Home / افيئر / !ٻوڏ جو ڊپ: عوام جو ساهه مٺ ۾
above article banner

!ٻوڏ جو ڊپ: عوام جو ساهه مٺ ۾

سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته “وکر سو وهاءِ جو پئي پراڻو نه ٿئي.” آبپاشيءَ جي ڪجهه اڳوڻن ڪامورن، تر جي پرتن مڙسن ۽ درياهه بادشاهه تي ورهين جا ورهيه ٻيڙين ۾ گذاريندڙ ملاحن ۽ آبپاشي کاتي ۾ ڪم ڪندڙ هيٺين عهدن تي ۽ پاڻيءَ جي وهڪرن کي ويجهو ڏسندڙن کي اڃا تائين اهو اعتبار ڪو نه ٿو اچي ته ڇا واقعي اڳوڻي ٻوڏ کانپوءِ، ٽٽل بندن، ڀڳل واهن ۽ واهڙن تي ٿيل ڪم ايندڙ وقت جي درياهه بادشاهه ۾ ايندڙ وڏن وهڪرن کي منهن ڏئي سگهندا يا نه؟

اڳيئن سال جي ٻوڏ ملڪ ۾ ته تباهي آندي پر ان ۾ سنڌ سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿي ۽ لکين گهر ڌڻي اک ڇنڀ ۾ بي گهر ٿي وڃي ڪئمپن ۾ ويٺا، جنهن جا پوءِ جا نتيجا اسان جي سامهون آهن. ٻيوته ٺهيو، ماڻهن ۾ نفسياتي بيمارين جنم ورتو ۽ ان سڄي پس منظر ۾ ايشيا جي سڀ کان وڏي آبپاشي نظام کي به ڪاپاري ڌڪ لڳو.

زراعت سان لاڳاپيل سنڌ آبادگار بورڊ جي مرڪزي وائيس چيئرمين گدا حسين مهيسر چواڻي ته آبادگار ان خوف ۾ ساريال جي فصل ڪرڻ کان لنوائي رهيا آهن ته خدا خير ڪري ته ڇا وري سندن طرفان تيار ڪيل فصل، هنن جي گهرن وانگر لڙهي ويندا ۽ هو بي يارو مددگار وڃي ڪئمپن ۾ رهندا. اها ڪا عام ڳالهه نه آهي ڇو ته ان سان سنڌ ۽ ملڪ جي معيشت کانسواءِ عام ماڻهوءَ جي رهڻي ڪهڻي واڳيل آهي. جنهن لاءِ وقت جي حاڪمن تي اهو لاڳو ٿو ٿئي ته اهي اهڙن حالتن ۾ رعيت جي پرگهور لهن ۽ جي انهن کي حالتن جي حوالي ڪيو ويو ته پوءِ قوم ڪاڏي ويندي. هڪ اطلاع مطابق اهڙيون حالتون نه به ڏسي رهي آهي جو اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان روزانو ٻن کان ٽي ارب نوان نوٽ ڇاپي رهي آهي.

سنڌ حڪومت عاومي دٻاءَ ۽ ميڊيا جي مسلسل تنقيد کانپوءِ مشهور آبپاشي ماهر ادريس راجپوت جون خدمتون حاصل ڪيون ۽ گهڻي هڻ هڻان ۽ مٿي ماريءَ کانپوءِ سنڌ صوبي ۾ 41 اسڪيمون منظور ڪيون ويون ته انهن تي ڪنهن به حالت ۾ ڪم ڪرائي جو ايندڙ ٻوڏ جي امڪاني صورتحال کي منهن ڏئي سگهجي. راجپوت پنهنجي ٽيم ٺاهي ۽ ڪم شروع ڪرايا ۽ هلندڙ ڪمن دوران هن کي جيڪڏهن ڪو عملدار (پنهنجي ٽيم مان) نه وڻيو (ڪم جي حوالي سان) ته هن ان کي ڌار ڪري ڇڏيو ۽ هو هر پندرهين ڏينهن سرڪار کي ڪمن جي رپورٽ سان گڏ پنهنجون آبزرويشنز به ڏيندو رهيو، جنهن ۾ ان حد تائين جا اطلاع به آفيسر کي مليا جو آبپاشي عملدارن ۽ ٺيڪيدارن جي ملي ڀڳت جون ڳالهيون به سنڌ جي وزيراعليٰ تائين ڪنهن نه ڪنهن چئنل کان پهچايون ويون، پر ان تي ڪو به قدم نه کنيو ويو.

سوال اهو آهي ته اڌ سنڌ کي ٻوڙيندڙ ٽوڙهي بند تي اڄ سوڌو ڪم مڪمل نه ٿيو آهي ته پوءِ ٻين بندن جو حال ڇا ٿيندو؟ تازو ئي سنڌ جي قائم مقام گورنر نثار احمد کهڙي عاقل آگاڻي بند جي دوري دوران اهو چيو هو ته هي بند سنڌ آهي، هن کي ڪجهه ٿيو ته سنڌ کي نقصان ٿي سگهي ٿو.

تازو ئي عاقل آگاڻي بند تي سنڌ حڪومت جي آبپاشي کاتي طرفان هڪ تربيتي ورڪشاپ ڪرايو ويو، جنهن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ادريس راجپوت چيو ته هن حالتن پٽاندڙ وس آهر جيترو به سٺو ڪم ٿي سگهيو آهي اهو ڪرايو آهي ۽ چيو ته باوجود تاريخ پوري ٿيڻ جي 15 ڏينهن وڌايو ويو، پر صرف 2 ڪمن کي 15 جولاءِ تائين مڪمل ڪري سگهبو.

اسان کي پئسن جو ڪو به مسئلو نه آهي، ڇو ته سنڌ حڪومت 5 ارب رپيا مختص ڪيا ۽ انهن مان به ڪُل خرچ نه ٿي سگهيو آهي، پر ڪم مڪمل نه ٿيا اهن، باوجود جو پئسن جي هجڻ جي آخر ڀلا ڪهڙي اهڙي ڳالهه آهي جو وقت سر مڪمل نه ٿي سگهيا آهن، هي سڀ معاملا سنڌ حڪومت جي انهن اختيارين کي ٻڌايا ويا آهن ۽ چوڻ وارا چون ٿا ته ڪامورن ۽ ٺيڪيدارن تي ڪو به قدم نه کنيو ويو آهي، ڇا ان مان اها چئي سگهجي ٿو ته ٺيڪيدار ۽ عملدار هڪ ٻئي سان پئسن جي معاملن تي ٻٽ آهن.

سنڌ حڪومت کي آخري رپورٽ 16 جولاءِ تي موڪلي وئي آهي ۽ ان ۾ اهڙن مڙني مامرن طرف اشارن ۽ ڪناين ۾ ڳالهايو ويو آهي. آبپاشي کاتي جي هڪ اعليٰ عملدار “افيئر” کي ٻڌايو ته هنن ڪمن تي جيتوڻيڪ ٺيڪيدارن ۽ ڪامورن کان وڌ کان وڌ پڪ ورتي وئي ته “پئسو” ۽ ان جي چمڪ ڪمن تي اثرانداز نه ٿيندي، پر اها پڪ تمام جلد ختم ٿي وئي ۽ لوڻ پاڻي ۾ ڳري ويو.

نتيجو ڇا نڪتو جو ڪم وقت سر مڪمل ٿي نه سگهيا ۽ پوءِ سنڌ ۾ مشهور پهاڪي جيان “گدرو ڇريءَ تي ڪري يا ڇري گدري تي نقصان پوءِ به گدري جو ٿيندو.” ٺيڪيدار ۽ واسطيدار ڪامورا ڀلي پردي پويان ڪجهه به ڪن، پر نقصان ته عوام جو ٿيندو ۽ لٽيو سرڪار جو خزانو جيڪو عوام جي ٽيڪسن مان ڀرجي ٿو. موٽ ۾ سڀني جو ساهه مٺ ۾ ته ايندڙ ٻوڏ ۾ اسان جو ڇا ٿيندو ۽ بندن جو ڇا ٿيندو ۽ سنڌ بلوچستان ۾ ٿيندڙ 2.5 ملين ايڪڙ تي ٿيندڙ ساريال جي فصل جو ڇا ٿيندو. افسوس ته انهن سان ٺيڪيدار ۽ ڪامورن جو ڪجهه گهٽ ئي واسطو آهي.

هڪ پاسي اها صورتحال آهي ته ٻي طرف انهن 875 ميل ڊگهن بندن جي ڪنهن کي ڪا پرواهه نظر ڪو نه ٿي اچي جيڪي ورهين کان وٺي وساريل رهيا آهن ۽ انهن تي ڪا به نظرداري رهي ڪونهي حالانڪه هر سال سرڪار انهن جي سار سنڀال لاءِ ڪروڙين رپيا ڏيندي رهي آهي. لڳي ٿو ته پئسن سان راند ڪندڙن جو هاضمو درست ۽ آنڊو ڊگهو آهي، تنهن ڪري ڪجهه به ڪٿي به نظر ڪو نه ٿو اچي، باقي چوڻ وارا چون ٿا ته سنڌ ۾ لڳندڙ سي اين جي اسٽيشنس ۽ پيٽرول پمپن جي جاچ پڙتال ٿيڻ گهرجي ته “کير جو کير ۽ پاڻيءَ جو پاڻي” ٿي ويندو.

هڪ طرف اهڙي صورتحال آهي ته ٻئي طرف اهي اطلاع آهن ته گلوبل وارمنگ ۽ گليشيئرن جو جلدي ڳرڻ سنڌ ۾ ٻوڏن جو سبب ٿي سگهن ٿا، پر ان طرف خبر ناهي ڪو حڪومت جو ڌيان آهي يا اھي صرف هڪ ٽارگيٽ تي آهن ته سينيٽ ۾ ايندڙ چونڊون ڪيئن کٽبيون ۽ اهڙين تڪڙين تبديلين ڪري اهم کان اهم معاملي کي وساري نه ويهن.

ان ڳالهه مان عام ماڻهو به ڀلي ڀت ڄاڻي سگهندو ته جيترو جلدي ڪم شروع ڪبا، اوترو ئي جلدي ايندڙ حالتن کي منهن ڏئي سگهبو. اڳوڻي سيڪريٽري آبپاشي خادم ميمڻ چواڻي ته ڪرڻو اهو هوندو آهي ته جلد کان جلد نقصان جي حدن کي گهٽائي سگهجي. ڇا اسان سڀ ان لاءِ تيار آهيون يا نه؟ اهو سوال هر سنڌ جي رهواسيءَ لاءِ اهميت وارو آهي. اندازو لڳايو ته 25 مئي تي ناردن دادو ڊويزن وارا وڃي هيٺين بندن، باقراڻي، ڪاراڻي، حسن واهڻ، گاجي ديرو ۽ سيري بنگلا جيڪي لاڙڪاڻي ضلعي جي حدن ۾ اچي وڃن ٿا، انهن تي ڪم شروع ڪرائي سگهي آهي، جنهن لاءِ هڪ اطلاع مطابق سنڌ حڪومت 52 ملين رپيا مختص ڪيا آهن، يا وري آبپاشي کاتي گهريا آهن.

ڇا اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته کاتو وقت سر اهي اهم ڪم مڪمل ڪري وٺندو يا وري ٽڪو پنجو ڪري فائلن جا پيٽ ڀريا ويندا ۽ پوءِ انڌي جهڙي پيڪين تهڙي ساهورين جي مصداق ٻوڏ آئي ۽ پاڻ سان گڏ جيڪا تباهي آڻيندي (شل ايئن نه ٿئي) ان جو ذميوار ڪير هوندو. وري جلوس نڪرندا، ڪميشنون قائم ٿينديون، رپورٽون اينديون ۽ آخر ۾ سڀ تاريخ جو حصو ٿي ويندو ۽ اهي رپورٽون نيٺ هڪ ڏينهن اڏوهيءَ حوالي ٿي وينديون (جڏهن ڪڻڪ جي گودامن ۾ جيت کان بچاءَ جون دونهيون به نه دُکايون وينديون آهن ۽ موٽ ۾ ڪروڙن رپين جي ماليت جي ڪڻڪ ختم ٿي ويندي آهي) اهڙي طرح هي رپورٽون به اڻلڀ ٿي وينديون.

هڪ طرف آبپاشي کاتو پنهنجي ڪم ۾ مصروف آهي ته ٻئي طرف نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ۾ پنهنجي ڪم ۾ رڌل آهي جيڪا هن وقت لاڙڪاڻي – خيرپور پل ڀرسان ساڄي ڪپ تي ٺهندڙ SUPR (چيڪ) ۾ گائيڊ بئنڪ کي جيڪي گذريل ٻوڏ ۾ نقصان پهتو هيو ان کي ٺاهڻ ۽ مضبوط ڪرڻ ۾ مصروف آهي. گائيڊ بئنڪ تقريبن 2 ڪلوميٽر ڊگهي آهي، جيڪا پل ڀرسان وهڪرن کي ٻوڏ دوران خير خوابيءَ سان پاس ڪرڻو آهي. هن کي گذريل ٻوڏن ۾ ڪجهه نقصان پهتو هيو ۽ ان جو ڪجهه حصو درياهه ۾ لوڙهي ويو هيو.

هن ڪم لاءِ NHA هڪ پلان 4 بلين جو ٺاهيو ۽ اهو ئي منظور ٿيو آهي ۽ ان تي ڪم هلي رهيو آهي. پر NHA ۾ ويٺل ڪجهه ڪامورن جو چوڻ آهي ته هي ڪم پهرين آگسٽ کان اڳ مڪمل ٿي نه سگهندو. ان جا سبب ڄاڻائيندي اهو چيو ٿو وڃي ته حڪومت کان گهربل 200 ملين اڄ سوڌا اسپيشل گرانٽ طور ڪو نه مليا آهن ۽ مٿان سون تي سهاڳو ته ٺيڪيدارن جا NHA ڏانهن 1800 ملين رپيا رهتون آهن. اهي به بلڪل پڪا اطلاع آهن ته هن جڳهه تي ڪم بلڪل سست رفتاريءَ سان هلي رهيو آهي. جيڪڏهن ڪم جي رفتار ۽ فنڊن جي اچڻ جي رفتار اهڙي رهي ته پوءِ ڪهڙا ڪم مڪمل ٿيندا ۽ پوءِ هت رهندڙ آباديءَ جو ساهه مُٺ ۾ هوندو ۽ سرڪار ان ڳالهين ۾ پوري هوندي جو وتندي بيان تي بيان ڏيندي ته هت ته غلطي ٿي وئي ۽ پوءِ وري سنڌ جي وزيراعليٰ سائين قائم علي شاهه جو بيان (توريل تڪيل) ايندو ته “درياهه بادشاهه آهي” تنهن ڪري اسان کي ايئن چپ ڪري ناهي ويهڻو ته مٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ ڇو ته اهڙين روين ڪري هر ڪنهن کي سڀ ڪجهه ڦٻي ٿو وڃي ۽ اسان لاءِ ادي مئي ادو ڄائو اسان اهڙي جا اهڙا.

هن وقت سڀ کان وڏي ڳالهه ۽ وقت جي ڳالهه اها آهي ته اسان کي اکيون ناهن ٻوٽڻيون. ڇو ته ايئن ڪرڻ سان سڀ ڪنهن کي آزاد رستو ملي ٿو وڃي ۽ پوءِ جوکم کانسواءِ ڪجهه به پلئه ناهي پوندو. حڪومت کي کپي ته هنن اهم ڪمن لاءِ هڪدم فنڊ (دعويٰ مطابق) جلد مهيا ڪري ۽ اها به پڪ ڪري ته اُهي وقت سر ۽ صحيح طور تي استعمال ٿي سگهن ٿا ۽ انهن جو مقرر ڪيل لاڀ به حاصل ٿي سگهي. ان کانسواءِ ان ڳالهه تي به سرڪار کي نظر رکڻي پوندي ته ادريس راجپوت جيڪي ڳالهيون ڪري ٿو، انهن رپورٽن جي نظر قدم کنيا وڃن ۽ آئينده لاءِ اهڙا سڀ گرکا بند ٿيڻ گهرجن، جنهن مان سرڪاري خزانو وهي نه وڃي ۽ عوام کي ڪو به لاڀ حاصل نه ٿئي، ڇو ته آخر عوام ئي ته حڪمران آهي (هر پارٽي چواڻي) پوءِ ڀلي هجي يا نه، يا وري سدائين “ٻوهي” ۾ هجي.

 

 

ايم بي ڪلهوڙو

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو