Home / افيئر / !بلوچستان ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون
above article banner

!بلوچستان ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون

بلوچستان ۾ آئين ۽ قانون کان مٿاهيون گرفتاريون، گمشدگيون، گولين سان پروڻ ٿيل لاش ۽ امن امان جي صورتحال بابت هيومن رائيٽس آف پاڪستان طرفان ويجهڙ ۾ جاري ڪيل رپورٽ ڪافي هلچل مچائي ڇڏي آهي. اسلام آباد ۾ بلوچستان صورتحال بابت رپورٽ جاري ڪرڻ مهل ڪميشن جي ميمبرن چيو ته بلوچستان ۾ هن وقت سڀ کان وڌيڪ نوجوانن کي نشانو بڻايو پيو وڃي. بلوچستان بابت فيصلا هاڻي فوج يا ان جا ذيلي ادارا ڪن ٿا. سياسي، ترقياتي يا سيڪيورٽي مسئلو، هر مامري ۾ اسٽبلشمينٽ مداخلت ڪري ٿي.

سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر عاصمه جهانگير، ڪميشن جي سربراهه زهره يوسف، حنا جيلاني ۽ آءِ اي رحمٰن اسلام آباد ۾ تفصيل ٻڌائيندي وڌيڪ چيو ته سياسي قوتون پنهنجي ذميوارين کان پوئتي هٽي ويون آهن، ان ڪري اسان جي نظر ۾ اهي به ذميوار آهن. ڪميشن جي سربراهه زهره يوسف جو چوڻ هو ته لاپتا ماڻهن جا جيڪي عزيز اسان سان ملڻ آيا. سندن مهيا ڪيل ڄاڻ موجب اسان جو مطالبو آهي ته بلوچستان بابت مستقل انڪوائري ڪميشن ٺاهي وڃي جيڪا شاهدن کي مڪمل تحفظ ۽ رسائي مهيا ڪري.

حنا جيلاني جو چوڻ هو ته بلوچستان ۾ ايف سي اهلڪار ايئن ويٺا آهن جيئن فوج ڪنهن علائقي تي قبضو ڪري ويهندي آهي، ۽ پوءِ اها علائقي جي رهواسين سان ڳالهه ٻولهه به ناهي ڪندي. انهن ٻڌايو ته صوبي ۾ خوف ۽ هراس جو اهو عالم آهي جو ماڻهو سچ ڳالهائڻ کان به لنوائن ٿا ڇو ته هيلتائين جنهن به ظلم ۽ بيداد بابت زبان کولي آهي ان کي موت جو کاڄ بڻايو ويو آهي.

ڪميشن جي سيڪريٽري جنرل آءِ اي رحمٰن جو چوڻ هو ته بلوچستان ۾ ماڻهن کي پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿارڻ لاءِ رات جي اونداهي جوسهارو وٺڻو پوي ٿو. بلوچستان جي صورتحال مڪمل طور خراب ٿي چڪي آهي ۽ هاڻي اهو نه سمجهڻ گهرجي ته هي رڳو امن جو مسئلو آهي. اهو هڪ سياسي مسئلو آهي، جنهن جو سياسي حل نڪرڻ گهرجي جيڪڏهن ان جو سياسي حل نه نڪتو ته اسان سڀ ذميوار هونداسين. عاصمه جهانگير جو چوڻ هو ته جڏهن ڪنهن واقعي جي ايف آءِ آر درج ٿئي ٿي ته ان ۾ ايف سي اهلڪارن جو نالو ورتو وڃي ٿو. جيڪڏهن اهي نالا وري وري سامهون اچي رهيا آهن ته پوءِ حڪومت کانئن پڇا ڳاڇا ڇو نٿي ڪري.

زهره يوسف جو اهو پڻ چوڻ هو ته بلوچستان ۾ قومپرست ڌرين ۽ وڪيلن سان ميل ملاقات کانپوءِ معلوم ٿيو ته ظلم ۽ بيداد کان متاثر ماڻهن جو انگ هزارن ۾ آهي، ليڪن رپورٽ ۾ رڳو انهن ماڻهن جو ذڪر ڪيو ويو آهي جن جي معاملن جي تصديق ايڇ آر سي پي ڪري سگهي ٿي.

ڪميشن جوچوڻ آهي ته تصديق ٿيل معلومات موجب رڳو خضدار ضلعي ۾ هڪ سال اندر 33 اهڙا لاش مليا آهن جن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. ان کانسواءِ گذريل هڪ سال ۾ هيلتائين وڌيڪ 144 ماڻهو لاپتا ٿي چڪا آهن. زهره يوسف وڌيڪ چيو ته بلوچستان ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي ايتري وڏ ي پئماني تي ٿي رهي آهي جو اسان کانسواءِ ايمنٽسي انٽرنيشنل ۽ پئرس ۾ موجود نيشنل فيڊريشن فار هيومن رائيٽس جهڙيون بين الاقوامي تنظيمن به ان معاملي تي نظر رکيو ٿيون اچن.

ڪميشن بلوچستان ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ماڻهن جي گمشدگي سان گڏ جنهن اهم پهلو جي نشاندهي ڪئي آهي ان ۾ مذهبي ۽ لساني اقليتن کي درپيش خطرا به شامل آهن آءِ اي رحمٰن جو چوڻ آهي ته سڀ اقليتون نشاني تي آهن. زهره يوسف جو چوڻ هو ته هندو ڪميونٽي سان تعلق رکندڙ ماڻهن جو چوڻ آهي ته جيستائين نواب اڪبر بگٽي زندهه هيو، تيستائين اهي بلوچستان ۾ ڪڏهن به غير محفوظ نه هئا.

بلوچ قومپرست سياسي اڳواڻن انساني حقن جي ڪميشن جي بلوچستان صورتحال بابت ڏنل رپورٽ کي اهم اڳڀرائي قرار ڏيندي چيو آهي ته ان کي مڪمل سچ ته نٿو چئي سگهجي ليڪن هاڻوڪي صورتحال ۾ اها هڪ مثبت ڪوشش ضرور آهي.

بلوچستان نيشنل پارٽي جي اڳواڻ سردار اختر جان مينگل جو چوڻ هو ته بلوچستان ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين سبب بلوچستان جي صورتحال انتهائي ڀيانڪ ٿي چڪي آهي. انساني حقن جي ڀڃڪڙين بابت انساني حقن جي ڪميشن جي رپورٽ هڪ مثبت ڪوشش آهي. ليڪن ايڇ آر سي پي بلوچستان جي ڪافي ضلعن ۾ پهچي به نه سگهي هوندي، جيترو ڪجهه ٻڌايو ويو آهي بلوچستان جون حالتون ان کان به ڀيانڪ آهن. سياسي سرگرمين تي پابندي آهي، ماڻهن کي خوف ۽ عدم تحفظ ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي. بلوچ شاگرد پنهنجي تعليمي ادارن ۾ نٿا وڃي سگهن ڇاڪاڻ جو تعليمي ادارن ۾ به ايف سي جو عمل دخل آهي. اهي اسان جي شاگردن کي اتان کڻي غائب ڪري ٿا ڇڏين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نه رڳو ملڪي سياسي پارٽين بلڪه ميڊيا به بلوچستان کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ ڪجهه ٿئي ٿو ته ميڊيا وڏي واويلا ڪري ٿي ليڪن بلوچستان مان ملندڙ لاشن تي ميڊيا جا چپ سبيل آهن. هن جو اهو به چوڻ هو ته سياسي جماعتن کي بلوچستان سان ڪو سروڪار ناهي، اهي جڏهن مخالف ڌر ۾ هونديون آهن ته انهن کي بلوچستان ۾ ظلم ۽ زيادتيون نظر اينديون آهن. بلوچستان سان ظلم ۽ بيداد بابت رپورٽون مرتب ڪرڻ ڪافي ناهي، عملي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي جنهن لاءِ سنجيدگيءَ جو مظاهرو نه ڪيو ويو آهي.

پرڏيهه ۾ موجود بلوچ قومپرست اڳواڻ حير بيار مري جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي حوالي سان هيومن رائٽس ڪميشن طرفان عملي طرح سڀ انتظام فوج حوالي هجڻ جو اشارو درست ڊائريڪشن آهي. بلوچستان ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون انتها تي پهچي چڪيون آهن. هن اهو به چيو ته ايڇ آر سي پي ظلم جو شڪار فقط 5 سيڪڙو ماڻهن تائين پهچي سگهي هوندي 95 سيڪڙو ماڻهو اڃا به اهڙا آهن جن تائين انساني حقن جي ادارن جي رسائي ناهي. هن جو اهو به موقف آهي ته بلوچستان هڪ صوبو بو نه پر رياست آهي. اهو نُڪتو انساني حقن جي اداري طرفان ناهي کنيو ويو جيڪو افسوس جوڳو آهي. رياستي ادارا بلوچن جي نسل ڪشي ۾ رڌل آهن ۽ انهن مان اسان کي ڪنهن به خير جي توقع ناهي. اهوئي سبب آهي جو اسان انساني حقن جي ڀڃڪڙين بابت عالمي فورمن تي آواز اٿاريو آهي، جنهن ۾ ڪامياب پڻ ٿيا آهيون.

بلوچ نيشنل وائس نالي تنظيم جي ترجمان جو چوڻ آهي ته گذريل ڇهن مهينن دوران ٽي سو ماڻهن جي اغوا جا تفصيل وٽن موجود آهن. انهن 2005 ۾ ڪاهان ۾ فوجي ڪاروائي ۾ لاپتا ٿيندڙ مري بلوچن بابت لب ڪشائي نه ڪرڻ جي به شڪايت ڪئي. ترجمان چواڻي هڪ سگهاري ادري کي لغام ڏيڻ جي ضرورت آهي ۽ بلوچستان جي صورتحال جو گڏيل قومن کي پڻ نوٽيس وٺڻ گهرجي. وائس فار بلوچ مسنگ پرسنس جي چيئرمين نصراللٰھ بلوچ رپورٽ بابت شڪايت ڪندي چيو ته ايڇ آر سي پي جو مشن جڏهن ڪوئيٽا آيو ته هن کين لاپته ماڻهن جي مسئلي تي قائم احتجاجي ڪئمپ جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني ليڪن مشن کيس ايم پي اي هاسٽل اچڻ جو چيو، اهڙي صورتحال م رپورٽ جي صحت بابت سوال اٿاري سگهجن ٿا.

بلوچ ري پبلڪن پارٽي جي مرڪزي ترجمان شير محمد بگٽي جو چوڻ هو ته بلوچستان ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي ۽ پائمالي جي سنگين صورتحال بابت انساني حقن جي ڪميشن جي رپورٽ هڪ حد تائين قابل تحسين آهي، پر صورتحال ان کان وڌيڪ ڀيانڪ آهي. پوءِ به اسان ان جي آجيان ٿا ڪريون. خاص طور جيڪو اهو چيو ويو آهي ته بلوچستان ۾ عملي طرح انتظام فوج حوالي آهي، اها ڳالهه اسان ورهين کان چوندا پيا اچون پر ڪو به اسان جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو.

ٻئي طرف وري بلوچستان حڪومت انساني حقن جي ڪميشن جي جاري ڪيل رپورٽ کي رد ڪندي چيو آهي ته ڪجهه ادارن طرفان اختيارن جي ناجائز استعمال جون شڪايتون پراڻيون آهن. مذڪوره رپورٽ جو بنياد حقيقتن تي ٻڌل ناهي بلڪه افواهن ۽ مفروضن تي مشتمل آهي. حڪومتي ترجمان چواڻي حڪومت کي نا اهل چوڻ درست ناهي ڇو ته اڳوڻي دور ۾ لسٻيلي ۽ گوادر ۾ بحريه ۽ ايئر فورس کي الاٽ ڪيل زمينون واپس ڪرائڻ ۽ اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبي کي جائز حصو ڏيارڻ هاڻوڪي بلوچستان حڪومت جي بالغ نظري ۽ سياسي بصيرت جو مظهر آهي.

بلوچستان حڪومت انساني حقن جي تنظيمن کي دعوت ڏني آهي ته هي جيڪڏهن صحيح تجزئي لاءِ بلوچستان اچڻ چاهين ٿا ته کين ڀليڪار چيو ويندو. حڪومت لاپتا ماڻهن، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ مسخ ٿيل لاشن بابت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اها ان مسئلي کي حل ڪرڻ جون ڪوششون جاري رکندي. ليڪن اها ڳالهه به قابل ذڪر آهي ته وڏي وزير نواب اسلم رئيساڻي ٻيهر به چيو آهي ته هو ناراض بلوچ ڀائرن کي ڳالهين جي دعوت ڏيندو رهندو، اهي ٻڌي ٻڌي ٿڪي پوندا مان چوندي نه ٿڪبس.

حقيقت ۾ بلوچستان جي وڏي وزير طرفان ڳالهين جي دعوت ۾ مفاهمتي سياست جون دعوائون رڳو اخباري سرخين تائين محدود آهن. ڇو ته خود وزير اعليٰ نواب رئيساڻي ان ڳالهه جو اعتراف ڪري چڪو آهي ته وٽس عسڪريت پسندن سان ڳالهين جو مئنڊيٽ ناهي. بلوچستان ۾ ڪم ڪندڙ سياسي حڪومت جو رد عمل پنهنجي جاءِ تي ليڪن ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته بلوچستان ۾ خوف ۽ دهشت ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿي وٺي.

 

 


 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو