Home / افيئر / !جاپان ۾ طلاق لاءِ خاص تقريب جو اهتمام
above article banner

!جاپان ۾ طلاق لاءِ خاص تقريب جو اهتمام

جاپان ۾ هلندڙ سال مارچ ۾ ايندڙ زبردست زلزلي ۽ پوءِ سونامي کانپوءِ جوهري توانائي جي بحران ازدواجي زندگيءَ مان ناخوش جوڙن کي هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي حالتن جو جائزو وٺڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ طلاق جي شرح ۾ به واڌ آئي آهي، ليڪن شادين جي پچاڻي تڪرار ۽ جهيڙي بدران تقريب ملهائي ختم ڪرڻ جي رسم زور وٺي رهي آهي. اهڙي تقريب جي صورت ۾ الڳ ٿيندڙ جوڙي کي 55 هزار ين جي قرباني به ڏيڻي پوي ٿي، جيڪا رقم تقريب تي خرچ ڪئي ويندي آهي، ان حوالي سان منعقد ٿيندڙ تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن کي بوفي ڏنو ويندو آهي ۽ شادي جو تعلق ختم ڪرڻ لاءِ شادي جي منڊي هٿوڙي سان ڀڃي ويندي آهي. تقريب ۾ طلاق جو لباس به شامل هوندو آهي، جيڪو طلاق وٺندڙ عورت کي پاتل هوندو آهي. هيلتائين اهڙيون 80 تقريبون منعقد ٿي چڪيون آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو