Home / پروفائيل / !جنيد سومرو، جنهن لاءِ سنڌ اول آخر هئي
above article banner

!جنيد سومرو، جنهن لاءِ سنڌ اول آخر هئي

شاندار ماضي ۽ افسوسناڪ حال رکندڙ شهر شڪارپور جي چئو طرف ڳوٺ آهن جن ۾ مختلف قبيلا رهن ٿا. انهن برادرين تي سردارن جي حڪمراني آهي. ماضيءَ ۾ معمولي مالي حيثيت رکندڙ اهي سردار ڏوهن جي فيڪٽري جا مالڪ آهن. ڏوهه ۽ جبر جي نتيجي ۾ حاصل ٿيل پئسن تي انهن جا عيش ڏسڻ جي لائق آهن. هي عوام دشمن ڀوتار جن ۾ ڪجهه جون برادريون سالن کان هڪٻئي تي وار ڪنديون اچن ٿيون سي سڀ پاڻ ۾ ڏاڍا سٺا واسطا رکن ٿا. اليڪشن وارن ڏينهن ۾ هو ڏي وٺ واري فارمولي تحت هڪٻئي کي چونڊرائي اسيمبلين ۾ پهچن ٿا ۽ پنهنجي علائقي جي انتظاميا کي به پنهنجي مرضيءَ مطابق هلائن ٿا. جنهن ڪري انهن جا پاليل ڏوهاري آزادي سان ۽ گرفتاريءَ کان بي پرواهه ٿي جام ڏوهه ڪن ٿا ۽ عوام کان کسيل مال تي پنهنجو ۽ ڀوتارن جو پيٽ پالين ٿا.

هنن ميرن، پيرن، ڀوتارن ۽ سردارن کي پهريون دفعو جنهن شخص للڪاريو سو ان ئي شهر جي تاريخي شخصيت شهيدالله بخش سومري جو پوٽو جنيد سومرو هيو. جنيد سومري 1984ع جي چونڊن ۾ جنهن شخص کي هارايو سو ڪوئي عام ماڻهو نه پر شڪارپور جو سڀ کان وڏو جاگيردار هيو، جنهن شهر جي ڀوتارن ۽ سندس ئي خاندان جي وڏن کي گڏائي هڪ اتحاد جوڙي هڪٻئي کي بنا مقابلي چونڊرائڻ جو ٺاهه ڪيو هو. جنيد سومري نه رڳو ان جاگيردار کي للڪاريو بلڪه اتحاد کي ٽڪرا ڪرڻ سان گڏ پنهنجي خانداني سياست کي به چئلينج ڪيو. ظاهري طور اها بغاوت هڪ وڏي ناداني هئي. ڪو به ماڻهو سمورين برادرين جي چڱن مڙسن سان مهاڏو اٽڪائي ڀلا ڪيئن ٿو چونڊون کٽي سگهي. پر جنيد سومري ان مغروري کي به غلط ثابت ڪري ڏيکاريو. هن سان گڏ خاندان مان فقط هن جو سڀ کان ننڍو چاچو عبدالصمد سومرو جنهن پنهنجي والد شهيد الله بخش سومري جي راهه تي هلندي سموري عمر مسڪين ماڻهن جي خدمت ڪئي. هنن غيرجماعتي چونڊن ۾ جنيد ان سموري اتحاد کي شڪست ڏيندي شاندار فتح ماڻي. تڏهن شڪارپور واسين سمجهيو ته شهر کي هڪ نئين ۽ مخلص قيادت ملي آهي.

سنڌ اسيمبلي جنهن جي ڀت تي سڀ کان مٿي جنيد جي ڏاڏي جو فوٽو لڳل آهي. تنهن ۾ پهچي جنيد وڪامڻ بجاءِ عوام جي حقن خاطر مارشل لا جي ساٿاري غوث علي شاهه جو ساٿ ڏيڻ بجاءِ هو اپوزيشن ۾ وڃي ويٺو ۽ سنڌ ۽ سنڌين جو ڪيس کڻي هر دفعي اسيمبليءَ ۾ ويٺل انڌن، ٻوڙن ۽ گونگن ميمبرن کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. کيس خريد ڪري ان جو وات بند ڪرائڻ لاءِ جڏهن سگهاري اداري جي عملدار ساڻس ٻولي لڳائڻ لاءِ ملڻ آيو، تڏهن جنيد سومري کيس ڪا موٽ ڏيڻ بدران سوال ڪيو ته آخر توهان ڪير ٿيندا آهيو سياست کي پنهنجي مرضيءَ مطابق هلائڻ وارا؟ ان سوال کانپوءِ جنيد سومري جو نالو ان لسٽ ۾ ٽاپ تي لکيو ويو جن کي ڪنهن به صورت ۾ اسيمبلي ۾ پهچڻ کان روڪڻ هيو ۽ پوءِ دنيا ڏٺو ته اليڪشن سوئپ ڪرڻ وارو جنيد سومرو شڪارپور ۾ ذاتي طور تي سڀ کان وڏو ووٽ بئنڪ رکڻ باوجود وري ٻيهر نه کٽي سگهيو ۽ اها ان کي به خبر هئي ته جيڪا سياست هو ڪري پيو ان کانپوءِ هن جي لاءِ اسيمبلي جا دروازا بند ٿي چڪا آهن. پر ان جي باوجود هن پاٿاريدارن ۽ ابن الوقت سياستدانن لاءِ ڪڏهن به ميدان خالي نه ڇڏيو. هن جا دروازا هميشه ضرورتمند ۽ مسڪين ماڻهن جي مدد لاءِ کليل رهيا.

هو جڏهن به نڪرندو هيو ته ماڻهن جا هجوم لڳي ويندا هئا. سندس مقبوليت ڏسي سندس ويجها مائٽ به سندس مخالفت تي لهي آيا پر اهي ڪڏهن به سندس مقبوليت گهٽائي نه سگهيا. خير شهر مان نه صرف ماڻهن جي ملڪيتن تي ٿيل قبضا ڇڏايا. پر هو ٻيلن ۾ وڃي ڌاڙيلن تائين وڙهيو. پنهنجي ڏاڏي وانگر هن جي رڳ رڳ ۾ قومپرستي ڀريل هئي. هن پنهنجي شاگرديءَ واري دور ۾ ڪراچيءَ جي سنڌي شاگردن کي ان وقت جي سنڌ دشمن شاگرد تنظيم جميعت طلبه جي ظلم کان نجات ڏيارڻ لاءِ منظم ڪيو بلڪه ان سان مهاڏو اٽڪائي کيس گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪيو. هو سنڌ جي حقن لاءِ ٿيندڙ هر احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت ڪندو رهيو. سنڌ جي آزاديءَ ۾ يقين رکندڙ جنيد ٻه ٽي پارٽيون مٽايون ڇو جو هن کي ڪنهن به پارٽيءَ ۾ سنڌ جي آجپي جي اميد نظر نه آئي.

شهيدالله بخش جي لارڊ اسٽائل زندگي گذاريندڙ پٽ حيدربخش عرف مٺا صاحب جو هي سڀ کان ننڍو پٽ فطرت ۾ فقير هيو جيڪو اميرن بجاءِ غريبن سان وقت گذارڻ ۾ راحت محسوس ڪندو هيو. پئسي ۽ لالچ جي سياست کان پري رهڻ ڪري هن جي مالي حالت اها هئي جو هو جنهن گهر ۾ رهندو هيو ان جو اڌ حصو اڄ به ڀڳل آهي. جڏهن ته هن جو خاندان اڄ به ڪراچي ۾ ڪرائي جي گهر ۾ رهندو آهي. موت کان ڪجهه وقت اڳ هو قومپرست سياست ۾ ايترو ته مشغول ٿي ويو جو هر ڪانفرنس ۾ هن جي تقرير ٻڌي ماڻهو هن جي ذهانت جي تعريف ڪندا هئا ۽ ايئن محسوس ٿيڻ لڳو ڄڻ سنڌ جي قومپرست سياست کي هاڻي صحيح اڳواڻ مليو آهي. جنهن سان اها سياست صحيح رخ ۾ هلي سنڌ ۽ سنڌين جي آجپي لاءِ ڪامياب ۽ موثر حڪمت عمليون اختيار ڪندي. ته اچانڪ خبر پئي ته جنيد سومرو لياقت نيشنل اسپتال جي آءِ سي يو ۾ زندگيءَ جي جنگ وڙهي رهيو آهي. جنهن جي ٻاهران بيٺل هن جا دوست ۽ مداح ان اميد سان شام کان بيٺل هئا ته هو اها جنگ کٽي ساڻن اچي ملندو پر افسوس جو سنڌ جي آجپي جاخواب کڻي اکيون بند ڪندڙ جنيد وري اکيون نه کوليون ۽ راهه رباني وٺي پنهنجي گهر وارن سوڌو هزارين مداحن کي روئندي ڇڏي ويو. سندس جنازو شڪارپور جي تاريخ جو سڀ کان وڏو جنازو هيو. جنهن ۾ اڪثريت انهن ماڻهن جي هئي جن جي آخري اميد جنيد سومرو هيو جيڪو ڏينهن رات ڏسڻ بنا انهن جي فرياد تي اٿي کڙو ٿي انهن جي داد رسي ڪندو هيو.

 


 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو