Home / افيئر / !عرب دنيا جو آخري داستان گو
above article banner

!عرب دنيا جو آخري داستان گو

دوستو! ڪالهه صبح اسان جنگجوئن جو قصو جتي ڇڏيو هو، اتي اهي جنرل معروف سان هڪ معاهدو ڪري چڪا هئا انهن فيصلو ڪيو هو ته اهي شاهه بپرس کي آزمائش ۾ وجهندا. ان ڪري اهي بادشاهه جي قاضيءَ وٽ پهتا ۽ ان کي اهو قصو ٻڌايو. قصو ٻڌندي ئي قاضيءَ رڙ ڪئي:

“اي عثمان مونکي انڌو ڪري ڇڏ… مونکي خلعت ڀلي عطا نه ڪر، پر مونکي ايئن اگهاڙو به نه ڪر … آخر انهن ويچارن سپاهين، غريب جنگجوئن جو ڇا ٿيندو؟”

قاضي پهرين کان ئي طئي ڪري ويٺو هو ته بادشاهه انهن ماڻهن کي سولائي سان شڪست ڏئي تاريخ جي غلام گردشن ۾ ڌڪي ڇڏيندو.

شاهي پوشاڪ پهريل ابو شادي منبر نما تخت تي ويٺو هو. هن جي هڪ هٿ ۾ تلوار هئي ۽ ٻئي هٿ ۾ عرب تاريخ جي عرب داستان بابت ڪتاب. هن جي خطاب جو انداز قديم عرب درٻارن ۾ اهم اعلان ڪندڙن جي جاهه و جلال ۽ صداڪاري، اداڪاري صلاحيتن جو عمدو مثال هو. ابو شادي جي ويهڻ جي جاءِ اتي موجود ماڻهن کان مٿي هئي، ته جيئن دمشق جي ان مقبول ترين قهوه خاني “ڪيفي ال نفوراح” جي مک هال ۾ ويٺل سڀ ماڻهو کيس ڏسي ۽ ٻڌي سگهن.

هو عرب دنيا جو آخري داستان گو آهي. هن عربن جي روايتي داستان گوئي کي آخري ڀيرو زندهه ڪيو آهي. اها هڪ لحاظ کان وچ اوڀر جي داستان گوئي کي ٽيڪ پڻ آهي. ان کان پوءِ اها هميشھ لاءِ ختم ٿي ويندي. ابو شادي قصه گوئي کي عروج تي پهچائي ڇڏيو آهي، ان کان اڳتي ان جو زوال ئي زوال آهي. ڇو ته اها روايت اهو فن هن سان گڏ مري ويندو. هن جو ڪو به شاگرد ناهي. شام جا ماڻهو پنهنجي قديم فن ۽ ثقافت جا قدردان سهي ليڪن انهن مان ڪنهن به داستان گوئي کي پنهنجو پيشو ناهي بنايو. ان ڪري اڌڙوٽ عمر جو ابو شادي پنهنجي فن جو آخري امين ٿو بڻجي.

شام ٿيندي ئي شام جا ماڻهو توڙي پرڏيهي سياح اچي ان ڪيفي جي مک هال ۾ گڏ ٿين ٿا. جتي فراسين تي ويهندي ئي سندن قهويءَ سان خاطر تواضح ڪئي ويندي آهي. اڳيان ابو شادي براجمان ٿي پنهنجي مداحن کي ڏسندو ۽ مسڪرائيندو رهي ٿو. ڪيترائي ماڻهو کانئس آٽوگراف به وٺن ٿا۔

ابو شادي جهڙي فنڪار کي مقامي ٻولي ۾ “حاڪاوتي” چيو وڃي ٿو. حاڪاوتي هڪ ئي وقت تاريخدان، صداڪار، اداڪار، مسخرو ۽ شاعر هجي ٿو. مصر ۾ ان لفظ کي شاعر جي معنيٰ ۾ سمجهيو وڃي ٿو. جيڪو رباب تي منظوم قصا ٻڌائيندو آهي. جڏهن ته عراق ۾ ان کي قصه خوان چيو وڃي ٿو.

ابو شادي جڏهن ڪيفي ال نفوراح ۾ پنهنجي مخصوص سيٽ تي ويهندو ته هن جي هڪ هٿ ۾ ڪتاب ۽ ٻئي هٿ ۾ لڪڻ هوندو. هو گهڻو ڪري پنهجي يادگيرين جي بنياد تي داستان اڳتي وڌائيندو آهي. ڪڏهن ڪو لطيفو ته ڪڏهن وري نظم ٻڌائيندو آهي ۽ جڏهن ضروري سمجهندو آهي تڏهن ڪتاب مان به ڪو ٽڪرو پڙهي وٺندو آهي. جڏهن داستان شروع ٿيندو آهي ته سانت ٿي ويندي آهي. هر پاسي رڳو ابو شادي جو آواز پيو گونجندو آهي. جنهن ۾ وقفي وقفي سان حُقن جي گڙگڙاهٽ به شامل ٿي ويندي آهي. جن جا حاضرين ڪش هڻندا رهندا آهن.

ابو شادي جڏهن سلطان بپرس جو قصو ٻڌائڻ شروع ڪندو آهي تڏهن سندس آواز ۾ ڪڏهن شاهاڻو رعب ته ڪڏهن فقيراڻي سادگي هوندي آهي. جڏهن هو قصي جي ان منزل تي پهچي ٿو جتي سلطان بپرس کي سڪندريه ۾ دشمن شاهه فرينڪ جي فوجن لهڻ جي خبر ملي ٿي ته داستان گو جي آواز ۾ شاهي جاه و جلال نمايان ٿي وڃي ٿو:

“آءُ حڪم ٿو ڏيان ته سڀ ماڻهو پنهنجي گهوڙن تي سوار ٿي وڃن ۽ پنهنجا هٿيار سنڀالين. اللٰھ جي مدد اسان سان گڏ آهي”… ۽ پوءِ سلطان بپرس پنهنجي فوجن کي قاهره کان سڪندريه ڏانهن وڌڻ جو حڪم ڏئي ٿو ته جيئن حملي آورن کي مزو چکائي سگهجي.

ان مرحلي تي داستان گو وقفو ڪري ٿو، پهرين پنهنجي ڪتاب تي نظر وجهي ۽ پوءِ حاضرين تي. وقفي جو فائدو

وٺندي حُقو ڇڪيندي فرمائش ڪري ٿو:

“اهو پيغام ٻڌاءِ جيڪو ال پاپا کي اماڻيو ويو هو، جلدي پيغام پڙهي وٺ”

اهو ٻڌي ابو شادي مسڪرائي ٿو.

وچ اوڀر جي عربن لاءِ ال پاپا يعني پوپ صليبي حملي آورن جي علامت هوندا هئا. اهو بزرگ پوپ کي بپرس طرفان موڪليل خط جو حوالو ڏئي رهيو هو.

ايئن ابوشادي سلطان بپرس جي نوڪر ابراهيم جي روپ ۾ مصري لهجي ۾ چوي ٿو:

“آءُ پنهنجي ناٺي امام علي جي سر جو قسم کڻي چوان ٿو ته مان فقط توهان جو قاصد آهيان ۽ اڄ توهان جي دشمن جو آخري ڏينهن هوندو”

اهو چئي ابراهيم گهوڙي تي سوار ٿئي ٿو ۽ تيزيءَ سان شاهه فرينڪ جي لشڪر ۾ گهڙي شاهي خيمي جي اڳيان وڃي بيهي ٿو ۽ رڙ ڪري چوي ٿو:

“صبح بخير ال پاپا، ٻاهر اچ ۽ اسان جي آقا سلطان بپرس جو پيغام وصول ڪر… نه ته تنهنجو خير ناهي، تنهنجا سپهه سالار ۽ امير توکي مارائڻ لاءِ هتي وٺي آيا آهن”

ابو شادي تلوار هوا ۾ لهرائي ۽ رکي ٿو ڇڏي، جنهن تي ڪجهه حاضرين کلن پڻ ٿا. اهڙين محفلن ۾ ايئن به ٿيندو آهي.

اها نشست هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهندي آهي، آخر ۾ ابو شادي ان ڊراما ٽائيز داستان گوئي جي عروج تي پهچي ويندو آهي. جڏهن جنگجوئن جو ڪمانڊر معروف سلطان بپرس چئلينج ڪري ٿو.

“اي بادشاهه پنهنجي تلوار ٻاهر ڪڍ ۽ اڳتي وڌي پنهنجي قسمت سان منهامنهن ٿيءُ. اڄ تنهنجو آخري ڏينهن آهي” اها ٻن پراڻن دشمنن وچ ۾ جنگ جو اعلان هو. ان کان اڳ جو ٻنهي جي اها دشمني ڪو رنگ آڻي، ابو شادي جو شاعراڻو لهجو تلوارتي حاوي ٿي وڃي ٿو ۽ هو ڪتاب تان نظرون مٿي کڻي اعلان ڪري ٿو ته:

“منهنجا عزيزو! اسان اڄ داستان کي اتي ئي روڪيون ٿا. توهانجي اچڻ جي مهرباني”

عرب دنيا ۾ داستان گوئي جو اهو مرحليوار اسٽائل ڏاڍو مقبول آهي، جنهن ۾ ڪهاڻي کي هڪ اهڙي موڙ تي آڻي روڪيو ويندو آهي جتي ٻڌندڙ جو تجسس برقرار رهي ۽ هو داستان ٻڌڻ لاءِ وري ٻئي ڏينهن به اچي. سلطان بپرس جو داستان به الف ليلي وانگر ٻڌايو ويندو آهي، جنهن ۾ داستان کي تجسس واري موڙ تي روڪيو ويندو آهي.

عرب دنيا ۾ سورمن بابت داستان گوئي عرب دنيا جي قديم روايت آهي. اهڙن داستانن ۾ يمن تي ايٿويپا جي يلغار بابت شاهه سيف ابن يزن جو داستان، يارهين صديءَ ۾ هلال قبيلي جي عرب مان اتر آفريڪا لڏپلاڻ جو سيرت بنو هلال داستان ۽ عنصر جو رومانوي داستان شوق سان ٻڌا وڃن ٿا.

عرب داستان گوئي جو شامي نقاد خير الذهبي ان کي يوناني داستانن کان متاثر قرار ڏيندي چوي ٿو: “عرب داستان گوئي يوناني ديو مالا جي اثرن کان خالي ناهي. اهڙي ريت يورپ جي نشات ثانيه جي پوءِ واري ادب تي عرب داستانن جا اثر صاف نظر اچن ٿا. جيئن شاهه آرٿر ۽ نائٽس آف رائونڊ ٽيبل جا epics آهن.

آمريڪا ڄائي شامي اديبه ميوسن سيوخي جيڪا گذريل اڌ صديءَ کان نيويارڪ ۾ رهي ٿي ۽ ان عرب داستان گوئي تي ڪافي سارو ڪم ڪيو آهي. هن جو چوڻ آهي ته: “آءُ ٻاروتڻ ۾ جڏهن منهنجي وڏي ڪٽنب سان رهندي هيس تڏهن منهنجي ڏاڏي ۽ بابا مونکي عرب هيروز بابت ڪهاڻيون ۽ داستان ٻڌائيندا هئا، جيڪي کين برزبان ياد هوندا هئا!

عرب داستان گوئي جا قدردان ان خيال جا آهن ته هاڻي ماضيءَ جهڙي داستان گوئي نه رهي آهي. جيستائين ابو شادي جيئرو آهي تيستائين اها روايت به زندهه رهندي. هو جيئن ئي اکيون ٻوٽيندو ته داستان گوئي به پنهنجي موت مري چڪي هوندي.

جيتوڻيڪ داستان گوئي جو فن ته ختم ٿي رهيو آهي. ليڪن عربي ادب ۾ ان فن جي روايت زندهه رهندي. عرب داستان گوئي بابت ڪتاب ماڻهن ۾ نهايت مقبول آهن. هر داستان گو وٽ اهي ڪتاب فني اثاثي طور موجود هوندا آهن. پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته ابو شادي هن فن جو آخري فنڪار آهي. عربن جا ايندڙ نسل عرب ثقافت ۽ ادب جي هي اها اهم روايت محفوظ رکي نه سگهندا!

 

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو