Home / ڪئپيٽل افيئر / !اقتداري کيڏاڙ ۾ پ پ جي امڪاني عدت وارا ڏينهن
above article banner

!اقتداري کيڏاڙ ۾ پ پ جي امڪاني عدت وارا ڏينهن

 

گذريل ٻه هفتا حڪومت ۽ عدليا وچ ۾ ٽڪراءُ هڪ ڀيرو وري عروج تي رهيو. پر سنگت جي اڳڪٿيءَ جي عين مطابق ٺيڪ آخر ۾ ٻنهي ڌرين پويان پير ڪيا ته خير ٿي ويو. جيڪڏهن ڏسجي ته هي جهيڙو به ايم ڪيو ايم جي “وڃان وڃان” وانگر ڏاڍو خوار ٿيو آهي ۽ گهڻا ماڻهو هاڻي سمجهي ويا آهن ته ٻنهي پاسي معاملو تپندو ضرور آهي پر جلدئي پاڻهي ٿڌو ٿي ويندو آهي جو ڌرين کي معلوم آهي ته “هڪ هڪاڻيءَ” واري جهيڙي جو وقت اڃان نه آيو آهي.

خوار ته نواز شريف به ڏاڍو ٿيو آهي جو ان کي زرداري “وارو” وٺائڻ جي پڪ به ڏني آهي ۽ ڊيڄاريو به آهي ته وارو کيس رڳو سويلين حڪمرانن وٽان ملي سگهي ٿو باقي ڪمانڊوز وٽان کيس ڪجهه ڪونه ملندو جو اهي اڃا تائين مٿس ڪاوڙيل آهن. هاڻي نواز شريف حڪومت تي ڪاوڙ به ٿڌي ڪري ٿو پر سندس هر تقرير ۽ هر بيان جي نالي واري مصرعه اها هجي ٿي ته “سسٽم ڪو ڊي ريل هوني نهين دين گي!” مطلب ته جي پٽڙي قائم رهي ته ڪڏهن نه ڪڏهن نواز ليگ جي ريل به ڇُڪ ڇُڪ ڪندي اچي سگهي ٿي. سو نواز شريف مسلسل پٽڙيءَ جي پيٽرولنگ تي آهي. نواز جي ٻي وڏي قوالي اها هلندي اچي ته “عدليا کي ديوار سان لڳائڻ نه ڏينداسين” جو هن کي ان پاسي کان فائدو ٿيڻ جو ٿورو گهڻو آسرو آهي.

گذريل هفتي سرڪار ۽ سپريم ڪورٽ تڪرار ۾ ظفر قريشيءَ واري معاملي تي سپريم ڪورٽ جي ڏنل ڊيڊلائين چاٻي ڀري. گيلاني گورنمينٽ ظفر قريشيءَ کي نارڪوٽڪس واري پاسي سيڪريٽري لڳائي جهيڙو ٿڌو ڪيو. پر هن مقرريءَ کان هڪ ڏينهن اڳ اهي اشارا ملي رهيا هئا ته جيڪڏهن ضروري ٿي پيو ته حڪومت عدالتي مداخلت خلاف قومي اسيمبليءَ مان ٺهراءُ پاس ڪرائيندي. شڪر ٿيو جو گلگت جي آءِ جيءَ جي گمشدگي گلگت واري جهاز جي گمشدگيءَ وانگر نه هئي ۽ حڪومت ٻن ڏينهن کان پوءِ کيس هٿ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ۽ معاملو ٺري ويو.

ڪجهه عرصي کان ڪورٽ سڳوري حج ڪرپشن ڪيس کان علاوه نيشنل انشورنس ڪمپني لميٽيڊ واري ڪيس ۾ مونس الاهيءَ، واپار واري وزير امين فهيم ۽ وزير اعظم گيلانيءَ جي پٽ عبدالقادر گيلانيءَ کي سوگهو ڪري رکيو آهي. آهستي آهستي ڪرپشن جي ڪيسن جو جيڪو رسو وٽجي رهيو آهي سو مستقبل ۾ ڪنهن ٻئي بدران آصف زرداريءَ جي ڳچيءَ ۾ پئجي سگهي ٿو. چيو وڃي ٿو ته هنن ڪيسن کي هاسيڪار ڊيگهه وٺرائي پئي وڃي ته جيئن مستقبل ۾ جيڪڏهن ڪا اوچتي تبديلي اچي ته آصف زرداري “جاني نه پائي.”

رد ٿيل لڏي جي ليڊر عمران خان ۽ ريٽائرڊ جرنيلن مطالبا ڪرڻ شروع ڪيا آهن ته سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي تعميل کان لنوائڻ حڪومت جو سنگين ڏوهه آهي تنهن ڪري فوج آئين جي آرٽيڪل 190 تحت ميدان تي لهي اچي ۽ عدالت جي حڪمن جي تعميل ڪرائي. آرٽيڪل 190 چوي ٿو ته “پاڪستان جي مڙني انتظامي ۽ عدالتي اختيارين لاءِ لازمي آهي ته اهي سپريم ڪورٽ جي مدد لاءِ تيار رهن.” آرٽيڪل ته رڳو ايترو چوي ٿو پر عدليا جي گهڻ گهرن جيڪي اڻ چيل ان ۾ شامل ڪيو آهي تنهن جو سڌيءَ ريت مطلب اهو آهي ته مارشل لا هڻي حاڪمن کي چلتو ڪيو وڃي.

هيڏانهن ڪورٽ ۾ ڪيس هلي رهيا آهن ۽ ٻئي طرف لڳي ايئن ٿو ته سرڪار جي قسمت جو بال وري فوج جي ڪورٽ ۾ اچي رهيو آهي. هن نئين صورتحال جو سبب ملڪ جو داخلي بحران نه پر ان جا آمريڪا سان خراب ٿيندڙ تعلقات آهن. لاڳاپا خراب ٿيڻ ته ريمنڊ ڊيوس واري واقعي کان شروع ٿيا هئا جنهن بعد واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني وٽ پهتل اٽڪل ٻه سئو آمريڪين جون ويزا درخواستون واپس موٽايون ويون هيون جيڪي اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني جي مختلف ڪمن ڪارين لاءِ اچڻ وارا هئا. پر لاڳاپا مڪمل ريت ڊي ريل اسامه جي مارجڻ واري واقعي سان ٿيا جنهن جي ڪجهه ئي ڏينهن بعد نيشنل ڊفينس يونيورسٽيءَ ۾ تربيت ڏيڻ لاءِ آيل ٻه ڊزن کان وڌيڪ آمريڪي فوجي آفيسرن کي نيڪالي ڏني وئي. اڳتي هلي پرڏيهي سفارتڪارن تي ملڪ اندر ڪنهن به شهر ڏانهن وڃڻ کان اڳ گهرو وزارت کان اين او سي حاصل ڪرڻ جو شرط لاڳو ڪيو ويو. جيتوڻيڪ اهو شرط هيو ته مڙني پرڏيهي سفارتڪارن لاءِ پر ان جو سخت نفاذ رڳو آمريڪين تي ٿيو. گذريل هفتي اين اوسيءَ نه هجڻ تي آمريڪي سفير ڪيميرون منٽر کي اسلام آباد جي هوائي اڏي تي هڪ ڪلاڪ تائين روڪيو ويو. منٽر اختيارين اڳيان جنيوا معاهدي جي لاڳاپيل فقرن جا حوالا ڏيئي اهو ڪيس رکيو ته هو ڪنهن پرڏيهي سفير جي ملڪ اندر قانوني چرپر روڪي نٿا سگهن. بحث مباحثي بعد هو ايئرپورٽ تان واپس موٽي آيو. بعد ۾ سندس دوري جي ٻن ڏينهن لاءِ ملتوي ٿيڻ جو سبب سندس صحت جو ٺيڪ نه هجڻ ٻڌايو ويو. چون ٿا ته بيڪ گرائونڊ ڳالهين سان هن پنهنجو ڪيس ان حد تائين کٽيو آهي جو هاڻي حڪومت اين اوسيءَ وارو شرط ٻين نائب سفارتڪارن لاءِ ته بحال رکيو آهي پر مشن جي سربراهه تي اهو لاڳو نه ٿيندو. ڏينهون ڏينهن اها اڻ بڻت زور وٺندي پئي وڃي. هڪ اهڙي وقت جڏهن فوجي امداد بند آهي، سويلين امداد جو جاري رهڻ اصل مالڪن کي شديد ناپسند هوندو. اهو ئي سبب آهي جو ان امداد تي هلندڙ اين جي اوز جي پروگرامن مٿان غير يقيني ڇانيل آهي ۽ اين جي اوز جي بيوروڪريسي ڊپ ۾ ورتل آهي ته سندن فنڊنگ ڪنهن به مهل بند ٿي سگهي ٿي.

ان سڄي پس منظر ۾ آهن صدر زرداريءَ جا مسلسل ايران، سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن جا دورا. “ايترا دورا ته نڪو اوباما ڪري ٿو نڪو ڪينيڊا وارو هارپر. آخر هن همراهه سان مسئلو ڪهڙو آهي؟” هڪ مغربي مهمان تنهن ڏينهن چيو پئي. مسئلو ته ضرور آهي ۽ اهو آهي ڏوڪڙن جي کوٽ جو مسئلو جنهنجو ڪجهه پورائو اڻ سڌيءَ ريت سعودي عرب کان تيل جي زڪوات وٺي ڪري سگهجي ٿو. ايران هڪ ريجنل پاور به آهي ته ڪيترن ڏهاڪن کان اينٽي آمريڪا ملڪ آهي. ايران نيوڪليئر معاملي تي آمريڪا ۽ ٻين مغربي ملڪن سان جيڪا ٻليءَ ۽ ڪوئي واري راند هلائي رکي آهي تنهن جا داءُ پيچ به پڇيا پيا وڃن. تجزئي نگار چون ٿا ته ايران کان ڪجهه خاطريون به گهريون پيون وڃن ته جيڪڏهن نيوڪليئر سامان واري معاملي تي هنن همراهن جي نڙيءَ ي ڪو ننهن اچي ته اهڙي صورت ۾ ايران واهر ڪري.

تازو جنرل احمد شجاع پاشا آمريڪا جي دوري دوران ڊرون حملا بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. اڳ ۾ پاڪستاني حڪمران جڏهن اهڙيون ڳالهيون ڪندا هئا ته انهن کي مڙئي “خبرون چارون” سمجهيو ويندو هو. جنرل پاشا پاران ڪيل هن مطالبي کي پاڪستان پاران “سرڪاري طور پهريون ڀيرو ڪيل اهڙو مطالبو” قرار ڏنو پيو وڃي.

نيويارڪ ٽائيمز رئيس آصف علي زرداريءَ جي تڪڙن دورن تي تبصرو ڪندي لکيو آهي ته “لڳي ٿو ته پاڪستانين آمريڪا پاران فوجي امداد روڪڻ کي سنجيدگيءَ سان ورتو آهي ۽ اهي بدترين امڪاني صورتحال لاءِ تياريون ڪري رهيا آهن.” اخبار لکيو آهي ته “پاڪستان کي کسڪڻ نه ڏنو وڃي نه ته ڳالهه ڳچيءَ ۾ پئجي ويندي جو طالبان سان لڙائيءَ ۾ ان جو گڏ هجڻ نهايت ضروري آهي. البته اوباما جيڪو اهو هٿ جهليو آهي ته غير مشروط امداد ڪونه ڏينداسين سو ڪارائتو ٿيندو جو پاڪستان ايترن مطالبن باوجود اتر وزيرستان ۾ لڪل حقاني نيٽ ورڪ جي ماڻهن کي الف جي ب ڪونه پيو چوي جيڪي افغانستان اندر آمريڪي فوج تي مسلسل حملا ڪري رهيا آهن.”

هاڻي ڳالهه کٽائجي. اسان جي اصل حڪمرانن کي هڪ اهڙي سويلين سرڪار کي سيج تي ويهارڻ جو هروڀرو ڪوبه لاچار ڪونهي جيڪا ان آمريڪا جي آشيرواد سان آئي هجي جنهن سان هاڻي گهٽ ۾ گهٽ دوستي ته ڪانه رهي آهي. هن سرڪار کي قائم رکڻ لاءِ هنن وٽ ٻه دليل ٿي سگهن ٿا : هڪ ته اها پاڙي پاسي مان پن سن ڪري خزاني جي کوٽ پوري ڪري ڏيکاري، ۽ ٻيو ته جيڪڏهن ڳالهه صفا پوائنٽ آف نو ريٽرن تي پهچي وڃي ته آمريڪين جي ان “لاڏلي” سويلين سرڪار کي پنهنجي سرپرستن جي ڪاوڙ ٺارڻ لاءِ “نياڻي ميڙ” ڪرڻ وانگر استعمال ڪجي. پر جيڪڏهن ان سان به صورتحال ۾ ڪا تبديلي نه آئي يا پ پ سرڪار ۾ انهن ٻنهي ڪمن ڪرڻ جي لياقت نظر نه آئي ته پوءِ ان کي چلتو ڪندي دير ئي نه ڪندا. آرٽيڪل 190 موجود به آهي ۽ مسلسل بحث هيٺ آهي. ٻئي طرف ڪيسن جا ڍير لڳندا وڃن جن جو ذڪر ڪنهن امڪاني طلاق نامي ۾ تفصيل سان ٿي سگهي ٿو.

ٻه هفتا کن اڳ تائين ايئن ٿي لڳو ته زرداريءَ جي ٽيم دستور موجب داخلي بحرانن تي حاوي پئجي ويندي باقي جيڪڏهن پرڏيهي سياست جو ڪو طوفان آيو ته ان ۾ پهرين casualty سويلين سرڪار بڻجي سگهي ٿي. پر هن هفتي ۾ڪراچيءَ ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو آهي سو ٻڌائي ٿو ته سرڪار جي لاڏاڻي لاءِ ڪرپشن جي ڪيسن کان علاوه داخلي بحران به سبب جو ڪم ڏيئي سگهن ٿا. ڪراچيءَ ۾ امن ڪرائڻ لاءِ فوج گهرائڻ جون اپيلون هر ڌر وٽان ٿيون آهن ۽ هاڻي الطاف حسين اهو مطالبو ڪيو آهي. هن پنهنجي ماڻهن کي هڪ مهيني جو راشن گڏ ڪري رکڻ جي اپيل ڪري سڌيءَ ريت پنهنجي ورڪ پلان جو تفصيل ٻڌائي ڇڏيو آهي. هن ذوالفقار مرزا جي دٻ نامي جي جواب ۾ سنڌين جي عزت افزائي ڪرڻ ۾ ذري گهٽ لياقت علي خان واريون ڳالهيون دهرايون. ان سڀ ڪجهه جي ٽائمنگ نهايت اهم آهي. ڀائي جان کي خبر آهي ته آصف زرداري 14 آگسٽ تي سرائيڪي صوبي جو اعلان ڪرڻ وارو آهي.

پ پ سرڪار ته ايندي ئي وڃڻ لاءِ آهي پر ڪراچي اچڻي وڃڻي شيءَ ناهي. ڪراچي جيڪا “کرڙيءَ” وانگر اڄڪلهه رڳو رت کائي رهي آهي.

سنڌ کي اطلاع ڏيو ته اها پ پ کي پاور مان نيڪالي ملڻ واري وقت لاءِ تيار رهي. ٿي سگهي ٿو ته پاڪستان جي پيپلز پارٽيءَ کي جلدئي وري عدت ۾ ويهڻو پوي. جي ائين ٿيو ته ساڳيو رينگٽ جو ريڪارڊ ۽ شهيدن جون تصويرون سنڌين کي بتال ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيون وينديون.

سنڌ کي اطلاع ڏيو ته اها خبردار رهي. پ پ جا ويڪائو وڏيرا پنهنجو پاور بچائڻ لاءِ ڪا ان کان به بدتر ۽ شرمناڪ ڊيل ڪري سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ کي بمبئي بيڪريءَ جي ڪيڪ وانگر پيش ڪري سگهن ٿا. رت ۾ وهنتل ڪراچي هنن لاءِ روز جو روٽين ۽ نارمل ڳالهه آهي. جڏهن رينگٽ شروع ٿئي ته وسارجو نه، ته سنڌين جي حقن جو سودو ڪندڙ هن حڪمران جماعت سنڌ جي حڪمرانيءَ جي ڪاروبار ۾ بي اصوليءَ تي ٻڌل ڪيتريون ڪمينيون پارٽنرشپس ٺاهيون. اهڙيون پارٽنرشپس، اهڙيون ڀائيواريون جن ۾ خوني سياستدان مسلسل سنڌ جوماس پٽڻ جي دعوت کائيندا رهيا :

“هماري هي چُني هوئي ڪُتي

همين ڪو ڪاٽتي هين

اور هماري جسم ڪي بوٽيان

آپس مين بانٽتي هين!”



 

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو