Home / افيئر / !امڪاني ٻوڏ ۽ مڪمل نه ٿيندڙ بندن جي وارتا
above article banner

!امڪاني ٻوڏ ۽ مڪمل نه ٿيندڙ بندن جي وارتا

پراونشل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي، جنهن جي گذريل ٻوڏ دوران ڪارڪردگي ڪنهن کان ڳجهي نه آهي. ان اداري هيل امڪاني ٻوڏ جي صورت ۾ هڪ ڪاغذي پلان جوڙي ورتو آهي.

فلڊ 2011 جي عنوان سان جوڙيل ان پلان ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌو درياءَ سان لڳندڙ 14 ضلعن سکر، گهوٽڪي، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، قمبرشهدادڪوٽ، دادو، ڄامشورو، خيرپور ميرس، نوشهروفيروز، حيدرآباد، نوابشاهه ۽ ٺٽو ٻوڏ اچڻ جي صورت ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندا.

رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته آبپاشي کاتي کي درياءَ اندر موجود سمورن زمينداري بندن کي جلد ختم ڪرڻ گهرجي ۽ ڪچي وارن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي جولاءِ جي آخر تائين پڪن ۽ محفوظ علائقن ڏانهن منتقل ڪرڻ گهرجي.

 

رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته جيڪڏهن ٻوڏ آئي ته 10 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي اچي سگهي ٿو ۽ ان صورت ۾ 10 لکن کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿي سگهن ٿا.

اهڙي رپورٽ پي ڊي ايم اي تڏهن تيار ڪئي آهي جڏهن کين پڪ ٿي وئي ته “مون سون” جي موسم شروع ٿي چڪي ملڪ جي مٿين علائقن يعني خيبرپختون خواهه ۽ پنجاب ۾ مون سون برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ۽ ظاهر آهي اهي برساتون سنڌ جي به ڪيترن ئي علائقن ۾ ٿينديون. جنهن جي نتيجي ۾ دريائن ۾ پاڻي وڌندو ۽ جڏهن پاڻي جو پريشر سنڌو درياءَ تي وڌندو ته بندن ۾ پيل گهارا جيڪي آبپاشي کاتو، سمورن وسيلن هلائڻ باوجود به بند نه ڪري سگهيو آهي. سڀ واهه وهي هلندا ۽ پاڻي وري ٽوڙي بند کان ٿيندو، لاڙڪاڻي، قمبرشهدادڪوٽ، دادو، خيرپور ناٿن شاهه ۽ جوهي کي ڊسٽرب ڪندو منڇر ۾ اچي ڇوڙ ڪندو ۽ جيڪڏهن پاڻي اڃا به وڌي ويو ته گڊو ۽ سکر بئراج جن تي ٺهڻ کان وٺي ڪو خاص ڪم نه ٿيو آهي. پوءِ به ٻوڏ جي قيامت برپا ڪندڙ لهرن جي ور چڙهي سگهن ٿا. ڇاڪاڻ ته سنڌ جا ٽئي بئراج گذريل 20 سالن کان پنهنجي Designed Capacity کان وڌيڪ پاڻي وهائي رهيا آهن پر 20 سالن ۾ ڪڏهن به بئراجن جي مضبوطي لاءِ ڪو خاص ڪم نه ٿي سگهيو آهي ۽ جيڪڏهن ٿورا گهڻا پئسا خرچ به ٿيا آهن ته ڪميشنن جي نذر ٿي ويا آهن.

ڇاڪاڻ ته سنڌ جي ٺيڪيداري حلقن ۾ اهو جملو مشهور آهي ته “پاڻي ۽ مٽي جي ٺيڪن ۾ جيتري ڪمائي آهي اها ڪنهن ٻئي ٺيڪي ۾ ڪٿي”..؟؟

“افيئر” طرفان هٿ ڪيل آبپاشي کاتي جي هڪ رپورٽ موجب سنڌ جي دريائي ۽ غير دريائي بندن جي بحالي لاءِ هلندڙ اسڪيمن تي اڃا تائين ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو آهي.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ليفٽ مارجنل بند جو ڪم 84 سيڪڙو، ڪي ڪي بند جو ڪم 54 سيڪڙو، ڪشمور بند جو ڪم 36 سيڪڙو، گهوڙا گهاٽ ٽوڙ ۽ مکواڻي لنڪ بند جو ڪم 92 سيڪڙو، بائيرجي بند جو ڪم 55 سيڪڙو، ايل ايم بند جو ڪم 44 سيڪڙو، قادرپور لوپ بند جو ڪم 46 سيڪڙو، گهلياڻ فرٽ بند جو ڪم 53 سيڪڙو، ايڇ بچاءُ بند جو ڪم 68 سيڪڙو، ايم ايس بند جو ڪم 28 سيڪڙو، پي پي بند جو ڪم 52 سيڪڙو، ايس ايڇ بند جو ڪم 71 سيڪڙو، رائيٽ مارجنل بند جو ڪم 65، ڪي پي ايف اپررور بند جو ڪم 74 سيڪڙو ايم ايس جهڙي انتهائي اهم بند جو ڪم 68 سيڪڙو، پي بي بند جو ڪم 52 سيڪڙو، ايس ايڇ بند جو ڪم 71 سيڪڙو، ايس ايم بند جو ڪم 72 سيڪڙو، ڪوٽ عالمون جهڙي اهم بند جو 62 سيڪڙو، سرجاڻي بند جو ڪم 79 سيڪڙو، منڇر ڪنيٽننگ بئنڪ جو ڪم 36 سيڪڙو، اُلرا جاگير بند جو ڪم 81 سيڪڙو، ڳڙهي پٺاڻ بند جو ڪم صرف 7 سيڪڙو، فريد آباد بند جو ڪم 33 سيڪڙو، سنڌ جي بندروال جو ڪم به 16 سيڪڙو، دادو مورو پل جو ڪم به صرف 20 سيڪڙو رهي، پل گذريل ٻوڏ دوران لڳ ڀڳ مهينو عام ٽريفڪ لاءِ بند ڪئي وئي هئي، پچاءُ بند جو ڪم 43 سيڪڙو، سيوهڻ بند جو ڪم 39 سيڪڙو، عاقل لوپ بند جو ڪم 70 سيڪڙو، سپريو بند جو ڪم 58 سيڪڙو. اسان کي هن معاملي ۾ شڪ آهي ته سرڪار جو 58 سيڪڙو وارو انگ نسورو ڪوڙ آهي، ڇاڪاڻ ته سپريو بند تي ڪم چند ڏينهن اڳي شروع ٿيو آهي ته اهو ڪم 58 سيڪڙو تائين ڪيئن پهچي ويو.

واضح رهي ته سپريو بند کي گهارن جي نتيجي ۾ لڳ ڀڳ 2 لک آبادي وارو ايم آر ڊي جي شهيدن جو شهر، خيرپور ناٿن شاهه، 3 مهينن تائين 10 کان 20 فوٽ ٻوڏ جي پاڻي هيٺ رهيو.

رپورٽ وڌيڪ ڄاڻائي ٿي ته دانستر هيڊ ريگيوليٽر جي ٻيهر بند جو تعمير جو ڪم صرف 6 سيڪڙو، هيبت لوپ بند جو ڪم 61 سيڪڙو، غوثپور بند جو ڪم 93 سيڪڙو، سکر بيگاري بند جي ڀت جو ڪم 33 سيڪڙو ۽ نيو گهوڙاگهاٽ بند جو ڪم 28 سيڪڙو، ايس بي بند جو ڪم 17 سيڪڙو مڪمل ٿيو آهي.

هتي ڄاڻايل رپورٽ ڪجهه ڏينهن اڳ جي آهي جيڪا آبپاشي کاتي طرفان پاڻ تيار ڪئي وئي آهي ۽ جيڪڏهن انهن ڏينهن جو حساب به لڳائجي ته ڪجهه سيڪڙو ڪم وڌيڪ هوندو. پر آبپاشي کاتو 31 مئي واري ڪم مڪمل ڪرڻ واري Deadline پوري نه ڪري سگهڻ کانپوءِ 30 جون جي Deadline ڏني هئي جيڪا به خير سان گذري وئي پر ڪم اڃا به اڌورا آهن. مٿان وري سنڌ حڪومت طرفان هلندڙ ڪمن جي ڪنسلٽنٽ طور مقرر ڪيل ادريس راجپوت ڪم مڪمل ٿيڻ جي تاريخ ايئن وڌائي رهيو آهي ڄڻ ته هو ڪنسلٽنٽ گهٽ سمورن ڪمن جو انچارج هجي.

بهرحال سنڌ جا لکين ماڻهو جن گذريل ٻوڏ ۾ پنهنجون زندگيون برباد ٿيندي پنهنجي اکين سان ڏٺيون هيون اهي اڳ ئي ايندڙ ٻوڏ جي امڪان سبب پريشان هئا ايڏي قدر جو ٻوڏ متاثر ضلعن ۾ ماڻهن سارين جو “ٻيجارو” به نه پوکيو آهي،مٿان وري ڪم مڪمل نه ٿيڻ ۽ پي ڊي ايم اي طرفان امڪاني نقصانن جا انگ اکر ظاهر ڪرڻ جي نتيجي ۾ سنڌ جي معصوم ماڻهن جون ته اصل دليون سندن هٿن ۾ ڌڙڪي رهيون آهن.

ان سڄي صورتحال جو اندازو آبپاشي کاتي جي هڪ اعليٰ ڪاموري “افيئر” کي نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته ان ڳالهه مان بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته “ادارن جو صوبائي وزير ئي جڏهن پنهنجي ڪميشن مان اڌ سيڪڙو به گهٽائڻ لاءِ تيار ناهي ته پوءِ آبپاشي کاتي جا ٻيا عملدار قرآن تي کڻايل قسم جي پاس ڇو رکن”..؟

 

ياسر ٻٻر

 

 

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو