Home / شوبز / آئشه تاڪيه جي “موڊ”
above article banner

آئشه تاڪيه جي “موڊ”

 

بالي ووڊ جي بندري اداڪاره آئشه تاڪيه جيڪا ڊائريڪٽر نگيش ڪُڪنور جي فلم “موڊ” وسيلي وري جوهر ڏيکارڻ واري آهي، جو چوڻ آهي ته سندس شاديءَ جو ٽٽڻ محفوظ مستقبل طرف هڪ قدم آهي. 2009ع ۾ فرحان عظمي سان شاديءَ کانپوءِ آئشه تاڪيه ريسٽورينٽ جي بزنيس ۾ بزي ٿي وئي هئي، پر وٿي ملندي ئي هن سلمان خان سان گڏ فلم “وانٽيڊ ” ڪئي، جيڪا باڪس آفيس تي تمام گهڻي ڪامياب وئي. تازو ئي آئشه تاڪيه سندس ايندڙ فلم “موڊ” جي فرسٽ لوڪ واري تقريب ۾ صحافين سان مختصر ڪچهري ڪئي. ان موقعي تي سندس چوڻ هو ته “آئون نگيش جي تمام گهڻي ٿورائتي آهيان، جيڪو هيءَ فلم کڻي مون وٽ آيو.” ياد رهي ته ڊائريڪٽر نگيش ڪڪنور ئي عائشه تاڪيه کي 2004ع ۾ فلم “ٽارزن” وسيلي بالي ووڊ ۾ انٽري ڏياري هئي. جڏهن ته ساڳئي ڊائريڪٽر جي فلم “ڊور” ۾ پڻ آئشه تاڪيه هڪ بنهه مختلف رول ۾ نظر آئي هئي. هاڻ سندس ايندڙ فلم “موڊ” لاءِ آئشه تمام گهڻي پر اميد نظر اچي ٿي. اها فلم هڪ لو اسٽوري تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ سندس هيرو ايم ٽي وي جو وي جي رن وجي آهي. ڏسجي ته آئشه تاڪيه “موڊ” ۾ ڪهڙو ٿي ٻوٽو ٻاري. هيءَ فلم 30 سيپٽمبر تي رليز ٿيندي، جنهن ۾ آئشه تاڪيه کانسواءِ راگهوير ياديو ۽ تنوي عظمي به ڪم ڪري رهيا آهن.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو