن جو چڱو انگ رهي ٿو. اڳوڻي سوڊان جا ٻه ڀاڱي ٽي تيل جا ذخيرا ڏکڻ سوڊان ۾ آهن. ان ڪري ان جي معيشت جو دارومدار به گهڻو تڻو تيل تي ئي آهي. نئين ملڪ جي راڄڌاني جوبا، خرطوم جي ڀيٽ ۾ گهٽ ترقي يافته آهي، ليڪن هن ملڪ لاءِ وڏو مسئلو لينڊ لاڪ هجڻ پڻ آهي. ڇاڪاڻ جو ان کي پنهنجو ڪو به سمنڊ ڪونهي، ان ڪري سندس واپار اتر سوڊان وسيلي ئي ٿي سگهندو.

سوڊان جي تاريخ تمام پراڻي آهي، ان کي عربي ٻوليءَ ۾ “بلاد ال سوڊان” چيو وڃي ٿو. جنهن جي معنيٰ آهي “ڪارن جو ديس” سوڊان يورپي بيٺڪيت رهيو آهي. ان کي آجپو ڏيارڻ لاءِ اتي وسندڙ سڀني قومن گڏيل جدوجهد ڪئي. سامراج جڏهن هتان پنهنجا پير ڊاٺا ته ملڪ کي عرب ازم ڳاٽي ۾ وڌو ويو. حڪمرانن اقليت جو بنهه خيال گهٽ رکيو بلڪه کين پنهنجا حق ڏيڻ کان پڙ ڪڍي بيٺا. اهو ئي سبب هو جو اهي اقليتون پنهنجي حقن جي خاطر اٿي کڙيون ٿيون ۽ اختلاف وڌندا ويا. عيسائين سان گڏ مسلمانن به پاڻ کي ڏکڻ سوڊان دارفور واري علائقي ۾ پاڻ کي غير محفوظ سمجهيو. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ عرب مسلمانن آفريڪي ملڪن ۾ پاڻ کي قومپرست چورائيندڙ وردي وارن اقتدار تي قبضو ڪيو. جنرل نوميري اهڙي گهات هئڻ سبب پاڻ سوڊان جو صدر بڻجي ويو. اهڙي طرح پاڙي ۾ صوماليه ۾ جنرل سعيد حڪومت جو تختو اونڌو ڪري اقتدار تي قبضو ڪري ورتو. ظاهري طرح ٻنهي جنرلن جو لاڙو اڳوڻي سوويت يونين طرف هيو. پر حقيقت ۾ ائين نه هو. اهي دراصل پنهنجي اقتدار کي طول ڏيڻ خاطر ٽڪساٽ ڪري رهيا هئا. انهن خلق خدا کي ذليل ۽ رسوا ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه به نه ڏنو. مخالفن کي قيد ڪرائڻ، تشدد ڪري مارائڻ سندن لاءِ ڏائي هٿ جو کيل هو. ايئن هزارين ماڻهو مارايا ويا. عورتن سان لڄالٽ ڪئي وئي. اهو ئي سبب هو جو ماڻهو سندن خلاف ڪروڌ ۾ ورتل هئا.

جڏهن1990ع ۾ سوويت يونين جو سج لٿو ته جعفر نميري سوڊان مان ڀاڄ کائي مصر ۾ وڃي پناهه ورتي ۽ سعيد انتهائي بدترين موت جو شڪار بڻيو. اهو نه وسارڻ کپي ته ذڪر ڪيل آمرن کي عرب اميرن جو مڪمل سهڪار حاصل هوندو هو. انهن جي وڃڻ کانپوءِ به انهن ملڪن ۾ سياسي استحڪام نه اچي سگهيو. هڪٻئي پٺيان فوجي جنرل ڪاهه ڪندا قابض ٿيندا رهيا. سياسي پارٽيون اختلافن سبب ورهايل رهيون ۽ پئدا ٿيل خال نه ڀري سگهيون. نتيجي ۾ صوماليه گهرو ويڙهه جي ور چڙهي ويو.جنگجو ويڙهاڪ ملڪ جي مختلف حصن تي قابض ٿي ويا. مرڪزي حڪومت نالي ماتر وڃي رهي. جڏهن ته عمر البشر جهڙن ماڻهن اقتدار تي قبضو ڪري اسلامي نظام سان گڏ شريعت لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جنهن تي ڏکڻ سوڊان جي ماڻهن ان تي اعتراض واريو، پر عرب اتر سوڊان جي ماڻهن جي راءِ کي ڪا گهڻي اهميت نه ڏني. نه رڳو اهو پر رهندو کهندو سندن آواز دٻائڻ خاطر مٿانئن فوج ڪشي ڪئي وئي، جنهن ۾ هزارين ماڻهو موت جي منهن ۾ هليا ويا ۽ لکين ماڻهن وڃي ڪئمپن ۾ پناهه ورتي. جيتوڻيڪ اهڙي ڪوس خلاف سڄي دنيا تحرڪ ۾ آئي، گڏيل قومن سميت سڄي دنيا جي رهنمائن ان ظلم، بيداد خلاف اپيلون ڪيون ليڪن صدر عمرالبشر ڪنهن جي به نه ٻڌي. ايئن هن اسلامي جمهوريه سوڊان جو اعلان ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي ڏکڻ سوڊان جي دارفور واري علائقي ۾ بدترين ڏڪار جهڙي صورتحال پئدا ٿي وئي، جنهن ۾ خرطوم سرڪار ماڻهن جو سهارو بڻجڻ بدران کين موت جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو. ايئن ماڻهو ڏڪار ۾ مرڻ لڳا ليڪن ڪافي پوءِ گڏيل قومن سميت عالمي ادارن ماڻهن جي سار سنڀال لڌي ۽ کين موت جي منهن ۾ وڃڻ کان بچائڻ لاءِ سرٽوڙ ڪوششون ڪيون. جيتوڻيڪ ماڻهو ڏڪار وگهي بک ۾ مئا پر سوڊان حڪومت ان تباهيءَ کي اسلام دشمن قوتن جي سازش قرار ڏنو. ان پٺيان منطق اهو بيان ڪيو ويو ته ڏکڻ سوڊان ۾ تيل جا ذخيرا وڌيڪ هجڻ سبب آمريڪا ۽ يهودي اتي تيل تي قبضي جي نيت سان سازش ڪري رهيا آهن. حقيقت اها آهي ته سڄي دنيا ۾ وقت جي حڪومتن خلاف جڏهن به ڪو به اثرائتو عوامي احتجاج ٿيندو آهي ته آمر ۽ غاصب حڪمران انهن کي مختلف لقب ڏئي پيا لتاڙيندا آهن.

جيڪڏهن اسان جي يادگيري ڪمزور ناهي ته پوءِ اسانکي 1971ع کي ياد ڪرڻ کپي، جڏهن پياري پاڪستان جي واڳ ڌڻين بنگالين ۽ شيخ مجيب الرحمٰن کي هندن جو ايجنٽ ۽ ڪافر هجڻ جي لقبن سان نوازيو هو ليڪن اڳتي هلي کين ساڳي ملڪ جي ماڻهن کي تسليم ڪرڻو پيو. ساڳي طرح سوڊان لبريشن جي سرواڻن سان گڏيل قومن جي ميزباني ۾ ڳالهيون ڪيون ويون ۽ 2010 جي آخر ۾ اهو طئي ٿيو ته مئي 2011 ۾ ريفرينڊم ڪرايو ويندو. 9 جولاءِ 2011 تي ان کي الڳ ملڪ جي حيثيت ڏني ويندي. مئي 2011 ۾ ٿيل ريفرينڊم دوران 99 سيڪڙو ماڻهن ڏکڻ سوڊان جي الڳ ملڪ ٿيڻ جي حق ۾ ووٽ وڌو.معاهدي موجب ڏکڻ سوڊان لاءِ عبوري حڪومت جوڙي وئي جنهن جو سربراهه گوريلا سربراهه جارج کي مقرر ڪيو ويو. جيڪو بدقسمتيءَ سان هڪ هوائي حادثي ۾ موت جو کاڄ ٿي ويو. ليڪن حڪومت ۽ گوريلا اڳواڻن معاهدي جي پاسداري ڪندي ڳالهيون ڪيون. ايئن اهو 500 ورهيه پراڻو مسئلو هڪ نئين ملڪ جي قيام جي صورت ۾ حل ٿيو. واضح رهي ته ريفرينڊم ۾ ڏکڻ سوڊان جي علحدگي کانپوءِ به ٻنهي ڌرين وچ ۾ ڇڪتاڻ موجود آهي ۽ گذريل ٿوري عرصي ۾ 1800 ماڻهو موت جو کاڄ ٿيا آهن. جن ۾ اڪثريت ٻنهي پاسن کان معصوم شهرين جي آهي. جيتوڻيڪ ٻنهي ڌرين ڳالهين وسيلي ڇڪتاڻ گهٽائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پر ان جي ڪا گارنٽي ناهي ته اها ڇڪتاڻ اتي رڪجي ويندي. واضح رهي ته انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۽ ڏکڻ سوڊان ۾ نسل ڪشي جي الزام ۾ هيگ جي عالمي عدالت سوڊان جي صدر عمر بشير خلاف وارنٽ ڪڍيا آهن ۽ کيس ڀڳوڙو قرار ڏنو آهي. جن خلاف پابنديون پڻ مڙهيل آهن هو جيستائين اقتدار ۾ آهي تيستائين ته محفوظ رهي سگهي ٿو. ان کان پوءِ ممڪن آهي ته کيس به ٻين آمرن وانگر هٿڪڙيون لڳل هجن.

سوڊان آفريڪي ملڪن ۾ تيل سان مالامال زرعي ملڪ آهي. هتي اسلام اُميه دور ۾ آيو. عربن جي به بيٺڪيت رهيو. عربن کانپوءِ عثمانيه سلطنت ۾ مصر جي حاڪميت هيٺ رهيو. هتي هڪڙي دور ۾ مهدوي تحريڪ به هلي ۽ ان اقتدار به ماڻيو پوءِ اڳتي هلي پوئتي هٽي وئي. هي ملڪ پهرين مهاڀاري جنگ کانپوءِ يورپ جي اثر هيٺ اچي ويو ۽ ٻي مهاڀاري جنگ کانپوءِ ان کي آزادي نصيب ٿي. اها هن ملڪ جي بدبختي چئجي جو ان کي ورثي ۾ سدائين آمريت ۽ جنرل ئي پلئه پيا، جنهن ڪارڻ هتي مذهبي ۽ نسلي متڀيد جنم ورتو جنهن ڪارڻ ملڪ ٻه اڌ ٿي ويو. ٿيڻ ايئن کپندو هو ته ملڪ جي تاريخي حقيقت کي سمجهندي ان کي گهڻ قومي رياست جو درجو ڏنو وڃي ها جتي سڀني جا حق برابر هجن ها.حڪمراني ۾ نظرانداز ٿيل ڌرين کي به شامل ڪيو وڃي ها. ترقي، رواداري، سهپ ۽ سيڪولرازم جو بول بالا هجي ها ته يقيني طور تي ڪوريا وانگر اڄ سوڊان به ٻه اڌ نه ٿئي ها. ڪوريا کانپوءِ هي ٽيون واقعو آهي جو هڪ ملڪ طرفن جي لحاظ کان ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. جيتوڻيڪ يمن ۾ به اڳ ۾ ايئن ٿي چڪو آهي پر اهو تجربو ناڪام ٿيو هاڻي. ڏسڻو اهو آهي ته جنگاڻ ۽ ڏڪار سٽيل سوڊان مستقل امن طرف وڌي ٿو يا اڃا به جنگاڻ مٿن حاوي رهندي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو