Home / افيئر / !ڪراچي ، اول آخر سنڌين جو شهر
above article banner

!ڪراچي ، اول آخر سنڌين جو شهر

جرمنيءَ جي گادي واري تاريخي شهر برلن ۾ پاڪستان اندر لسانيت ۽ فرقيواريت جي بحران جي عنوان هيٺ ٿيندڙ هڪ بين القوامي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت سان گڏوگڏ ڪراچي جي موجوده سياسي، معاشي صورتحال ۽ ان تي لساني وڳوڙن جي اثرن جي موضوع تي مقالي پڙهڻ لاءِ چيو ويو. جنهن جو مک نچوڙ سنڌيءَ طور پنهنجو قومي موقف پيش ڪرڻو هو. اها ڪانفرنس جرمني جي پارليامينٽ ۾ ويٺل سوشل ۽ ڊيوڪريٽس پارٽي جي سياسي ٿنڪ ٽئنڪ ڪرائي آهي، جنهن ۾ سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ پختون خواهه جي مقامي تڪرارن سان گڏوگڏ جهاد، مذهبي انتهاپسندي،لساني ۽ مذهبي تضاد، سياسي ۽ مالي اختيارن جي تڪرار۽ حل ۾ مرڪز جي چئن ئي وفاقي اڪائين سان سياسي ۽ سماجي لاڳاپن بابت 23 مختلف پيپرز پيش ٿيندا.

مون پنهنجي مقالي جي تياري ۾ ڪراچي ۾ لساني تضادن بابت ڪيترائي ڪتاب ڏٺا. تازو آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ڊاڪٽر حميده کهڙو جو هڪ شاندار ڪتاب ڇاپيو آهي. جنهن ۾ ڪراچي جي اصلوڪن ماڻهن ۽ اميج بابت شاندار مواد موجود آهي. گل حسن ڪلمتي جو ڪتاب پڻ هڪ اهم دستاويز آهي.انهي تياري ۾ جنهن هڪ جڳ مشهورمحقق شهري ترقي ۽ ڪراچي بابت بهترين ڪتاب لکندڙ هڪ سينيئر اديب وٽ حال احوال ڪري رهيو هيس ته هن مون سان هڪ زبردست ڳالهه ڪئي، جيڪا پنهنجي پڙهندڙن سان شيئر ڪيان ٿو. ننڍي هوندي اها ڳالهه ٻڌي ان جي سياسي حساسيت جو احساس نه ٿيندو.

ڪراچي بابت شاندار معلومات ڏيڻ کانپوءِ هن سماجي سائنسدان آخر ۾ کلندي چيو ته دنيا ۾ بيشڪ نظام قائم ڪرڻ لاءِ جڏهن انگريز پورچوگيز، فرانسيسي ۽ ٻيون قومون پوري دنيا مٿان ڪاهه ڪري رهيون هيون ته انگريز کان خرطوم(سوڊان) جهڙو شهربه وڏي عرصي تائين فتح نه ٿي سگهيو، جڏهن ته اهو هڪ ننڍو شهر ۽ ٻئي پاسي انگريزن دمشق(شام) جهڙي مضبوط ۽ طاقتور شهر کي ٻن ڏينهن ۾ فتح ڪيو. هن کلندي مون کي چيو ته سبب ٻڌائي سگهندين؟ پوءِ پاڻ ئي ٽهڪ ڏيندي چيائين ته دمشق جو رڳو پاڻي بند ڪرڻو پيو.

پوءِ هن وري چيو ته ڪراچي بظاهر جيترو طاقتور شهر نظر اچي ٿو اوترو ئي ڪمزور آهي ۽ رڳو چار ڏينهن هن شهر جو پاڻي بند ٿئي ته خبر پئجي ويندي.

اردو ڳالهائيندڙ روشن خيال دانشور سنجيدگيءَ سان چيو ته ڪراچي وارا جيڪڏهن سنڌين کي جاءِ نه ڏيندا ته هي شهر سندن ڪو نه رهندو. ڪراچي ۾ هن وقت جيڪا لساني ڇڪتاڻ، تڪرار ۽ ٻيا اشوز آهن اهي انتهائي ضروري آهي ته آبجيڪٽو سوچ سان سمجهڻ گهرجن.

· ڪراچيءَ جي پوري (بندرگاهه) ملڪ جي 90 فيصد سامونڊي واپار جو مک دروازو آهي.

· ڪراچي جي روينيو ملڪ جي مجموعي اوڳاڙي جو 54 سيڪڙو آهي.

· پوري دنيا مان آيل بينڪنگ سيڪٽر ملٽي نيشنل ڪمپنيون ۽ ٻين مالي توڙي واپاري ادارن جون هيڊ آفيسون ڪراچي ۾ آهن .

· ڪراچي وچ ايشيائي رياستن ۽ يورپ (ميڊيٽيرين سمنڊ ۽ ترڪي ايران) رستي پوري دنيا لاءِ ايشيائي رياستن تائين پهچڻ لاءِ گيٽ وي آهي.

· پاڪستان جو عربي سمنڊ انرجي گيٽ لاءِ استعمال ٿي سهگي ٿو.

اڄوڪي ڪراچي ۽ مستقبل جي ڪراچي کي سمجهڻ لاءِ ڪالهوڪي ڪراچي جو جائزو وٺڻ تمام ضروري آهي. ڪراچي جي اڄوڪي صورتحال تي ڳالهائڻ لاءِ ضروري آهي ته ڪالهه واري ڪراچي جي شڪل سامهون رکون. جڏهن پاڪستان ٺهيو ته ڪراچي جي آبادي لڳ ڀڳ 43500 (ساڍا چار لک هئي)جنهن ۾ 72 سيڪڙو هندو آبادي هئي، جيڪا 1951ع ۾ 55 سيڪڙو بڻجي وئي. 1930ع تائين هي شهر مهاڻن ۽ مقامي ماڻهن جو 25000 گهرن تي مشتمل هڪ ڳوٺ هو. پر سمنڊ ڪناري آباد هن ننڍڙي ڳوٺ ۾ واڌ ويجهه جا تمام قدرتي خال موجود هيا. بس انهن کي ڀرڻ جي دير هئي.

جڏهن پاڪستان ٺهيو ته پناهگيرن جي هڪ منصوبه بندي ۽ ڪنهن به روڪ ٽوڪ کان وانجهيل ٻوڏ سنڌ پهچي وئي ته ايترن لکين ماڻهن کي آباد ڪرڻ جي قدرتي سگهه رڳو ڪراچي ۾ هئي ۽ پوءِ سازش هيٺ ڪراچي جي ڪيئن سياسي جوڙجڪ ڪئي وئي ان کان پاڻ سڀ واقف آهيون.جڏهن پاڪستان ٺهيو ته ملڪ جي سياسي ۽ آئيني جوڙجڪ بابت ٻه نظريا اڳيان آيا. هڪڙو ميان افتخار (جيڪو ڪميونسٽ پارٽي انڊيا جو سرگرم رهنما به رهندو آيو هو) جو لڏو هو ٻيو سر شفيع ۽ نواب وقار الملڪ ۽ شمس الملڪ جي باقيات لياقت علي خان ۽ ٻيا هئا. ميان افتخار واري لڏي جو چوڻ هو ته هاڻ ٻه قومي نظريو ختم ۽ پاڪستان کي چاهيندڙ تاريخي وطنن تي ٻڌل هڪ مضبوط ۽ پهرين آئين ساز اسيمبلي جوڙي ملڪ کي هڪ فيڊريشن يا فيڊرل نظام هيٺ هلائجي.

ٻي لڏي جو چوڻ هو ته پاڪستان ٺهيو ئي اسلام ۽ ڪلمه توحيد جي نعري هيٺ آهي. تنهن ڪري تاريخي وطن، وفاقي اڪائيون، آئين ساز اسيمبليون بڪواس آهي ۽ ملڪ کي مسلم اُمه جي نعري هيٺ اسلامي رياست طور هلائبو. آخر ۾ اهو نظريو ملڪ مٿان قابض ٿيو، اهو نظريو ڪراچي ۾ لڏي آيل پناهگيرن جي قيادت جي مک ايجنڊا بڻي ته هڪ قومي رياست جي نالي ۾ ڦرلٽ ڪجي.جيڪڏهن تاريخي قومن ۾ وطنن جو ڪردار وڌيو ته سندن سياسي دٻدٻو قائم نه رهندو.

اهو ئي ڏينهن ڪراچي کي باقي سنڌ کان Disconnect ڪرڻ جي سازش جو ڏينهن هو. ان سازش کي مضبوط طريقي سان رائج ڪرڻ لاءِ ڪراچي کي پاڪستان جي گادي وارو هنڌ ڊڪليئر ڪيو ويو جنهن پٺيان سازش اها هئي ته ڪراچي ۾ ويهي ڪراچي کي ڦٻائجي ۽ مرڪزي نظام تي به ڪنٽرول ڪجي. ان وقت ملڪ جي سول نوڪر شاهي تي پناهگيرن جو مڪمل قبضو هو، انهيءَ سازش کي اڳيان وڌائيندي ۽ الڳ حيثيت طور قابو ۾ رکڻ واري منصوبه بندي هيٺ گورنر جنرل سنڌ اسيمبلي کي خط لکيو ته ڪراچي ڇاڪاڻ ته گادي جو هنڌ ٿي ويو آهي. تنهنڪري حيدرآباد کي سنڌ جي گادي وارو شهر بڻايو وڃي. سنڌ اسيمبلي اهڙي قرارداد پاس ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ نتيجي ۾ اسيمبلي ٽوڙي وئي.

اهو واقعو سنڌ ۽ سندس گادي واري شهر ڪراچي کي پري ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو ۽ سنڌ جا پنهنجي اهم شهر سان ويڇا وڌڻ لڳا. هندو لڏي چڪا هئا.پناهگيرن جو شهر تي مڪمل قبضو ٿي ويو هو. سنڌي شهر ۾ پنج کان ست سيڪڙو مس هيا. اهڙي صورتحال ۾ پناهگير حڪومتن ۾ ڀائيواري ۽ مضبوط نوڪر شاهي هيٺ اڃا شهر کي سنڌ کان پري ڪرڻ جي سازش ۾ مصروف هيا ته مٿان هڪ پٺاڻ آمر ايوب خان سنڌ ۾ هڪ ٽين قوت کي متعارف ڪرايو. اها قوت هئي پٺاڻ قوم. سنڌ سماج وڏيرڪو سماج هئڻ ڪري Migration and mobility (لڏپلاڻ ۽ هل هلان) کي گهڻي اهميت نه ڏيندڙ سماج هو. ان کان علاوه خود فيوڊلزم به ماڻهن جي روزگار، بهتر زندگي، روزگار لاءِ نوان لاڙا تلاش ڪرڻ واري ڪم کي روڪيندي آهي.

نتيجي ۾ ڪراچي شهر ۾ قدرتي طور اڳيان وڌڻ واري جيڪا سگهه هئي اها پٺاڻن اچي استعمال ڪئي ۽ ايوب خان جي منصوبابندي سان پٺاڻ ڪراچي ۾ ٿورڙي وقت ۾ اثرانداز ٿيڻ واري حيثيت ۾ اچي ويا.

ان دوران سول ۽ ملٽري شاهي موٽيل پختون کي به ڪراچي جي بين القوامي حيثيت اسٽريجٽڪ حيثيت جو اندازو ٿيو ۽ ان به پختون فيڪٽرکي پروموٽ ڪيو.

هوڏانهن سنڌي جيڪي اٽي ۾ لوڻ برابر هيا سي اڃا ڌنڌلا نظر اچڻ لڳا. پناهگيرن پنجابي نوڪر شاهي سان ڪراچي جي ادارن جي ڪنٽرول کي اهميت ڏني زمين ۽ صنعتڪاري ڏانهن ڌيان ڏنو، جڏهن ته پٺاڻ ٽرانسپورٽ ۽ ريزڪي ڪاروبار ۾ ڇائنجندو ويو، اهو ڪم شروع ۾ بلوچن وٽ هيو اهي آهستي آهستي ان ڪاروبار کان ٻاهر ٿيندا ڳوٺن تائين محدود ٿي ويا.

ايوب خان جي آمريت اچڻ کان اڳ پناهگيرن جو هڪ وڏو حلقو کاٻي ڌر جي سياست طرف آيو. اهو روشن خيال ۽ لبرل هو ۽ آمريت سان وڙهندو آيو. اهو سنڌين سان گڏجڻ جون ڳالهيون ڪندو رهيو پر ايوب خان جي آمريت دوران جيڪو نئون پٺاڻ، پنجاب ۽ پناهگيرن جو مڊل ڪلاس شهر۾ اڀريو ان جي چٽا ڀيٽي وڌي نتيجي ۾ پناهگير مڊل ڪلاس لساني سڃاڻپ واري بيماري ڏانهن وڌيوپوءِ هن آمريت خلاف ڀيٽ فاطمه جناح جي حمايت ڪرڻ، ضياءُ الحق، مشرف ۽ آمر ۽ فوجي جرنيل جي حمايت ڪرڻ کي ڪراچي تي ڪنٽرول لاءِ اهم سجهيو هو. هي وقت اهڙو آهي جنهن ۾ پناهگيرن جي قيادت سنڌين، پختون ۽ پنجابي کي پنهنجي لاءِ وڌيڪ اهم سمجهيو.

ان وچ ۾ فوجي توڙي سول نوڪر شاهي سنڌي قومپرستي جي لهر کي مضبوط وفاق ۽ اسلامي نظام لاءِ خطرو سمجهيو ۽ سنڌ اندر تمام ٻين لساني اقليتن کي هڪ پليٽ فارم فراهم ڪيو ۽ ٻئي پاسي ڪراچي ۾ جماعت اسلامي ۽ ٻين مذهبي ڌرين نوراني وغيره کي مضبوط ڪيو. انهن معاملن سنڌين ۽ ڪراچي ۾ اڃا ويڇا وڌايا. ان کانپوءِ ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ۾ ڪنهن حد تائين سنڌين جو مڊل اڀري اڳيان آيو پوءِ نوراني، غفور مودودي جهڙي مذهبي اتحاد سنڌين جي ان ٿوري گهڻي Power base کي وڏو ڌڪ رسايو اينٽي ڀٽو تحريڪ سڄي مذهبي اڪثريت تي ٻڌل هئي ان جو مرڪز ڪراچي هو ۽ ان کانپوءِ ضياءُ الحق ايم ڪيو ايم ٺاهي، ڪراچي اندر لساني دهشتگردي کي هڪ نئون روپ ڏنو ۽ پوءِ ڪراچي جي اها تنظيم سمجهڻ لڳي ته ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ سولو آهي. بينظير ڀٽو جا ٻئي دور انهن لساني تڪرارن ۽ ڪراچي جي پاور ڪنٽرول جي جهيڙي جي نظر ٿي ويا ۽ اڄ وري ساڳي صورتحال آهي.

مشرف دور ۾ ڏيڍ ڪروڙ جي آبادي جي شهر ڪراچي کي هڪ شهر ڪري ڪوشش ڪئي وئي ته اقتدار جي هيٺين سطح تائين منتقلي واري ڊرامي جي بهاني ڪراچي کي الڳ اختيار ڏئي، متبادل حڪومت جوڙي وڃي. سڀني ڏٺو ته ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ ڪراچي کي نه رڳو الڳ انتظامي حيثيت جي بهاني هڪ مڪمل رياست طور هلائڻ جي ڪوشش ڪئي پر صوبي جي عوام کي پاسيرو رکي مرڪز مان سڌو سنئون مداخلت ڪئي وئي، هڪ ون يونٽ ختم ڪري ڪري وري ٻئي ون يونٽ کي قائم ڪيو ويو. ان تصور کي پرڏيهي سفارتخانن، آمريڪي حڪومت ڪيترن ئي بين القوامي امداد يا سيڙپڪاري ڪندڙ طاقتن سپورٽ ڪيو. پناهگيرن جي ڌرتي ۽ شناخت نه هجڻ جي احساس ڪمتري کين سنڌين کان پري رکيو ۽ ٻين روز روز وڌندڙ مهاجرن جي ويجهو رکيو. نتيجي ۾ افغانستان جي بحران جي نتيجي ۾ افغانستان مان جيڪو پختون، هزاره، ازبڪ، ڪابلي، قنڌاري، ڪراچي آيو اهو اڄ خود ڪراچي جي اردو ڳالهائيندڙن لاءِ وڏو خطرو آهي.

تازو ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي جو تڪراران حقيقت جو ثبوت آهي ته آمرن طرفان ادارن جي بربادي جي نتيجي ۾ ڪراچي جي آبادي ادارن سان رجوع ڪرڻ بدران لساني بنيادن تي تنظيمن ڏانهن وڌڻ لڳي. طرز حڪمراني بدتر هجڻ، بنيادي انساني سهولتن جي اڻاٺ، پيئڻ جو صاف پاڻي، صحت جون سهولتون، قبضا، ڀتا خور ۽ ٻيون مافيائون، زمين تي قبضه، قانون جي اڻاٺ هن شهر کي هڪ اهڙي ڊائنامائيٽ تي بيهاري ڇڏيو آهي، جو ان جو ڌماڪو پوري ملڪ کي لوڏي ڇڏيندو.

پاڪستان ٺهڻ جا ٽي بنيادي سبب آهن.

· ڪانگريس مسلمانن جي سياسي ڪردار کي سخاوت سان مڃڻ لاءِ تيار نه هئي.

· مسلم ليگ ڪنهن تي به ڀروسي لاءِ تيار نه هئي.

· انگريز بهادر هڪ اهڙي تقسيم جي حق ۾ هيو جيڪا ورهايو ۽ طاقت وڌايو جي فلسفي تي ٻڌل هجي.

اڄ ساڳيو پاڪستان Mind set وري ورهائجي رهيو آهي.

ايم ڪيو ايم (حقيقت ۾ سياسي طور مضبوط نه هوندي به)سنڌين کي پنهنجي وطن جي مالڪي جي حقيقت کان لنوائي سنڌ دشمني ڪري رهي آهي.

سنڌي هن وقت ڪنهن تي به ڀروسي لاءِ تيار ناهن ۽ پختون صورتحال جو فائدو وٺندي انگريز ن وانگر ڪراچي جي سياست کي پختون خواهه جي سياست سان جوڙڻ گهري ٿو. عارف حسن ڪراچي بابت پنهنجي هڪ شاندار تحقيق ۾ لکيو آهي ته جيئن جناح ۽ نهرو هندستان کي پنهنجي “تڪن” واري سياست کان ٻاهرنه ڏسي سگهيا، ٻنهي رڳو تڪ حاصل ڪرڻ لاءِ تڪڙا فيصلا ڪيا. ايئن اڄ ايم ڪيو ايم به ڪراچي کي تڪن کان ٻاهر نٿي ڏسي ۽ جنهن ڏينهن هنن ان مغروري کي ٽوڙي سنڌ جي مجموعي ۽ جاگرافيائي بيهڪ ۾ پنهنجو ڪردار ڏٺو ته کين فائدو ٿيندو نه ته ڪراچي ڪجهه ترقي کانپوءِ سندن هٿن مان نڪري ويندي. جنهن ڪري سندن ايندڙ نسلن جو فائدو ان ۾ آهي ته هو سنڌي ٿين ۽ سنڌين سان سنڌين جي سياسي ۽ مالي وسيلن کي بهترين طريقي سان سنڌ جي مجموعي ترقي ۽ ڀلائي لاءِ استعمال ڪن.

تازي گهر شماري کانپوءِ ڪراچي جي صورتحال سڀني آڏو آهي، ۽ ڪراچي جو مضبوط اقتصادي ڦيٿو نهايت اهم آهي. سنڌ جي ٻهراڙين مان نڪرندڙ تيل ۽ ڪوئلو سنڌو درياءَ جو پاڻي به ايترو اهم وسيلو آهي جيترو ڪراچي جي روينيو. تنهن ڪري اهو تاثر ته رڳو ڪراچي ٿي ڪمائي اهو درست ناهي ۽ ڪراچي شهر کي سنڌ جي ٻين شهرن سان جوڙڻ جي شديد ضرورت آهي، ڊس ڪنيڪٽ ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. موجوده حڪومت کي اهو زبردست موقعو مليوهو ته ڪراچي شهر کي سنڌ جي حقيقي معنيٰ ۽ گادي وارو شهر بڻائي، سمنڊ جو پاڻي ڳوٺن ۽ ننڍن ننڍن شهرن کي هن شهر سان جوڙي. بدقسمتي سان هن حڪومت به اهائي روش اختيار ڪندي شهر کي ڌارين حوالي ڪري ڌڻين کي ننڌڻڪو ڪري ڇڏيو ۽ هاڻي پاڻي مٿي تان گذري چڪو آهي. بدقسمتي سان هن حڪومت ان وقت سنڌيت جو نعرو هنيو، جڏهن کين ايم ڪيو ايم يا اي اين پي ڳچي ۾ ٿي پئي، هڪ بهترين موقعو هو ته ڪراچي جي موجوده بيهڪ کي ڌرتي ڌڻين جي حق ۾ ڪجي ها، روزگار، ڪاروبار جا موقعا پيدا ڪري ماڻهن کي اڳيان آندو وڃي ها، پر ائين نه ٿيو.

آخر ۾ آءُ پنهنجي ان دوست جا چيل لفظ وري ورجايان ٿو ته ڪراچي شهر تي قبضي جا جيڪي ڊراما لساني دهشتگرد ۽ سندن حواري چينل ڦهلائي رهيا آهن اهي هڪ ڀرپور سياسي قوت سان شڪست کائي سگهن ٿا. ۽ ڪراچي ڀل ته دنيا جي وڏن ميٽروپوليٽن شهرن ۾ شمار ٿئي پر کيس پيئڻ لاءِ پاڻي جو هڪ ڦڙو به ناهي ۽ هو 650ڪلوميٽرن جي سنڌونديءَ جي باقي سنڌ ڪراس ڪري پوءِ پاڻي حاصل ڪري ٿو.

 

ذوالفقار هاليپوٽو

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو