Home / افيئر / بلوچستان ۾ ڀڙڪيل باهه جو سيڪ ڇو نٿو محسوس ڪيو وڃي؟
above article banner

بلوچستان ۾ ڀڙڪيل باهه جو سيڪ ڇو نٿو محسوس ڪيو وڃي؟

 

ڪوئيٽا شهر جي اولهندي علائقي ۾ چلتن پهاڙن جي جهولي ۾ ٺهيل بلوچستان جي اڪيلي سڀ کان وڏي اسپتال بولان ميڊيڪل ڪامپليڪس (بي ايم سي) تنهن ڏينهن جنگ جي ميدان وارو ڏيک ڏيئي رهي هئي. اسپتال جي گهڻ ماڙ بلڊنگ جي تري ۾ ٺهيل ايمرجنسي جي دروازي تي سوين ماڻهو گڏ ٿيل هئا ۽ اندر مرده خاني ۾ 13 گوليون لڳل لاش موجود هئا. بي ايم سي جي ٻاهران بروري روڊ تي هنڌ هنڌ ٽائر سڙي رهيا هئا، جڏهن ته اسپتال جي احاطي اندر ڊاڪٽرن ۽ آيل مريضن جون بيهاريل گاڏيون به سڙي رهيون هيون. ڪوئيٽا جي اسپني روڊ تي 30 جولاءِ جي صبح جو سوير هزارا ٽائون کان شهر جي مصروف ڪاروباري علائقي ميزان چوڪ ڏانهن مزدورن ۽ دڪاندارن کي کڻي ايندڙ سوزوڪي کي نامعلوم ماڻهن گولين جو نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ 11 ماڻهو ٿڏي تي مارجي ويا، جڏهن ته هڪ عورت ۽ ٻيو زخمي همراهه اسپتال ايندي فوت ٿي ويا. ڪوئيٽا شهر ۾ انهي صبح ۽ گذريل ڏينهن جي شام جي 12 ڪلاڪن واري ساهي ۾ هي ٻيو واقعو هيو، جنهن ۾ نامعلوم ماڻهن کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هيو. 29 جولاءِ جي شام جو هٿياربندن ڪوئيٽا جي سرياب روڊ تي قائم ايران ڏانهن ويندڙ بسن جي اڏي تي انتظار ۾ ويٺل زيارتين کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. مارجي ويلن ۾ 2 هزار ا 4 پنجابي ۽ ڪجهه مقامي ماڻهو به شامل هئا. ٻنهي واقعن جي ذميواري پابندي پيل مذهبي تنظيم لشڪر جهنگوي قبول ڪري ورتي. هونئن ته ملڪ ۾ فرقيواروارداتن ۾ ڪٿي ڪٿي ڪو قتل جو هڪ اڌ واقعو پيش اچي ٿو، پر ڪوئيٽا اهڙو شهر آهي، جتي هي واقعا لاڳيتو ۽ خونخوار انداز ۾ ٿيندي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. رڳو گذريل ٻن ٽن سالن دوران شيعا فرقي سان تعلق رکندڙ هزارا ڪميونٽي جا 4 سو ماڻهو ماريا ويا آهن ۽ لڳ ڀڳ سمورن واقعن جي ذميواري پابندي پيل تنظيم لشڪر جهنگوي قبول ڪئي آهي. هي تنظيم ڪوئيٽا ۾ 2004 کان سرگرم آهي ۽ ڪوئيٽا ۾ 10 محرم جي جلوس ۽ امام بارگاهه تي ان وقت ٿيل وڏي حملي بعد هي تنظيم ۽ هن جا مک اڳواڻ منظر تي آيا. 2004 ع کان پوءِ ٿيل هنن خوفناڪ واقعن ۾ مجموعي طور 200 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا هئا، جنهن بعد انهن حملن جي ماسٽر مائينڊ عثمان سيف اللٰھ ۽ شفيق رند کي پوليس گرفتار ڪري دهشتگردي جي انت واري عدالت ذريعي سزائون به ڏياريون پر 2009ع ۾ عثمان سيف اللٰھ جي ڪوئيٽا جي اي ٽي ايف جيل جيڪو ڇانوڻي اندر آهي، مان فرار ٿيڻ کانپوءِ هڪ دفعو ٻيهر هن تنظيم طرفان ڪاروايون ڪرڻ ۽ انهن کي قبول ڪرڻ ۾ تمام گهڻي تيزي آئي آهي.ڪوئيٽا ۾ فرقي واراڻي دهشت گردي جي انهن واقعن بعد، سياسي محاذ سان گڏ وارداتن جو هي ميدان مچي ويو آهي.

تازن واقعن جي ردعمل ۾ ڪوئيٽا شهر ۾ ٻن ٽن ڏينهن تائين هڪ دفعو ٻيهر مڪمل هڙتالون ڏسڻ ۾ آيون. هي هڙتالون ۽ احتجاج هڪٻئي پٺيان ٿيندڙ واقعن سان ڪوئيٽا ۽ بلوچستان جي عام زندگي جو حصو بڻجي ويون آهن. 30 جولاءِ واري شام جو ڪوئيٽا جي مستونگ واري علائقي ۾ هڪ ٻيو وڏو واقعو پيش آيو جنهن ۾ شهر جي فوٽ بال اسٽيڊيم ۾ انعامن ورهائڻ واري تقريب ۾ دستي بم جي ڌماڪي ۽ بعد ۾ فائرنگ سبب بلوچستان جي وڏي وزير نواب اسلم رئيساڻي جو ڀائٽيو ۽ هڪ ٻيو همراهه مارجي ويا، جڏهن ته 30 ڄڻا ڦٽجي پيا. واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن نواب رئيساڻي جو ننڍو ڀاءُ سراج رئيساڻي ۽ سندس 14 ورهين جو پٽ حمل راند کانپوءِ انعام ورهائي پنهنجي گاڏين ۾ چڙهڻ وارا هئا. دستي بم جي ڌماڪي کانپوءِ سراج رئيساڻي سان گڏ 50 کان وڌيڪ گارڊن به پنهجي آٽوميٽڪ هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، جنهن بعد وڌيڪ ماڻهو خوف مان ٿيل فائرنگ ۽ افراتفري ۾ زخمي ٿيا. پوليس طرفان شڪ ڏيکاريو پيو وڃي ته واقعو نواب رئيساڻي جي ڀاءُ سراج رئيساڻي کي نشانو بنائڻ لاءِ ڪيو ويو هو. سراج رئيساڻي نواب رئيساڻي جو ننڍو ڀاءُ ۽ بلوچ متحده محاذ جو چيئرمين آهي. سراج رئيساڻي اڪثر سوين هٿياربند محافظن سان گڏ سفر ڪندو آهي ۽ ڪوئيٽا سميت پنهنجي اباڻي علائقن ڪانڪ ۽ ساراوان ۾ قبائلي دشمن ۽ ٻين جهيڙن کي منهن ڏيندو آهي. رند قبيلي سان خوني تڪرار ۾ پڻ پنهنجي قبيلي جي لشڪر جي سرواڻي سندس وٽ آهي. بحرحال وڏي وزير جي ڪٽنب تي ٿيل ان حملي جي ذميواري اڃا تائين ڪنهن به تنظيم يا فرد قبول نه ڪئي آهي.

ان کان اڳ خضدار ۾ نامعلوم ماڻهن بي اين پي مينگل جي اڳواڻن جمعا خان مينگل کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. سياسي اڳواڻ جو قتل بلوچستان ۾ ان سياسي تشدد جي سلسلي جي هڪ اڻکٽ ڪڙي آهي، جنهن ۾ سياسي ورڪرن جا گوليون لڳل لاش ويران جاين تان اڪثر ملن ٿا. پر انهن وارداتن پٺيان ڪير آهي؟ ان جو پڪ سان پير کر ڪٿي نه ٿو ملي.

تازو جولاءِ جي آخري ڏينهن ۾ جڏهن بلوچستان اندر هي سمورا واقعا رونما ٿي رهيا هئا ته انساني حقن جي بين الاقوامي تنظيم “هيومين رائيٽس واچ” بلوچستان متعلق پنهنجي رپورٽ شايع ڪئي آهي. 132 صفحن تي مشتمل رپورٽ جنهن جو عنوان آهي “اسين توهان کي سالن تائين اذيت ڏيئي ماري سگهون ٿا”، ۾ ايڇ آر ڊبليو پاران سيڪيورٽي ادارن کي بلوچستان ۾ ٿيندڙ انساني حقن جي لتاڙ جو ذميوار قرار ڏنو آهي.

گم ٿيل ماڻهن جي وارثن، انساني حقن جي رضاڪارن ۽ صحافين کان ورتل انٽرويوز آڌار جوڙيل ان رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بلوچستان ۾ رياستي ادارن جو نشانو اڪثر قوم پرست ۽ شڪي بلوچ مزاحمت ڪار آهن. ان رپورٽ کي بلوچ قوم پرستن ڀليڪار چئي آهي، جڏهن ته بلوچستان ۾ ڪم ڪندڙ سيڪيورٽي جي ادارن ان رپورٽ کي بي بنياد ۽ وسيع پروپئگنڊا جو حصو قرار ڏنو آهي.

پاڪستاني فوج جي سربراهه جنرل اشفاق پرويز ڪياني پڻ پنهنجي بلوچستان جي دوري دوران هڪ دفعو ٻيهر اهڙين خبرن ۽ رپورٽ جي ترديد ڪئي آهي. جنرل ڪياني ڪوئيٽا جي دوري دوران ڇانوڻي ۾ گيريزن اسپورٽس ڪامپليڪس جي افتتاح بعد صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته بلوچ مزاحتڪارن کي سياسي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، خاص ڪري بلوچستان ۾ موجود چونڊيل حڪومت سان. صحافين طرفان پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جو چوڻ هيو ته، مزاحمتڪارن ۽ چونڊيل حڪومت وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ فوج جي موجودگي ضروري نه آهي ۽ ان جو سٺو اثر نه پوندو. ان موقعي ته آرمي چيف ٻه ڀيرا ان ڳالهه کي ورجايو ته بلوچسستان ۾ ملندڙ چچريل لاشن جو آرمي يا ان جي لاڳاپيل ڳجهن ادارن سان ڪو به تعلق نه آهي. سندس موجب صوبي ۾ امن امان قائم ڪرڻ صوبائي حڪومت جو ڪم آهي ۽ آرمي فقط مدد لاءِ صوبي ۾ موجود آهي. ان کان اڳ ڪوئيٽا ۾ سدرن ڪمانڊ جي ڪور ڪمانڊر جنرل جاويد ضيا پڻ بلوچستان مان گوليون لڳل لاشن بابت هڪ بيان ۾ اهو چئي چڪو آهي ته ان سان آرمي جو ڪو به تعلق نه آهي۽ اهڙي صورتحال جاري رهي ته بلوچستان ۾ علحدگي جا جذبا وڌيڪ ڀڙڪي اٿندا.

جيستائين صوبي ۾ امن امان قائم ڪرڻ جي ذميواري ۽ صوبائي حڪومت جي صلاحيتن جو سوال آهي ته گذريل ٽن چئن سالن کان لاڳيتو ٿيندڙ اهڙن واقعن مان ثابت ٿيو آهي ته صوبائي حڪومت اهڙا واقعا روڪڻ ۽ هڪ اهڙو صوبو جتي علحدگي جي تحريڪ هلي رهي هجي حالتن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. تازن واقعن، خاص طرح وڏي وزير جي ڪٽنب تي ٿيل حملي ۽ هڪ سال اندر لاڳيتو سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي ملندڙ لاشن مان اهو نظر اچي رهيو آهي ته صوبائي حڪومت ڪوئيٽا جي زرغون روڊ تي محصور ٿيل آهي. وڏي وزير سميت اڪثر وزير پنهنجي ذاتي حفاظت لاءِ سوين گارڊ گڏ کڻي هلن ٿا ۽ سيڪيورٽي جي ان صورتحال ۾ ڪوئيٽا کان ٻاهر ملڪ جي ٻين شهرن ۾ رهڻ کي ترجيح ڏين ٿا. اهو ئي سبب آهي ته بلوچستان جي وڏي وزير ۽ گورنر مٿان اڪثر اسلام آباد ۾ رهڻ واري تنقيد ٿيندي رهندي آهي.

بلوچستان ۾ ٿيندڙ واقعن سان گڏ هڪ دفعو ٻيهر بلوچستان ۾ انساني حقن جي صورتحال وارو سوال بين الاقوامي سطح تي بحث هيٺ اچي رهيو آهي. هيومين رائيٽس واچ جي رپورٽ کي مثال بڻائيندي، لنڊن ۾ چونڊ بلوچ قومپرست تنظيمن ۽ سنڌين جي تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيو ويو، جنهن ۾ بين الاقوامي برادري ۽ خاص ڪري آمريڪا کان بلوچستان ۽ سنڌ ۾ انهن واقعن جو نوٽيس وٺڻ جي گهر ڪئي ويئي آهي. انهن تنظيمن طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ اهو پڻ ڄاڻايو آهي ته اهڙي اپيل تي مشتمل هڪ خط آمريڪي صدر اوباما ۽ هيلري ڪلنٽن ڏانهن پڻ اماڻيو ويو آهي. پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ موجوده لاڳاپن جي نوعيت کي نظر ۾ رکندي آمريڪا ان قسم جي اپيلن ۽ ننڍين قومن طرفان دادرسي وارين درخواستن تي پاڪستان سان ڇا ڳالهه ٻولهه ڪندو، ان تي ڪجهه به نه ٿو چئي سگهجي. پر هڪ ڳالهه واضح آهي ته بلوچستان ۾ ٻرندڙ باهه انهي خطرناڪ هنڌ ڏانهن وڌي رهي آهي، جتي اها باهه جيڪڏهن عالمي ڀڙ سان گڏجي ويئي ته بلوچستان ۾ حڪومت لاءِ روايتي انداز ۾ معاملا حل ڪرڻ وارو موقعو هميشھ لاءِ ختم ٿي سگهي ٿو. ڇو ته هن وقت به چونڊيل جمهوري حڪومت لاءِ بلوچستان ۾ ڳالهين ذريعي مسئلي جي حل لاءِ تمام ٿورا آپشن موجود آهن ۽ پر تشدد واقعا انهن آپشنز کي اڃا وڌيڪ محدود بڻائي سگهن ٿا.

 

جاويد لانگاهه

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو