Home / شوبز / !بالي ووڊ ۾ انٽري… وينا ملڪ جي حسرت پوري
above article banner

!بالي ووڊ ۾ انٽري… وينا ملڪ جي حسرت پوري

 

پنهنجين حرڪتن ۽ “بگ باس” شو ۾ ڀارتي اداڪار اشميت پٽيل سان قرب ڪهاڻين سبب پاڪستان ۾ خوارين جا کارا کڻندڙ اداڪاره وينا ملڪ نيٺ بالي ووڊ ۾ انٽري حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي. بالي ووڊ فلم هٿ ڪرڻ لاءِ وڏا وس ڪندڙ وينا ملڪ بالي ووڊ ۾ پنهنجي پهرين فلم “دال مين ڪڇ ڪالا هي” جي شوٽنگ شروع ڪري ڇڏي آهي. وينا ملڪ جي بالي ووڊ ۾ پهرين فلم جي ڪاسٽ ۾ راجا چوڌري ۽ وجي راز جهڙا غيرمقبول اداڪار جڏهن ته هڪ مشهور ڪاميڊين شڪتي ڪپور شامل آهن. ٻڌايو وڃي ٿو ته وينا ملڪ ان فلم ۾ ڊبل رول (ٻه ڪردار) ڪري رهي آهي. بالي ووڊ فلمن ۾ سائيڊ رول ڪندڙ اداڪاره آنند بلراج ڊائريڪٽر طور وينا ملڪ جي هن پهرين فلم تي تجربو ڪري رهيو آهي، پر پوءِ به وينا ملڪ بالي ووڊ ۾ هي هلڪي سلڪي فلم حاصل ڪرڻ تي ڏاڍي خوش آهي. ڏسجي ته غيرمقبول ڪاسٽ، ناتجربيڪار ڊائريڪٽر ۽ گهٽ بجيٽ سان ٺهندڙ هي فلم وينا ملڪ کي ڪاميابي ڏياري ٿي، يا هن فلم وسيلي وينا ملڪ جي بالي ووڊ ۾ انٽري حاصل ڪرڻ واري حسرت ئي پوري ٿئي ٿي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو