Home / سياسي افيئر / !بلوچن سان ٿيندڙ ڏاڍ ۽ سنڌ جي خاموشي
above article banner

!بلوچن سان ٿيندڙ ڏاڍ ۽ سنڌ جي خاموشي

 

اڪبر بگٽي جي شهادت کانپوءِ بلوچستان هڪ ڏينهن به سک جو ساهه ناهي کنيو. 1950ع جي ڏهاڪي ۾ نوروز خان سان بي وفائي ڪري رياستي ادارن کيس ۽ سندس اولاد کي ڦاهين تي چاڙهيو ۽ جيلن ۾ زندگي گذاريندي نوروزخان به ڪال ڪوٺڙين ۾ دم ڏنو هو. بلوچن پاڪستان جي وجود کان پنهنجي قومي، جمهوري حقن لاءِ پئي وڙهيا آهن. 1970 واري ڏهاڪي ۾ جڏهن نعپ بلوچستان ۾ حڪمران ٿي 73 جو آئين پاس ٿيو ته وري ڌوڪي سان نعپ تي بندش ۽ بلوچ اڳواڻن جو قيد ٿيڻ، سندن جمهوري حقن تي راتاهو هڻڻ نوروز خان سان ٿيل غداري جو ئي تسلسل هو.

ان زماني ۾ بلوچ تنظيمن آزادي جي تحريڪن سان گڏ جمهوري رستي تي هلندي پارليامنٽ جو حصو بنجندي هن گهڻ قومي ملڪ ۾ پنهنجو ڪردار پئي ادا ڪيو. اڪبر بگٽي جيڪو زندگي جو وڏو حصو وفاقي سياست ۽ اسٽيبلشمنٽ جو حصو رهيو. پر زندگي جي پڇاڙڪن پساهن ۾ قومي حقن ۽ پنهجي ڌرتي جي وسيلن تي ڪمپرومائيز نه ڪرڻ تي ماريو ويو. اُن رد عمل ۾ بلوچ تنظيمن قومي آزادي جي تحريڪ لاءِ غيرروايتي طريقن کي اپنايو آهي. پارلياماني سياست بجاءِ پهاڙن جي چونڊ ڪئي آهي. ڄڻ ته انهن طئي ڪري ورتو آهي ته ذلتن خلاف ۽ بلوچن جي آزادي لاءِ هاڻ هڪ ئي گس آهي.

پاڪستان هڪ گهڻو قومي ملڪ آهن جنهن ۾ سنڌ رضاڪارانه شرڪت ڪئي جڏهن ته بلوچستان کي جبري طور تي الحاق ۾ آندو ويو.

جولاءِ 2011 جي پهرين هفتي ۾ انساني حقن جي تنظيم (ايڇ آر سي پي) جي سربراهن اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي 140 گُم ٿيل نوجوان بلوچ قومي ڪارڪنن جي چچريل لاشن جي مذمت ڪندي چيو ته بلوچستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿئي پيو رياست اُن جي ذميوار آهي.1976ع ۾ بلوچن انگريزن سان هڪ معاهدي تحت ڪوئيٽا، نصيرآباد ۽ نوشڪي کي ليز ۾ ورتو هو. انگريزن جي بي وفائي جي ڪري بلوچ سردارن ۽ عوام محراب خان جي اڳواڻي ۾ به مزاحمت ڪئي هئي. جنهن جي نتيجي ۾ 13 نومبر 1939ع تي محراب خان شهيد ٿي ويو.

پاڪستان جي وجود کان پوءِ قومي حقن جي حاصلات ۽ قومي خومختياري لاءِ ملڪ جون فطري اتحادي قومن (سنڌي، بلوچ، پشتون ۽ سرائيڪين) پنجاب جي جبر خلاف ڪڏهن اجتماعي ته ڪڏهن وري انفرادي طرح سان پي جدوجهد هلائي آهي. نعپ تي بندش ۽ بلوچ اڳواڻن جي گرفتاري بلوچن تي ڀٽو جي دور ۾ ٿيل فوجي آپريشن ۽ بلوچن جي قتل عام تي سنڌ جي قومي، جمهوري ۽ طيقاتي تحريڪ پنهنجي سگهه ۽ وس آهر بلوچن سان ٿيل ڏاڍاين خلاف آواز پي اٿاريو آهي.

سنڌ جي قومي تحريڪ سيڪيولر، جمهوري ۽ روشن خيال هجڻ ڪري عالمي تحريڪن جو حصورهي آهي ۽ اهوئي سبب آهي جو دنيا ۾ جتي به ڪو جبر ۽ ڏاڍ ٿئي هجي ٿو ته سنڌ مان تڪڙو ۽ فوري آواز بلند ٿيندو رهيو آهي. اسرائيل فلسطيني عوام جو صابره ۽ شطتيله جي ڪئمپن ۾ قتل عام هجي، آفريڪا ۾ ڌرتي ڌڻين ڪارن تي قابض گوري سرڪار جا ظلم هجن، آئرلينڊ جي آزادي لاءِ بوبي سينڊس جو مرڻ گهڙيءَ تائين بُک هڙتال ۾ شهيد ٿي وڃڻ هجي، سنڌ سراپا احتجاج رهندي آئي آهي.

گذريل پنجن سالن کان بلوچستان ۾ فوجي آپريشن ذريعي بلوچن جو قتل عام، بلوچ قومي ڪارڪنن جي گُم ٿيڻ، خلاف سنڌ روايتي طرح سان ڪنهن اهم واقعي مثال طور اڪبر بگٽي، غلام محمد بلوچ جي شهادتن تي ته آواز اُٿاريو پر موجوده ڏاڍ تي ڇو خاموش آهي؟ ٻه ڏهاڪا اڳ سنڌي جي قومي تحريڪ پنهنجن ڪارڪنن ۽ عوام جي تربيت ڪري، اهو سمجهائيندا هئا ته جنهن به ڌرتي تي ڪو ظلم ٿئي ڄڻ ته پاڻ سان ظلم ٿيو آهي.

انساني حقن جون تنظيمون، ساڃاه وند ماڻهو اڄ به بلوچستان ۾ ٿيل نا انصافين، رياستي جبر خلاف پنهنجو آواز بلند ڪن ٿا. پر منظم تنظيم جنهن شدت سان پنهنجو آواز اُٿاري سگهي ٿي اها آواز دٻجي ويو آهي

اصل ۾ رياستي ادارن بنگلاديش جي علحدگي کان پوءِ باقي محڪوم قومن ڏانهن روئي ۾ تبديلي آندي آهي. هو بلوچن جي قومي مزاحمتي تحريڪ کي اڪيلو ڪرڻ چاهين ٿا ۽ هو ان ۾ ڪامياب ٿيا آهن. سنڌ جون ڪجهه قومپرست ڌُريون ته بلوچن جي قومي تحريڪ کي غير اهم ۽ سردارن جي تحريڪ سمجهن ٿيون. هنن جي خيال ۾ اها تحريڪ دم ٽوڙي ڇڏيندي. بلوچ عوامي طرح سان معمولي سگهه رکن ٿا، وغيره

بلوچ هڪ الڳ ۽ تاريخ ۾ آزاد قوم رهي آهي سندن آزادي لاءِ وڙهڻ جو طريقي ڪار کين ئي طئي ڪرڻو آهي ۽ يقينن هر قوم پاڻ وڙهي موت يا سوڀ حاصل ڪندي پر پاڙيسري قوم هئڻ ناتي اسانجي قومي تحريڪ جي سرواڻن کي پنهنجو ويزن ڪليئر ڪرڻ گهرجي.

هن صورتحال ۾ جيڪو به بلوچن جي قتل عام ۽ انهن جي وسيلن جي ڦرلٽ تي نٿو ڳالهائي ۽ عملي طرح سان پُر امن احتجاج ڪري انهن جي آواز ۾ آواز نٿو ملائي، ته ڳالهه چٽي ۽ صاف ٿي پوندي ته ڪير بلوچن جي مزاحمتي تحريڪ سان گڏ آهي ۽ ڪير اسٽيبلشمينٽ سان گڏ آهي؟

ڏکڻ آفريڪا ۾ نسلي مٿڀيد ۽ قومي غلامي خلاف تحريڪ ڪامياب ئي تڏهن ٿي جڏهن آفريقي کنڊ جي ملڪن، يورپ آمريڪا ۽ دنيا ۾ ترقي پسند، جمهوري ۽ قومي تحريڪ کين اخلاقي مدد ڪئي ۽ هو اڪيلائي مان نڪري آيا.

اڄ بلوچن کي دنيا ۾ ڪنهن ٻئي هنڌان ڪمزور حمايت ته ملي رهي آهي پر سنڌ مان اهو آواز گُهٽجي وڃڻ وڏا سوال پئدا ڪيا آهن؟ پا سڀاڻ جڏهن سنڌ جو عوام پنجاب جي بالادستي، نسلي متڀيد ۽ رياستي آپريشن کي منهن ڏيندو ته پوءِ بلوچن مان ڪهڙي اميد رکبي. ٿيڻ ته ايئن گهرجي جو سنڌ جي قومي تحريڪ پنهنجن ڪارڪنن لاءِ بلوچستان جي موجوده صورتحال تي تربيتي نشست هلائين انهن کي بلوچن سان ٿيل ڏاڍاين متعلق با خبر رکن. آئي ڏينهن نوجوانن جا چچريل لاشن متعلق ٻڌائين ته ڪيئن هڪ قوم کي اڪيلو ڪري ماريو پيو وڃي. مارشلائون هجن يا وري سول حڪومتون ٻنهي دورن ۾ بلوچن مار کاڌي آهي. اهو انڪري جو بلوچ سرزمين، سون، چاندي، تيل، گئس، قيمتي پٿر، سمنڊ جي ڊگهي پٽي ۽ حڪمت عملي تحت اهم جاءِ تي موجود آهي. جنهن ڪري وڏو صوبو ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا رتوڇاڻ ڪري به بلوچن کي غلام رکندا.

اهڙي صورت ۾ ساڃاه وند ماڻهو سنڌ کي 1960 ۽ 70 واري ڏهاڪي ۾ ڏسڻ چاهين ٿا جڏهن سنڌ جي ليڊرشپ جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي جهڙن ماڻهن وٽ هئي. جڏهن شيخ اياز، ابراهيم منشي، استاد بُخاري جهڙا ڪردار هئا جن شاعري ذريعي مزاحمت کي جنم ڏنو هو.

اڄوڪي قومي تحريڪ پنهنجي ويزن ۾ چٽي موقف نه رکڻ ڪري قومي غلامي جي ٻنڌڻ ۾ وڌيڪ مضبوطي سان ٻڌا ويا آهيون.آزادي لاءِ وڙهندڙ ماڻهو کي صرف پنهنجن قوم جو اونو ناهي هوندو پر دنيا ۾ جتي به آزادي جي تحريڪ هلندڙ هجي ته سمجهبو اها تحريڪ اسان جي پنهنجي تحريڪ آهي. روس، چين، ويٽنام، ڪيوبا، انگولاءِ ڏکڻ آفريڪا جي آزادي کي اسان پنهنجي آزادي تصور ڪندا هئاسين. هاڻ ڇا ٿي ويو آهي. ماضي جي روايتي طريقن تي به اسين عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون. چي گويرا ته آزادي جي تحريڪ ۾ حصي وٺڻ لاءِ ٻئي ملڪ يعني ڪيوبا جي چونڊ ڪئي ۽ هو اُتي ايئن وڙهيو جيئن ڪو پنهنجي ملڪ لاءِ وڙهندو هجي.

مڃون ٿا ته سنڌ جي قومي تحريڪ کي بلوچن جي گوريلا جنگ سان اختلاف آهن. اها حڪمت عملي بلوچن پاڻ طئي ڪئي آهي کٽڻ يا هارائڻ انهن جو معاملو ٿيندو.

اسين رڳو هن مرحلي تي سوال اٿارڻ چاهيون ٿا ۽ ان جو جواب گهرجي ته بنگال، فلسطين تي ٿيل قتل عام تي ته اُٿياسين، بلوچن سان ٿيل ڏاڍائي ۽ قتل عام تي خاموش ڇو آهيون. جڏهن غير سياسي تنظيم ايڇ آر سي پي انگن اکرن سان ٻڌائي ٿي ته بلوچستان ۾ ظلم ٿئي پيو ته پوءِ اسان جي وات ۾ مُڱ ڇو پيل آهن. ڪٿي اسين قومي آزادي جي تحريڪ جي فلسفي، فڪر کان گمراهه ته نه ٿي ويا آهيون؟ ڇو جو نالي وارا قومي اڳواڻ بلوچن جي ويڙهه کي فاشزم سان تشبيهه ڏئي رهيا آهن.

منهنجي خيال ۾ قوم پاران اقليت کان بچڻ، پنهنجن وسيلن تي مالڪي جي حق لاءِ مزاحمت جي سمورن طريقن کي قبول ڪيو ويندو آهي.

اهو نه وسارڻ کپي ته ويٽنام جي آزادي جي سپاهين آمريڪي فرانسيسي فوجن کي پڪڙي اونڌو ٽنگي نانگن، بلائن، زهريلي وڇوئن سان کين ڏنگي اذيتون ڏئي ماريو ويندو هو. انهيءَ ڊپ ۾ ئي قابض قوتن کي شڪست ملي هئي.

بلوچ چون ٿا ته جيڪڏهن پُر امن ۽ جمهوري طريقي سان پاڪستان جي آئين موجب “پاڪستان جو ڪو به فرد ڪنهن به صوبي ۾ وڃي سگهي ٿو خريداري ڪري سگهي ٿو” مطلب ته گوادر پورٽ ۾ ريڪوڊين سون جي کاڻين وارو هنڌ قيمتي پٿر، گئس ۽ تيل جي کوهن ۽ سمنڊ ۾ مڇي مارڻ لاءِ ڌاريا پاڪستان جي آئين مطابق اچن وڃن ته پوءِ بلوچ ته ويچارا ٻن ڏهاڪن ۾ اقليت ۾ اچي ويندا ۽ انهن جو حشر ته سنڌي قوم کان به وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿو. ڪراچي جي حالتن بلوچن کي سيکاريو آهي. جنهن ڪري سندن مزاحمت جا طريقا غير روايتي ۽ بلوچن جي فائدي ۾ وڃن ٿا.

سنڌ جي قومي تحريڪ کي بلوچستان ۾ فوجي آپريشن جي خاتمي جو مطالبو ڪرڻ گهرجي.

اڪبر بگٽي، بالاچ خان مري، غلام محمد شهيد سميت سمورن شهيدن جي قاتلن کي گرفتار ڪري عدالتن جي ڪٽهڙي آڻڻ جو مطالبو ڪرڻ گهرجي.

بلوچستان جي وسيلن تي مڪمل اختيار بلوچ عوام کي ڏيارڻ لاءِ سنڌ کي پُر امن احتجاجن ذريعي مطالبو ڪرڻ گهرجي.

سنڌ جي قومي ليڊرشپ کي بلوچستان جو دورو ڪري ماريل بلوچن جي وارثن ۽ بلوچ قومي پارٽين سان ڏک ونڊڻ سان گڏ يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ گهرجي.

اها پڻ گُهر ڪرڻ گهرجي ته سيڪيورٽي فورسز کي بلوچستان خالي ڪرڻ گهرجي.

 

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو