Home / شوبز / !ايشا ڪوپيڪر “ڊان 2” کان ٻاهر
above article banner

!ايشا ڪوپيڪر “ڊان 2” کان ٻاهر

 

گهڻين اداڪارائن جي خواهش هئي ته اهي شاهه رخ سان گڏ سندس فلم ”ڊان” جي سيڪويل “ڊان 2” ۾ ڪم ڪن، پر ايشا ڪوپيڪر جيڪا 2006ع ۾ رليز ٿيل “ڊان” جو حصو هئي، کيس فلم جي ٻئين پارٽ ۾ رول نه ملڻ جو ڪو ڏک ناهي. “آئون ڊان 2 ۾ نظر نه اينديس ۽ ان ڳالهه جو مون کي ڪو ارمان ڪونهي.” ايشا ڪجهه ڏينهن اڳ انڊيا انٽرنيشنل جيولري ويڪ جي موقعي تي صحافين کي ٻڌايو پئي. 2006ع ۾ رليز ٿيل “ڊان” ۾ ايشا ڪوپيڪر فلم جي مک ڪردار ڊان (شاهه رخ خان) جي گرل فرينڊ جو ڪردار ادا ڪيو هو، پر هن دفعي کيس فلم کان پري رکيو ويو. ٻڌايو وڃي ٿو ته ڊان 2 جي ٽيم پاران ايشا کي هن سال جي آخر ۾ رليز ٿيندڙ فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ نه ڪئي وئي. بهرحال ايشا جنهن 2009ع ۾ پنهنجي پراڻي بواءِ فرينڊ ٽمي نارنگ سان پرڻو ڪيو هو، ڊان 2 ۾ رول نه ملڻ تي دل برداشته ٿيڻ بدران هڪ نئين فلم “شابري” جي تيارين ۾ رڌل آهي. رام گوپال ورما جي پراڊڪشن هيٺ ٺهندڙ ان فلم جي تياري تيزيءَ سان جاري آهي. فلم “شابري” انڊر ورلڊ جي موضوع تي ٻڌل آهي. فلم ۾ ايشا هڪ اهڙي ڪردار ۾ نظر ايندي، جيڪا گينگ ۽ پوليس وچ ۾ سينڊوچ بڻيل آهي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو