Home / افيئر / حد بي حد جي سرحد ساڳي…!!؟
above article banner

حد بي حد جي سرحد ساڳي…!!؟

 

جيئن ته هيءُ ڪتاب سائنس بابت آهي. سائنس جي ڪتاب تي به ٽن طريقن سان ڳالهائي سگهجي ٿو هڪ طريقو آهي ته ڪتاب ۾ ڏنل سائنسي نظرين کي، () دليل () ڪجهه يا ٻيو طريقو آهي ته ڪتاب ۾ ڏنل نظرين ۾ ڪنهن تحقيق جا حوالا ڏئي. ڪتاب ۾ نظرياتي اوڻاين جي نشاندهي ڪجي پر جيئن ته اِهي ٻئي رستا، ڪنهن اٽاهه علم ۽ مڃيل طريقي ۽ قابل قبول مشاهدي جي گُهر ڪج ٿا. اُنڪري مون هن ڪتاب بابت ٽيون رستو اختيار ڪيو آهي. اِهو آهي ڪتاب ۾ ڏنل سائنسي تصورن جي تعريف ۽ تعارف پيش ڪرڻ. اِنهيءَ خيال کان هي اڀياس ڪتاب بابت تعريف ۽ تعارفي آهي.

ڊاڪٽر سڪندر مغل جو هيءُ چوٿون ڪتاب آهي. ان کان اڳ ۾ سندس ٽي ڪتاب، ‘ڏاهپ جو اڀياس’، ‘ارتقا جي ڪهاڻي’ ۽ ‘زندگي هڪ سائنسي نقط نظر’اچي چڪا آهن. هن ڪتاب ۾ ڪجهه موضوع علم ڪيميا آهن، باقي سڀ موضوع ‘فزڪس’، ‘ائسٽرو فزڪس’ ۽ ‘ٿيوريٽيڪل فزڪس’ جا آهن. انڪري هن ڪتاب ۾ کي مواد جي اعتبار کان ائسٽرو فزڪس ۽ ٿيوريٽيڪل فزڪس جو سنڌيءَ ۾ پهريون ۽ بنيادي ڪتاب چئي سگهجي ٿو.

هن ڪتاب ۾ ليکڪ اٺن بابن جي وچ هيٺ اٺهتر سائنسي تصور ۽ نظريا زير بحث آندا آهن ۽ اِهي خيال سولي نموني سمجهائڻ لاءِ مددگار تصويرون ۽ خاڪا ڏنا آهن. انکاسواءِ، ڇٽيهه سائنسدانن ۽ سندن ڪم جو ذڪر ڪيو ويو آهي.

ڊڪٽر مغل جيئن ته هڪ اُستاد آهي، ان ڪري هن مواد جي ترتيب منطقي انداز سان رکي آهي. پهريان هن سائنسي تصور جي وصف ڏني آهي ۽ پوءِ عام زندگيءَ جي وهنوار مان وڌيڪ چٽائيءَ لاءِ مثال ڏنو آهي، پر لفظن جي چونڊ ۽ جملي جي بيهڪ ايئن رکي اٿس ته جيئن هڪ عام ماڻهو، جنهن کي سائنس جي بُنيادي علمن بابت ڪا به ڄاڻ ڪانهي، اُهو به سائنسي تصور سمجهي سگهي. اهڙي سٽاءِ جو نموجو زير بحث ڪتاب مان هتي ڏجي ٿو: مادو ۽ توانائي پنهنجي ڪشش_ ثقل ڪري پنهنجي چوڌاري موجود مڪان_ زمان ۾ تبديليون..

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو