Home / افيئر / !دل قلندري ۾، دم دم ڌمال آهي
above article banner

!دل قلندري ۾، دم دم ڌمال آهي

سنڌ جي خوبصورت شاعر حسن درس قلندري ڪيفيت جو ذڪر ڪندي چيو هو ته” قونيا ۾ ڪيفوارروميءَ،جورقص
آهي، هن دل قلندري ۾ دم دم ڌمال آهي.

لال سائينءَ جو ميلو پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو، جڏهن ته ٻئي ڏينهن وري لال سائين جي ميلي جا ڪجهه پانڌيئڙا ، پنهنجو لاهوت وارو سفر شروع ڪن ٿا. انهن ماڻهن لاءِ لطيف سائين چواڻي” کرڪڻا لاهي سک نه ستا ڪڏهن” واري ڳالهه آهي. ميڊيا ڀلي کڻي ميلي بابت انتظامن جي اڻ هوند واريون خبرون هلائيندي هجي. پر قلندر لال جو ميلوته ملنگن لاءِ مراج جي حيثيت رکندڙ آهي.” اٺو رندو پيو جام قلندر،طلوع سحر ، شام قلندر“ ملنگن ۽ رندن کي جولاءِ مهيني ۾ تندور وانگر ٻرندڙگرمي جي باوجود سيوهڻ جي گهٽين۾ هلندي پنهنجو خاص سڪون حاصل ٿئي ٿو.نگارن جي ڌمال واري وڄت جي ردم تي ، مي رقصم جي ڌمال وارو ناچ نچڻ، انهيءَ ئي پڙ ۾ نه عمر جي ڪا وٿيءَ جو فرق آهي نه وري ڪنهن جنس جو فرق آهي.تصوف جو رنگ نه رڳو شدت پسندن ۽ بنياد پرستن جي سمجهه کان مٿي آهي پر اهو صوفياڻين درگاهن وارو رنگ ته نسل پرستي جي سياست ڪندڙن جي پڻ سمجهه کان مٿي هجي ٿو. جتي هر هنڌ ۽ ماڳ تي هر ٻولي ، نسل ، طبقي۽ مذهب وارو ماڻهو موجود هجي ٿو.

سيوهڻ هڪ عجيب ڪلچر رکندڙ شهر واري سڃاڻپ رکندڙ آهي. ميلي جي موقعي تي سيوهڻ انوکو ڏيک ڏيندڙ شهر بنجي وڃي ٿو. جتي هڪ ئي وقت ڪنٺا، ڪولابا پائي مڻين سنگهرون ڳچين ۽ چيلهين ۾ ويڙهي هلندڙ ملنگ، فقير، مجذوب، اللٰھ وارا، پڙن واري ڊگهي قطار ۾ لال جي ميندي کڻي ايندڙپانڌياڻيون، چئو قادر قلندر مست، جا نعرا هڻي ، سيوهڻ جي گهٽين۾ سڱين جون سينون هڻي ڪستا ۽ قلندري ڏنڊا هٿن ۾ کڻي خيرات پندڙ لال جا فقير، تصوف جي رنگ ۾ رتل مجذوب.( جهڙي طرح عام يونيورسٽين ۾ تعليم ملي ٿي ساڳي طرح تصوف جي ادارن مان پڻ ڪئين طالب تعليم حاصل ڪندا رهن ٿا.) مست موالي چرسي ڪڏهن نه مرسي چلمن تي باهه جي الن وارن سوٽن تي نعرا هڻندڙ، کدڙن جا ٽولا۽ انهن تي ميڙي وارن جا ميڙا. ميڙي ۾ اهڙن هنڌن تي وري تر ڇٽڻ جي به جاءِ نه ملي، سيوهڻ جي گهٽين ۾ مي رقصم جي مستي ۾ ڳاڙهو جامو پائي بودلي بهارجا گهمندڙ فقير، ملڪان ملڪ جا سوالي، هتي هر ماڻهو سوالي هجي ٿو هڪڙا اهڙا فقير ٻيا وري وائيٽ ڪالر عورتون توڙي مرد. ميڙي ۾ ڳنڍي ڇوڙ ، جيب ڪترا، جتين جا چور، ڳائڻيون ، نچڻيون، ميلي ۾ آيل ڪڃرين جون قطارون، ملهه، ڪاٺيءَ تي دلو کڻي ڊانس ڪندڙ، لاهوتي جو اعلان آ پنجن جو گلاس آ، گرگلين جي هٿان هٿن تي پورن سان گل ڪڍائيندڙن جا ٽولا. ڪئين جوان اهڙين گلن ڪڍندڙ عورتن جي اڳيان پنهنجا هٿ چٽائڻ لاءِ هٿ جون تريون کولي بيٺل هجن ٿا . اهي نوجوان لطيف سائين چواڻي” پنهون ڪيائون پور” واري ڳالهه مثل بنيل هئا.. ڪئين مڻ سنگهرن جا ڳچين ۾ ٻڌل ملنگ فقير ميلي ۾ ٽن ڏينهن وارو چلو ڪاٺ واري علم اڳيان پورو ڪري وڌيڪ ٽي ڏينهن لال باغ ۾ ويهڻ وارو چلو ڪڍڻ لاءِ روانا ٿين ٿا.

چيڙه ۾ ڳتيل وارن وارا اهڙا ملنگ فقيرلال باغ ۾ ٽن ڏينهن لاءِ آستانو ڪري ويهن ٿا. جتان وڏي اثر جوٽمڪيل باه تي چانهه جو چڪو پي لاهوت جي سفر تي نڪرڻا آهن. لاهوت جي سفر وارو مقدس رستو. ڪئين ايامن کان لاهوتين جو اهو سفر جاري ۽ ساري رهيو آهي. منڇر جي ڪنڌي ڏئي نڪرندڙ لاهوتين لاءِ انهيءَ مقدس سفر ۾ جهانگارا هڪ وڏو مرڪزي شهر آهي. ڌاڻن جي خوشبوءَ واري انهيءَ شهر وٽان منڇر جو ساٿ ختم ٿئي ٿو. اڳيان ڪائيءَ واري وادي آهي جتي لاهوتين جو انتهائي مقدس ماڳ موجود آهي. کجين جي انهيءَ واديءَ ۾ ايندڙ چشمو لاهوتين لاءِ مقدس ته هونئن ئي آهي پر انهيءَ وادي ۾ موجود قداور ۽ قديم وڻن واري وادي ڪنهن آشرم کان گهٽ نه آهي. لاهوتين جي آڌرڀاءُ لاءِ اتي موجود قطار ۾ پيل ناديون سائي جڙي ٻوٽي واري ٿاڌل سان ڀريل هجن ٿيون. عبداللٰھ شاه جي زماني ۾ لاهوتين جي رات ترسڻ لاءِ ثقافت کاتي پاران گيسٽ هائوس جوڙايل آهي. ڪائي واري باغ ۾ بربليون ۽ مور انهن وڻن جي ڇا ته سونهن وڌائڻ جو سبب بنيل آهن.

فقير لال محمد نوحاڻيءَ جون ڪچهريون لاهوتين جي سفر جو اهم سامان بڻبيون رهيون آهن . هن وٽ ڳالهه ڪرڻ جو فقيراڻو ڏانءُ هو . هو ايڏو ته نرم دل رکندڙ ماڻهو هو جو هر ڳالهه ڪرڻ دوران پنهنجو روئڻ روڪڻ هن جي وس کان ٻاهر هو . مچ واري جاءِ تي قلندري کوڙي ويٺل لال محمد فقير روئندي اکيون اگهندي لطيف سائين جا بيت پڻ پڙهندو رهندو هو. هن کي لطيف سائين جا ڪئين اهڙا بيت ياد هئا جيڪي ڪنهن به رسالي ۾ موجود نه هئا. هي پهريون لاهوتين جو سفر هوندو جو کين فقير لال محمد نوحاڻي گذاري وڃڻ ڪري ملاقاتي نه هوندو. ڪائي جي واديءَ ۾ ستن غارن وارو جبل پڻ آهي جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته سڀ کان اوائلي انسان پنهنجي رهائش لاءِ اهي غارون جوڙيون هيون. لاهوتين جي اڳين منزل نئنگ شريف آهي. نئنگ جي درگاه، علي سائين جي نالي سان منسوب چشمو( جتي جيترا علي سائين جا زوردار نعرا لڳائبا اوترو تيزي سان پاڻي نڪرڻ لڳندو آهي)۽ باغ ڪرامتن واري مٿ کان سواءِ پڻ انتهائي خوبصورت هنڌ آهي.

لاهوت جي سفر ۽ گس ۾ هر جاءِ جي پنهنجي ڪرامتي ڪهاڻي ۽ قصو آهي ۽ انهيءَ هر قصي جي پنهنجي خوبصورتي آهي. انهن زيارتن ۾ ڏاڏي آدم جي زمين جي پوکي واري زيارت پڻ آهي. جتي هر لاهوتي زيارت طور پوکي ڪرڻ واري رسم ادا ڪري ٿو.انهيءَ لاهوت واري سفر ۾ جتي چنگهڻ جبل ٽپڻ هر لاهوتي لاءِ سڀ کان ڏکيو ڪم آهي اهڙو وري واڻئي جي هٽ تان هر لاهوتي کي ملندڙ مفت جو سامان وڏو تبرڪ هجي ٿو. لاهوتين لاءِ اهو سفر جتي هڪ ئي وقت مقدس سفر به هجي ٿو ته وري ساڳي طرح خوبصورت نيچر واريون ڪئين رنگن تي مصور وانگر جوڙيل پهاڙن وارو تفريحي گس پڻ آهي. لاهوت وارو سفر فطري زندگي گذارڻ جو خوبصورت گس پڻ آهي. لاهوتي ملنگ هن دنيا ۾ رڳو ٻڌ ڀڪشوئن جو نه رڳو تسلسل لڳندڙ هجن ٿا. پر بنا کٽڪي زندگي گذارڻ جوڏانءُ پڻ ڄاڻن ٿا. هو هر وقت عبادت جا قائل رهندڙ آهن . جنهن دم غافل تنهن دم ڪافر واري فلسفي جا قائل آهن.

لاهوت جي سفر جو فلسفو انتهائي فقيراڻو فلسفو آهي. جهنگ منهن ڪرڻ ، فطرت کي پسڻ وارو فلسفو، ماڻهوءَ جي رات ۽ ڏينهن جبل جهاڳڻ ، نيون اڪرڻ ،چشمن جي ڀيٽا،اهو ڪئين واديون اورانگهي نڪرڻ وارو سفر هجي ٿو. اهو سفر ايڏو ته ڏکيو آهي جو ان جي شاهدي ۾ سڄي سفر ۾ لاهوتين جون قبرون هر هنڌ ۽ ماڳ تي موجود آهن. لاهوتي ڪلچر ۾ هر لاهوتي انهيءَسفر ۾ پنهنجو ڪم پاڻ ڪرڻ ۽ پنهنجو سامان پاڻ کڻي پيادل سفر ڪرڻ جو عادي هجي ٿو. هنن جو اهو سفر ڏهن ڏينهن کان پندرنهن ڏينهن وارو هجي ٿو. هو مستقل مزاجي سان اڙانگو ۽ اوجاڳن وارو ڊگهو سفر پار پئي، بلوچستان صوبي ۾ گدامڙي ۽ کجين واري گوڪل ديو جي وادي ۾ پهچن ٿا. جتي لاهوت جي اصل سفر جي پهرين منزل شاه نورانيءَ تي پهچن ٿا. جابلو علائقو هونءَ به نئين، ماٿرين، چشمن، تلائن،ندين ۽ ڍورن واري ٽاپوگرافي رکندڙ هجڻ ڪري خوبصورت هنڌ هجي ٿو.پر لاهوت واري سفر ۾ جڏهن روحانيت وارو رنگ گڏجڻ ڪري پانڌيئڙن لاءِ اهو سفر ڪئين معنائون رکندڙ بنجي وڃي ٿو. هنن جي سفر ۾ هر هر هنڌ عبادت وارو هنڌ هجي ٿو. جيڏانهن ڪر پرک، تيڏانهن سڄڻ سامهون“ واري ڳالهه مثل هجي ٿو. يا وري” ڪاڏي ڪندو پير جو ستو ڪعبي وچ ۾.“ سيوهڻ کان لاهوت تائين هر ماڳ ۽ هنڌ وڏي تجسس وارو هنڌ آهي. سيوهڻ جي قلعي کان وٺي انود ڪاسائي پاران ڪهي کائڻ واري ڳالهه ڪئي ويندڙ بودلي بهارجي مزار تائين. لال باغ ۾ لطيف سائين جي چلي واري هنڌ کان لال باغ جي چشمن تائين هر ماڳ مقدس عبادت وارو هنڌ چوائي ٿو. يڪ ٿنڀي کان وٺي چو ٿنڀي تائين جمن جتي ستي کان ڇٽي امراڻي تائين هر ماڳ مڪان زيارت وارو هنڌ آهي. چيو وڃي ٿو ته بودلي بهار لال سائين جي استقبال لاءِ سيوهڻ جي گهٽين کي پنهنجي ڏاڙهي سان ٻهارو ڏنو هو. اهوئي سبب آهي جو سيوهڻ جي هر گهٽي لال جي پانڌيئڙن لاءِ مقدس مقام بنيل هجي ٿي.

 


 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو