Home / افيئر / !برطانوي صحافتي سلطنت جو زوال
above article banner

!برطانوي صحافتي سلطنت جو زوال

برطانوي پرنٽ ميڊيا جنهن کي صحافت جي آزاديءَ جو گهوارو چيو ويندو آهي ۽ ان کي معتبر پڻ سمجهيو ويندو آهي ليڪن اڄ برطانوي صحافتي تاريخ جي اهم ٽيليفون هيڪ اسڪينڊل سبب نه رڳو برطانوي صحافت بلڪه برطانوي حڪومت به الزامن جي وڪڙ ۾ آهي. آسٽريليا ۾ جنم وٺندڙ ۽ هاڻي آمريڪي شهري رپرٽ مرڊاڪ جي اخباري گروپ “دي نيوز انٽرنيشنل” سان تعلق رکندڙ هفتيوار اخبار “نيوز آف دي ورلڊ” برطانيا جي سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اخبار آهي. اها اخبار دراصل خبرن جي اسڪوپ، سنسني خيزي ۽ اسڪينڊلن جي ڪري عالمي شهرت رکي ٿي. ان اخبار سان تعلق رکندڙ هڪ فرضي شيخ رپورٽر پاڪستاني ڪرڪيٽرن کي مئچ فڪسنگ ۾ ملوث ڏيکاريو هو.ذڪر هيٺ آيل اخبار جا اثر ۽ وسيلا لامحدود رهيا آهن. ڪجهه سال اڳ جڏهن نيوز آف ورلڊ تي سندس مد مقابل ڌرين سنگين الزام مڙهيا هئا ته انهن کي نظرانداز ڪندي ان کي اخبارن وچ ۾ ڪاروباري تڪرار قرار ڏنو ويو هو. جڏهن برطانوي صحافت ۾ رابرٽ ميڪسيويل ۽ رپرٽ مرڊاڪ جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جاري هئي ۽ ٻئي ديو قامت شخص پاڻ ۾ وڙهي رهيا هئا ۽ رابرٽ ميڪسيويل “نيوز آف ورلڊ” کي خريد ڪرڻ لاءِ هر حربو اختيار ڪيو هو. ان وقت سڄي دنيا ۾ رپرٽ مرڊاڪ جو وڏو حريف رابرٽ ميڪسيويل هو، جنهن جا دنيا جي حڪمرانن سان ويجها لاڳاپا هئا. سرد جنگ جي زماني ۾ اهو واشنگٽن، ڪريملن ۽ 10 ڊائوننگ اسٽريٽ جي وچ ۾ رابطن وارو ڪم ڪندو هو ۽ ڪريملن ۾ برزنيف ساڻس سڌي ريت رابطي ۾ هو.

ياد رهي ته تڏهوڪي روسي ڪميونسٽ پارٽي جي ترجمان اخبار “پراودا” رابرٽ ميڪسيويل جي برزنيف سان گڏ تصوير شايع ڪئي هئي. رابرٽ ميڪسيويل جا اسرائيل سان گهرا رابطا هئا. جڏهن آمريڪي صحافي سيموئر هرش پنهنجي ڪتاب ۾ رابرٽ ميڪسيويل کي اسرائيلي سيڪريٽ سروس موساد جو ايجنٽ قرار ڏنو هو ان کانپوءِ رابرٽ ميڪسيوئل جي ڪاروباري مخالفن کي سندس چوطرف گهيرو تنگ ڪرڻ جو موقعو ملي ويو هو. ان کان گهڻو پوءِ رابرٽ ميڪسيويل جيڪو برطانوي صحافت جوطاقتور ڪردار هو، اهو پراسرار موت جو شڪار ٿي ويو. ان جي گهر ڀاتين ۽ ويجهن حلقن جو خيال هو ته رابرٽ ميڪسيويل کي قتل ڪيو ويو هو. بعد ۾ رپرٽ مرڊاڪ کي برطانوي صحافت ۾ اهميت حاصل ٿي وئي.

اسڪاءِ ٽي وي کانپوءِ آمريڪي فوڪس نيوز جي حصول ۽ پنهنجي اخبارن ۽ پبلشنگ جي ادارن وسيلي هن پنهنجي اخباري سلطنت لاءِ بي تاج بادشاهه واري حيثيت اختيار ڪري ورتي ۽ کيس اولهه جي صحافت جي سي اين اين جي مالڪ ٽيڊٽرنر جهڙو طاقتور ڪردار تسليم ڪيو ويو. ڪيمبرج يونيورسٽي برطانيا جي هڪ پي ايڇ ڊي سطح جي تحقيق ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته روسي ڪميونسٽ سلطنت جي زوال ۾ سڀ کان اهم ڪردار سي اين اين جي مالڪ ٽيڊٽرنر ۽ رپرٽ مرڊاڪ جو هو. ٻنهي جي ڪري ديوار برلن ڊهي پئي ڇو ته ٻنهي پنهنجي ميڊيا پاور ذريعي ڪميونسٽ حڪومتن جي اثر هيٺ عوام کي اصل حقيقت کان آگاهه ڪيو هو. رپرٽ مرڊاڪ آمريڪي سياست سان گڏ برطانيا جي سياست تي به اثرانداز ٿيندو رهيو آهي. رپرٽ مرڊاڪ برطانيا مان جهجها ڏوڪڙ ڪمائي ٿو پرٽئڪس ادا ناهي ڪندو.

20 مارچ 1999ع جي اڪنامسٽ لنڊن موجب رپرٽ مرڊاڪ جي نيوز ڪارپوريشن برطانيا ۾ 1987 کان 1999 تائين 2.3 بلين ڊالرن جو نفعو ڪمايو هو، ليڪن ٽيڪس ادا نه ڪيو هو. رپرٽ مرڊاڪ پنهنجي ميڊيا سلطنت کي پنهنجي ڪاروباري ۽ معاشي مفادن لاءِ استعمال ڪندو هو. چين جي وڌندڙ مارڪيٽ ۽ عالمي اقتصادي پوزيشن تي به سندس نظر آهي. 1994ع ۾ رپرٽ مرڊاڪ پنهنجي ايشين اسٽار سيٽيلائيت تان بي بي سي ورلڊکي به ڊراپ ڪرايو هو. ڇو ته ان وقت بي بي سي چين ۾ جمهوريت جي حق ۾ ٿيندڙ تيان مِن اسڪوائر جي خوني فسادن جي ڪوريج ڪري رهي هئي. اهڙي ريت 1998ع ۾ رپرٽ مرڊاڪ جي پبلشنگ اداري هانگ ڪانگ جي آخري برطانوي گورنر Chris Patten جي يادگيرين تي ٻڌل ڪتاب جي ڇپائي روڪرائي هئي، ڇاڪاڻ جو چيني حڪومت کي ڪتاب جي مواد تي تحفظات هئا. رپرٽ مرڊاڪ هن وقت به برطانوي صحافت جو مک مرڪز سمجهيو ويندو آهي ۽ برطانوي حڪومت ۾ اثر رسوخ رکي ٿو . ليڪن کيس ڪافي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

2007ع ۾ جڏهن دي نيوزآف ورلڊ جي شاهي ڪٽنب جي رپورٽنگ ڪندڙ Clive Goodman کي 2007 ۾ پرنس وليم ۽ هيري جا فون رڪارڊ ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو هو ته ان کانپوءِ دي نيوز آف ورلڊ تي اسڪينڊل صحافت ڪرڻ جا الزام مڙهيا ويا هئا.

2007ع ۾ هڪ پرائيوٽ انوسيٽيگيٽر Glenn Muleaire کي به گرفتار ڪيو ويو هو. ڪلائيو گوڊ مين برطانيا جي هڪ اخبار ڊيلي اسٽار ۾ فري لانسر جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو هو. ان کي هاڻي وري ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ ڊيلي اسٽار تي پوليس ڇاپو هڻي سندس ڪمپيوٽر ۽ ذاتي سامان تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. اسڪاٽ لينڊ جي عملدارن به تسليم ڪيو آهي ته دي نيوز آف ورلڊ تقريباََ چار هزار اهم ماڻهن جا ٽيليفون هيڪ ڪري رهي هئي. گارجين ۽ ٻين اخبارن دي نيوز آف ورلڊ خلاف لڳاتار مواد ڇاپي پنهنجي وڏي حريف اخبار بند ڪرڻ تي مرڊاڪ کي اعلان ڪرڻ تي مجبور ڪيو.

دي نيوز آف ورلڊ جي تاريخ نهايت پراڻي آهي. برطانوي صحافت ۾ مذڪوره اخبار کي معتبر حيثيت حاصل هئي. اها اخبار 68 ورهين کان شايع ٿي رهي هئي ۽ برطانيا جي سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اخبار سمجهي ويندي هئي. انهي اخبار جو پهريو شمارو 1843ع ۾ شايع ٿيو هو ۽ آخري شمارو 10 جولاءِ 2011 تي شايع ٿيو جنهن جي سرخي هن ريت هئي Thank you and Good bye.

اخبار جي آخري ايڊيٽر Colin myfer پنهنجي ٽيم جي پيشيوارڻي ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي ته 168 ورهين کانپوءِ 7.5 ملين پنهنجن پڙهندڙن کي ڏک وچان الوداع چئي رهيا آهيون. رپرٽ مرڊاڪ 2001 ۾ ٽوني بليئر کي چونڊرائڻ ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪيو هو. جنهن ڪري ٽوني بليئر حڪومت ٽيليڪميونيڪيشن بل برطانوي پارليامينٽ مان منظور ڪرايو هو، ان ڪارڻ ئي برطانيا ۾ غير ملڪين کي ڪافي سهولتون ميسر ٿي سگهيون هيون. برطانيا جي هاڻوڪي وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرون جي اڳوڻي ميڊيا ايڊوائزر ۽ دي نيوز آف ورلڊ جي اڳوڻي ايڊيٽر جي گرفتاري کانپوءِ اهو بحران اڃا وڌي ويو هو. Andycoulson گذريل سال ڊيوڊ ڪيمرون جي مخلوط حڪومت ۾ ڊائريڪٽر آف ڪميونيڪيشن هو. برطانوي وزيراعظم سندس مقرري جي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي، ليڪن برطانوي مخالف ڌر ان سڄي اسڪينڊل جي منصفاڻي جاچ جو مطالبو ڪري رهي آهي.

رپرٽ مرڊاڪ هن وقت وچ اوڀر جي سياسيت ۾ گهري دلچسپي وٺي رهيو آهي ۽ اسرائيلي قيادت ساڻس رابطي ۾ آهي. ڪجهه سال اڳ هن ڀارت جو پڻ دورو ڪيو هو. ڀارت ۾ به پنهنجي ميڊيا جو ڪاروبار ڦهلائڻ چاهي ٿو. چيو وڃي ٿو ته دي نيوز آف ورلڊ تي پابندي جو فيصلو برطانوي عوام ۽ حڪومت جي دٻاءَ جو نتيجو آهي. هن وقت برطانيا جي هڪ ڪمپني BSKYB جي 39 سيڪڙو شيئرز رپرٽ مرڊاڪ وٽ آهن ۽ هو ان ڪمپني جا 100 سيڪڙو شيئرز خريد ڪري مالڪ ٿيڻ چاهي ٿو. هن جا سمورا حريف سندس اهڙي سودي جي خلاف آهن.سوشل ميڊيا جي ڪري هڪ لک پنجاهه هزار ماڻهن هن ڪمپني کي رپرٽ مرڊاڪ حوالي ڪرڻ بابت اعتراض واريا آهن. اعتراض ڪندڙن جو دليل آهي ته آسٽريليا ۾ پيدا ٿيندڙ ۽ هاڻي آمريڪي شهريءَ کي اهو اختيار ڪيئن ڏئي سگهجي ٿو ته هو برطانوي ڪمپني جا 100 سيڪڙو شيئرز حاصل ڪري برطانوي عوام جي شهه رڳ تي قابض ٿي وڃي. جڏهن ته هو برطانوي ٽئڪس به ادا نٿو ڪري. برطانوي صحافتي حلقن جو چوڻ آهي ته دي نيوز آف ورلڊ تي پابندي سان رپرٽ مراڊڪ جي زرد صحافت جو چهرو بي نقاب ٿيو آهي ۽ اهو ثابت پڻ ٿيو آهي ته مذڪوره اخبار غيرقانوني طور تي هزارين ٽيليفون هيڪ ڪري رهي هئي ۽ اخبار کي بليڪ ميلنگ جي هٿيار طور استعمال ڪيو پئي ويو.رپرٽ مرڊاڪ جو پٽ جيمز مرڊاڪ به دفاعي پاليسي اختيار ڪئي آهي.هن ئي دي نيوز آف ورلڊ بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. هن اهو پڻ تسليم ڪيو هو ته دي نيوز آف ورلڊ جي عملي کان ڪافي غلطيون ٿيون آهن. واضح رهي ته مذڪوره اخبار جو آخري ايڊيٽوريل به ڏاڍو دلچسپ ۽ معنيٰ خيز هو، جنهن جو عنوان هو ته Quite simply we lost our way جنهن وقت ان اخبار جو پهريون شمارو شايع ٿيو هو تڏهن ان جي لوگو تي سچ نشانبر ڪندڙ هي سلوگن لکيل هئا.

Our moto is the truth, our practice is fear less advance the truth ليڪن رپرٽ مرڊاڪ جي ڪمپني نيوز آف ورلڊ کي پنهنجي ڪاروباري مقصد ۽ عالمي سياسي ايجنڊا لاءِ استعمال ڪيو جنهن ڪري اها تاريخي اخبار نيٺ بند ٿي وئي، حالانڪه اخبار مالي لحاظ کان خساري ۾ نه هئي.

جيتوڻيڪ سيٽلائيٽ براڊ ڪاسٽ ڪمپني BSKYD حاصل ڪري رپرٽ مرڊاڪ اسڪائي ٽي وي فون ۽ براڊ بينڊ سروسز حاصل ڪري برطانيا جي طاقتور ترين ميڊيا سلطنت قائم ڪرڻ جي منصوبي تي عمل پيرا آهي، ليڪن برطانوي وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرون جو چوڻ آهي ته دي نيوز آف رولڊ جي بند ٿيڻ باوجود پوليس جي جاچ جاري رهندي ۽ حقيقتن جو سراغ لڳايو ويندو، برطانوي مخالف ڌر به ان سلسلي ۾ حڪومت تي لڳاتار دٻاءُ وجهي رهي آهي.

هڪ بنيادي سوال اهو به اڳيان آيو آهي ته ان حوالي سان پوليس جي سست رفتاري جو آخر ذميوار ڪير هو؟ ۽ پوليس ٽيليفون هيڪنگ جي شڪايت تي فوري طور ازالي لاءِ حڪم جاري ڇو نه ڪيا؟ برطانيا جي باخبر صحافي حقلن جو چوڻ آهي ته ميڊيا ڪمپنين جي اثر رسوخ ۽ رابطن ڪري پوليس جاچ ۾ ديرڪئي ۽ اهو بحران وڌيڪ شديد ٿي ويو. برطانيا جي هڪ انگريزي اخبار جي مالڪ (Evgeny lebedeve ) جيڪو روس ۽ برطانيا جي شهريت رکندو هو، هن جو والد ڪي جي بي جو آفيسر پڻ رهي چڪو آهي. هن پڻ گارجين ۾ شايع ٿيندڙ پنهنجي مضمون ۾ هن اسڪينڊل کي برطانوي صحافت لاءِ شرمناڪ قرار ڏيندي لکيو آهي ته صحافت جي آزادي لاءِ مضبوط، طاقتور، سول سوسائٽي جي جوڙجڪ لازمي عنصر آهي ۽ ان لاءِ صحافت جي اعليٰ اصولن تي عمل درآمد ضروري آهي. برطانوي مخالف ڌر جي اڳواڻ Edmili band جو چوڻ آهي ته رپرٽ مرڊاڪ سان گڏ BSKYB ڪمپني جو ڪو به معاهدو ان وقت تائين نه ڪيو وڃي جيستائين پوليس تحقيقات جا نتيجا سامهون نٿا اچن ۽ عوام تحقيقات کان مطمئن نٿو ٿئي. هڪ تيرهن سالن جي ڇوڪريءَ جا ٽيليفون هيڪ ڪرڻ ۽ بعد ۾ ان جي قتل عام شهرين ۾ عدم تحفظ جو احساس پئدا ڪيو آهي ۽ اهو دي نيوز آف ورلڊ جي بند ٿيڻ کي برطانوي عوام جي ڏک ۽ ڪاوڙ جو سبب قرار ڏئي رهيا آهن.

 


below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو