Home / افيئر / !ڪوئنا مترا پٺيان هالي ووڊ وارا
above article banner

!ڪوئنا مترا پٺيان هالي ووڊ وارا

 

پنهنجي پهرين انٽرنيشنل فلم ۾ اداڪاره ڪيون سوربو سان “رومانس” رچائڻ واري منظر کانپوءِ بنگالي اداڪاره ڪوئنا مترا تي هالي ووڊ وارا مهربان ٿي پيا آهن. تازو ئي هالي ووڊ مان کيس ٻن فلمن جي آڇ ٿي آهي. انهن مان هڪ فلم جو نالو اڃا طئي نه ٿيو آهي، پر اها فلم جڳ مشهور پروڊيوسر ڪيرن آرمسٽرونگ ٺاهي رهيو آهي، جڏهن ته ٻي فلم جو نالو آهي “دي ڊارڪ رومانس” آهي، اها فلم پڻ ڪيرن آرمسٽرونگ پروڊيوس ڪري رهيو آهي. ڪوئنا مترا جيڪا هالي ووڊ مان هڪ ئي وقت ٻن فلمن جي آڇ کانپوءِ ڪپڙن ۾ نه ٿي ماپي، چوي ٿي ته “مان سيپٽمبر تائين ممبئي ۾ آهيان، ان کانپوءِ آمريڪا ويندس ۽ فلمن جي شوٽنگ ۾ حصو وٺنديس.” ڪوئنا مترا هڪ شوبز ميگزين سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته “هالي ووڊ وارن جي ڪم جو انداز اسان کان بلڪل مختلف آهي. اسان وٽ فلم سائن ڪرڻ کان اڳ اهو پڇيو ويندو آهي ته ساٿي اداڪار ڪير آهي، پر هالي ووڊ ۾ اهو سڀ کان آخر ۾ پڇبو آهي.” ڪوئنا مترا چيو پئي. ڪوئنا مترا جنهن جي جوڙي عمران هاشمي سان ڪجهه وقت هلي، پر پوءِ بالي ووڊ وارن کيس گاهه وجهڻ ڇڏي ڏنو آهي، پر چوندا آهن نه ته ڀاڳ ٿي ڀيڙو، ته دال مان سيرو. ڪوئنا مترا شايد هاڻ بالي ووڊ وارن کي گاهه نه وجهي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو