Home / افيئر / !جهنگ نامو
above article banner

!جهنگ نامو

جوڳيءَ دانَ ۾ ڪنٺ پيش ڪيو

“اي ديوتا! مَنڊُ کپي

سمئه قابو نه ٿو ٿئي”

آتما کِليو

“اڻڄاڻ! آءُ پاڻ

وقت جي لِيڪَي ۾ آهيان”

تارن ڀري رات سانجهه هئي. وڻن وچ ۾ ڪٿي ڪٿي گُهگَهه. ٽانڊاڻن جو پَسار. گدڙن جون اونايون اڃا شروع نه ٿيون هيون. نَورَ ٻچا سنڀالڻ ۾ رُڌل.واگهه اکيون چمڪندڙ. جهنگ ۾ انوکي بُوءِ جو واسو. ٻاهران سڃ جو ڏيک ۽ اندر وڏو مانڊاڻ. تڏين ٽَر ٽَر لاءِ پَرَ ٿي سانباهيا. رات جو جوڀن اِجهوڪي آيو. مک، ماکيءَ ڍُڪَ ڀري گهاٽي سَوپي ۾. هوا جا جُهوٽا ۽ ٻوٽن جا سرڙاٽ. مٽي، سيني مٿان ڀنڊار پَسي سرشار. مست. پريان، مُرليءَ جي لئه تي جوڳيءَ جو ڳلو…. مون سان ڪيچي قول ڪري ويا…. هُيڙن ويل وڃڻ جي. لومڙ، آرس ڀڳو. حرفت سندس جياپي جو پختو ڳَنُ. ڀنڀرڪي تائين جون بِشن گيريون ويچاريندو شڪار جي وَاسَ جي ڳولها ۾ نڪتو.اولهه واري ڪنڊ پهچي، پاڻ لڪائي ڇڏيائين. بگهڙ ۽ بگهاڙي ٻچن سوڌو، متاري سَهَي کي چيري ڦاڙي رهيا هئا. ڀرسان ڦُدڪو ڏئي ڳوهَه نڪري ويس ته ڇرڪي پيو. اڪيلو پاڙيسري جنهن تي لومڙ جي اٽڪلن جو اثر نه ٿيندڙ. هُونءَ به مادي ڳوهَه جي ٿڻن مان ٻُرندڙ اُگري ڌپ سدائين ڏانهنس وڌڻ کان روڪيندڙ هجي ٿي. لومڙ جي دَوڏي سان نر ڳوهه کي ڏسبو ته اهو اڃا وڌيڪ بُڇان ڏياريندڙ جيوُ لڳندو. هاٿيءَ کي ڳهي هضم ڪرڻ جيتري اڳرائي رکندڙ.

لُومڙ جي نهار ڳوهه تي وجهبي وڃبي، ڪيئي اسرار پروڙبا وڃبا. ٺڙڪ ٺڳي ۽ هُوڙيائپ ۾ تفاوت سمجهبو وڃبو. تڏهن لُڌڙي کي پڻ آڻبو. ڳوهه متعلق وٽس به ڪي ويچار ملندا. اها جهنگل جي دنيا آهي. انيڪ رُوپ سانڍيندڙ. لڌڙي جي ڪمزور حواسن پاران ڳوهه جي دليريءَ ۾ پناهه تلاشڻ جي ڪهاڻي. ايئن سَندي موت جو سامان سهيڙڻ جي وارتا. مِٽي ۽ ان جي ڇاتيءَ مٿان پيش ايندڙ واقعا. سوين سَال اڳ، لُڌڙي ٻِرَ مان منهن ڪڍيو. نڙي کاڌل ڳوهه جي مڙهه مٿانَ پهتو. سندس بُت جي سختي پَسي حيران ٿيو. پٿر جهڙا ڏونئرا ۽ رَانون. ٿُلهي کَلَ. چهنبدار ڏند. مضبوط ڄاڙي. نٻل پنهنجي جسم ڏانهن ڏسي هُن ڳوهه جي سرواڻي قبول ڪئي. گُروءَ جي هوڙيائپ ۾ ذات کي فنا ڪري، اُن جي واتان ئي پنهنجي ڳچي ۽ پيٽ جي چير ڦاڙ نهاريندو رهيو، مست ٿيندو رهيو. گڏيل طور تي ٽنهي ڪاڻ اهو چالاڪي، هوڙيائپ ۽ پاڻ فنا ڪرڻ وارو رشتو اڄ به جيئن جو تيئن آهي.

اولهندي ڪنڊ، لومڙ اڪيلو نه هئو. جنهن جي چوڌاري اُڀا ڊَڀَ هئا. کانئس ٿورو پرڀرو ڍيڍ پڻ ڪوڙڪي ٺاهيون ويٺو هئو. انسانن جي اها جنس ڳوهه کان صفا گهٽ ئي مختلف هجي ٿي. ساڳيو بُت، ڏونئرا، رانون، ڀڀُ ۽ ڇاتي. مٿو، ڏند، ڄاڙي. ڳوهه وانگر اڻ وڻندڙ بُوءِ سندس لڱن مان هڳاءَ ڏيندڙ.اهڙو آدم جنهن مٿان وَارُ ڪرڻ لاءِ ڦاڙهي جي دل به نه چوي. هر پاسي لُڌڙا ڏَر ڇڏي ٻاهر نڪري آيا. ڍيڍ جي هُوند، ڳوهه جو گمان ٿي ڏنو. گروءَ جي ايڏي وڏي جسامت پَسي اهي رواجي هيڻائيءَ کان پاڻ ڇنڊڻ لڳا. مَنَ ۾ الائي ڪيترو ٻالنگهه ٿي ڀانئيائون. شڪاري، شڪار، چالاڪي، هوڙيائپ ۽ هاڻ ارڏائي_ جهنگ جي اولهندي ڪنڊ ۾ تنهن قسم جي انڊلٺ جڙڻ لڳي. وضاحت ته ارڏائي لڌڙن منجهه هئي.

اوڀر واري گولائيءَ کان چئن سالن جو ٻالڪ ڪُڏندو جهنگ ۾ داخل ٿيو. رات جو ٻيو پهر شروع ٿي چڪو هئو. ٽانڊاڻن جي چمڪ واٽون روشن ٿي رکيون. اُڀ ۾ اڪيچار تارن جي ڄڃ هئي. ٽِٽيهر ٽان ٽان ڪري جهنگ واسين کي ٻار جي آمد جو ڏسُ ٿي ڏنو. هونئن، جناور توڻي جيت جڻيا ماڻهوءَ بوءِ لاءِ خاص حس ٿا رکن. ڳوهه کائيندڙ ڍيڍ ۽ بلائن سان کيڏندڙ جوڳي ڄاڻايل بُوءِ وڃائي چڪا آهن. مٿن ٽِٽيهر به ڪو نه ٻولين. ڇوڪر، ڍيڍن جي ڀرواري واهڻ جو ئي هئو پر ابهم پڻي ڪارڻ منجهانئس آدم بُوءِ اڃا الوپ نه ٿي هئي. ٽان ٽان تي هيٺ پوڙهي واسينگ ڪَرُ کنيو ته ٽٽيهر گُڙپ ٿي ويو. ڪاري جي عمر نوانوي ورهيه. نئين سج اڀرڻ سان سو سالن جو ٿي ويندو. مَڻ سنڀاليندي به اڌ صدي گذري چُڪي اٿس. ماڻهنس ست ڏهاڪا ڄمار بعد موت جي هنج پئي رهي. اکيون ٻوٽڻ کان اڳ سو ورهيه حياتي ماڻڻ جي دُعا ڏنائينس. ڄاڻيندڙ ڄاڻين ٿا ته سو سال زندگي پُوري ڪندڙ واسينگ پوءِ انسان ٿي ويندو. سندس لاءِ اها مهل رات جي باقي ٻن پهرن کانپوءِ هئي. جوڳين کيس پڪڙڻ لاءِ ويهارو ورهين کان جهنگ ٻاهر ديرو ڄمايو. عاج مان ٺهيل مُرليون آنديون ويون. بي شمار سُرَ آڇيا ويا. ناچ، جُهمريون، سُکائون. قسم، واسطا، ٽِڻَ. ڊَوهيون ۽ مَنڊَ. پوڙهي واسينگ کي پر، پنهنجي ٻِرَ مان آدم بوءِ تي نڪرڻو هئو. جوڳي جيڪا وڃائي چُڪا.

جهنگ ۾ ظاهري مطلب نه رکندڙ ڪو به تفصيل اجايو نه ٿو هُجي. ڍيڍ جي موجودگي، لومڙ جي ڪرت، ڳوهه جا ٺينگ، لڌڙن جي عاجزي، سَهَي جو اجل، جوڳين جا آلاپ، ٽٽيهر جي ٽان ٽان، واسينگ جو ڪر ڀڃي اُٿڻ، ٻار جي آمد_ هر هڪ لقاءَ ڪنهن مقصد جو اوتار هجي ٿو. سڀ ڪنهن سلسلي جون ڪڙيون. ڪنٺ وانگر. مامري کي ڦلهوربو ته بقا جو ڏيک ڏسڻ ۾ ايندو. اڄاتي سگهه جا پرت. عجب بُتَ جا عضوا. جيئندان جي پَاٺَ جا ورق.

گهاٽي جهنگ ۾ ٺيڪ اُن رات ٻار جو اچڻ.واسينگ جو نراڙ تي مَڻ سجائي ٻاهر نڪرڻ. جوڳين ۾ ڦڙڦوٽ پوڻ. ڍَيڍَ جي ڪوڙڪي ۾ چار ڳوهن جو ڦاسجڻ. بگهڙ ۽ بگهاڙي اُلٽيون ڪندا سهي کي ڇڏي ويا.لومڙ جي ڪُڌائپ. ڪنهن ڪو نه ڄاتو ته ٽٽيهر ڪيڏانهن گُڙپ ٿي ويو. نئين سج جهنگل لاءِ ڪهڙو نياپو ٿي آندو. وري به ان سموري کيل منجهه ڪوئي مطلب هئو. مقصد هئو. معصوميت جي ڀنڊار ننڍڙي ٻار جي موجودگي بنا سبب نه هئي.

ٻالڪ پير گسائيندي، گولائيءَ کان ٻٻرن جي ڪوڇي طرف لڙيو. پوڙهو واسينگ سرڙاٽ ڪندو سندس ڀڪ ۾ ڊڀن منجهان ترڪندو ويو. مَڻ جي چمڪ سڄي جهنگ کي روشن ڪيو. جوڳي عاج جون مُرليون سهيڙي وڏي ميدان پهتا. ڍيڍ به سهڪندو اوڏانهن آيو. واگهه جي اکين چمڪڻ ڇڏيو. بگهڙ ۽ بگهاڙي اُلٽيون ڪندا پاسي ۾ ويهي رهيا. ڳوهن جو ڌڻ، ڊَنبُ لڌڙن جو. مٿي آسمان ۾ تارن جا ڪٽڪ.

ڪاري جُهور، نراڙ تان مَڻ لاهي هيٺ رکي. اُن جي چوڌاري چڪر هڻڻ لڳو. ٻار ميدان وچ ٿي رونشي مان مزو وٺڻ لڳو. ٿڙندو ٿاٻڙندو لومڙ به اچي رسيو. ڄڻ ته وهانءَ جي رات هئي. مَڻ نهاري جوڳين مُرلين جي ڌُن تيز ڪئي. واسينگ اُڀو ٿي نچڻ شروع ڪيو. پري اوڀر طرف باکاٽي جي اڇاڻ ظاهر ٿي. اونداهه جو انجام ويجهو ٿي ڀاسيو.

ڏڪندڙ پيرن سان، شهپريل جوڳي وچ ميدان اچي واسينگ سامهون سجدي ۾ پئجي ويو. “نانگ ديوتا_ ڄاڻان ٿو ته هيءَ گهڙي صدين ۾ ايندي آهي. اوهان ٿورڙي دير ۾ منش جو روپ ڌاري جڳ مٿان سرڪار ٿيندا. مون مسڪين کي دَانُ ٿو گهرجي. هيءَ روشن مَڻ بخشي ڏيندا ته اوهان جي حاڪميت ۾ ڪمي نه ايندي.”

پوڙهي واسينگ ڪروڌ وچان رڙ ڪئي. پُڇ جي چوٽيءَ ڀر بيٺو رهيو. سج نڪرڻ ۾ ڪا وير باقي هئي. ٽپ ڏئي جوڳيءَ جي پُٺيءَ تي چڙهي ويٺو. حوس جهنگ جو نئون رنگ هئو. ڪنهن لمحي هُو هيٺ لٿو. مَٿو پَٽ تي هڻڻ شروع ڪيائين. ايتري قدر جو ساڻو ٿي پيو رهيو ۽ مري ويو. جوڳين بادشاهه پير جا هُوڪريا هنيا. سڀني جي اک ۾ مَڻ هئي. ٻار، ڏکارو ٿي اڳتي وڌيو. مُئل نانگ هٿن ۾ کڻي ڳچيءَ پائي ڇڏيائين. پوئتي وريو ۽ ڪني ڪڍندڙ سج ڏانهن وکون کڻڻ لڳو.

 

 

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو