Home / ڪرنٽ افيئر / !ڪراچي رتوڇاڻ، ڪمشنري نظام جي بحالي
above article banner

!ڪراچي رتوڇاڻ، ڪمشنري نظام جي بحالي

ڪراچي ۾ رتوڇاڻ ٿيڻ جون رپورٽون حساس ادارن ان وقت تيار ڪري اعلي اختيارين کي اماڻي ڇڏيون هيون جڏهن اڃان ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي واپس گهرو وزارت ۾ اچڻ ۾ ٻه هفتا پيا هيا، تڏهن ڳجهن ادارن گهرو کاتي کي هڪ رپورٽ موڪلي ته ڪراچي ۾ رتوڇاڻ ٿيڻ جو خطرو موجود آهي، پر مفاهمت جي نالي ۾ مجبور سرڪار ان باهه کي روڪڻ لاءِ ڪي به اپاءُ نه ورتا، توڙي جو ڊاڪٽر مرزا جي واپسي جو امڪان 6 جولاءِ تائين هو، ڇو ته ان جي موڪل 5 جولاءِ تي ختم ٿيڻ جي اميد هئي ۽ ان کي 6 جولاءِ تي چارج وٺڻي هئي.“

سائين، ڊاڪٽر صاحب، پهرين جولاءِ تي ايندو” گهرو کاتي جي هڪ اهم عملدار هڪ مهينو اڳ ان وقت ٻڌايو هو جڏهن ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا صدر آصف علي زرداري جي والد حاڪم علي زرداري جي لاڏاڻي جي ٽئين ڏينهن آمريڪا کان واپس ڪراچي پهتو هو، ان موجب ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي واپس گهرو کاتو ڏنو ويندو پر هو چارج سنڌ بجيٽ پيش ٿيڻ کانپوءِ وٺندو. خيرن سان سنڌ بجيٽ پيش ٿي ۽ موڪل تي ويل وزير کي پنهنجي قلمدان سنڀالڻ جو به انتظار هو ته ايم ڪيو ايم ڪشمير اليڪشن جو بهانو بڻائي ٺيڪ 28 جون تي ايم ڪيو ايم جا 13 وزير، هڪ صلاحڪار ۽ سندن گورنر استعيفائون ڏئي ڇڏيون. پوءِ ڪراچي ۾ رتوڇاڻ جي هڪ نئين لهر جي شروعات ٿي، جنهن ۾ ڪيئي جانيون زيان ٿيون.چون ٿا ته ڪٽي پهاڙي تان فائرنگ جو سلسلو شروع ٿيو، جنهن ڏينهن تي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي واپسي هئي ۽ جيڪو صدر مملڪت جي لنڊن کان ڏيهه واپسي جو انتظار ڪري رهيو هو، صدر زرداري لنڊن کان ڪراچي اچڻو هو پر ڪراچي ۾ گڙ ٻڙ جي شروعات ٿيڻ سبب هو سڌو اسلام آباد هليو ويو، جتي هن 7 جولاءِ تي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي طلب ڪري اهم گڏجاڻي ڪئي، ان کانپوءِ ڪراچي صورتحال تي وڏي وزير،آغا سراج، منظور وساڻ، رحمان ملڪ ۽ ٻين سان ايوان صدر ۾ اهم اجلاس به ڪيو، تيستائين ڪراچي ۾ مارجي ويلن جو انگ 70 کان ٽپي چڪو هو، ان ئي اجلاس ۾ صدر سنڌ جي وڏي وزير کي ٽن سالن کان ٽياس تي ٽنگيل ڪمشنري نظام فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جيڪو اک ڇنڀ ۾ لاڳو به ٿي ويو ۽ عوام کي مس مس وڃي ويساهه ٿيو ته واقعي سنڌ ۾ به ڪا حڪومت آهي، ۽ حڪمران جيڪڏهن چاهين ته هڪ پل ۾ مسئلا حل ڪري سگهن ٿا… نه چاهين ته سندن مرضي.

 

ٻڌايو پيو وڃي ته صدر زرداري جڏهن ڪراچي جي مسئلي تي اجلاس ڪري رهيو هو ته ان وقت مڪاني ادارن واري وزير آغا سراج دراني کيس بريفنگ ڏيندي ڪمشنري نظام جي بحالي تي زور ڏنو،پهرين ته صدر صاحب ان تجويز تي خاموش رهيو، پر جڏهن آغا سراج دراني کيس اندروني صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ صدر صاحب راضي ٿيو ۽ پوءِ حڪم صادر ڪيائين ته ڪمشنري نظام بحال ڪيو وڃي، جنهن جي بدلي ۾ ڊاڪٽر مرزا کي پنهنجي وزارت جي قرباني به ڏيڻي پئي، پر ان کان اڳ 29 جون تي هڪ اهم عملدار ٻڌايو ته جيڪڏهن ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا واپس نه به آيو ته ان کي ورڪس اينڊ سروسز جو قلمدان ڏنو ويندو ۽ گهرو کاتو وڏو وزير پاڻ وٽ رکي سگهي ٿو، مطلب جيئن ئي ڪراچي ۾ رتو ڇاڻ شروع ٿي ته ان جي لاءِ اڳواٽ ئي پي پي پي پاران پلان بي تيار هو، جنهن ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي هڪ پاسي ڪرڻو هو ۽ ڪمشنري نظام بحال ڪري ڪراچي کي 5 ضلعن ۾ ورهائڻ ۽ حيدرآباد کي اصلي شڪل ۾ آڻڻو هو.“ ڏسو اهو ته اسان جي بي بي صاحبه جي جوڙيل منشور ۾ هو ته اسان کي ڪراچي ۽ حيدرآباد کي اصل شڪل ۾ آڻڻو آهي، ان تي ڪم هلي پيو ۽ متحده کي اصل اعتراض اليڪٽرانڪ ووٽنگ سسٽم تي آهي، جنهن ۾ ڌانڌلين جي گنجائش نه هوندي”، پي پي پي جي هڪ اهم اڳواڻ ان وقت ٻڌايو هو جڏهن صدر مملڪت اڃا پرڏيهه مان واپس نه وريو هو، سندس چواڻي ته متحده ان ڪري ڪشمير اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو جو ان کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ سسٽم ۽ ڪراچي 25 ۽ حيدرآباد هڪ پولنگ اسٽيشن تي پي پي اميدوارن اعتراض واريو هو ته اهي اهڙن علائقن ۾ قائم ڪيون ويون آهن جتي متحده جو اثر آهي، جڏهن ته پولنگ اسٽيشنز جي جوڙجڪ بلڪل غلط هئي. ان ڳالهه تان مامرو خراب ٿيو ۽ متحده کي نواز شريف جو آسرو هو تنهن ڪري انهن حڪومت مان هٿ ڪڍندي دير به نه ڪئي. مٿان وري مرزا جي واپسي کي روڪرائڻ جو واحد وسيلو ڪراچي ۾ رتوڇاڻ ڪرائڻ هئي تنهن ڪري پاڪستان پيپلز پارٽي کي اهو پهريون دور ياد اچي ويو جڏهن ايم ڪيو ايم سيد قائم علي شاهه مان اوچتو هٿ ڪڍي وڃي نواز شريف سان هٿ ملايو هو، بلڪل ساڳي طرح هن ڀيري به ٿيو جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان کين ئي ٿيو آهي.

پ پ جي ذريعن “افيئر” کي ٻڌايو ته صدر آصف علي زرداري لنڊن ۾ پنهنجي دوري دوران متحده جي سربراهه سان رابطو ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي پر ساڻس رابطو نه ٿيو ۽ ان دوران ڪراچي ۾ طاقت جو مظاهرو ٿيندو رهيو، قصبا ڪالوني، بنارس، ڪٽي پهاڙي ۽ اورنگي ٽائون جي ٻين علائقن کي بيروت بڻايو ويو، اتي هڪ طرف پينٽ شرٽ پاتل ۽ قد بت ۾ بلڪل مقامي لڳندڙ نوجوان دهشتگرد انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري عام ماڻهن کي قتل ڪري رهيا هيا ته ٻئي طرف ميڊيا جي ذريعي مڪا چوڪ وارا همراه رڳو پنهنجي علائقن جي روئداد بيان ڪرائي رهيا هيا، جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو هو سڀ عوام کان پري نه هيو، جڏهن ڪجهه رپورٽرز مٿان فائرنگ ٿي تڏهن مون هڪ ناليواري اينڪر کي ٽيڪسٽ مسيج ڪيو ته جڏهن ميڊيا ڌر ٿي بيهندي ۽ هڪ پاسي جو ڪيس وڙهندي ته پوءِ ٻي متاثر ڌر ته پنهنجو حساب ته ضرور وٺندي، گهٽ ۾ گهٽ توهان ته قاتلن جو نالو کڻو جي نالو نه ٿا کڻي سگهو ته پوءِ جانبدار ته نه ٿيو، شابس آهي ان سينيئر صحافي ۽ اينڪر کي جنهن جواب ڏنو جيڪو آئون ان توهان لاءِ جئين جو تئين رکان ٿو…

“I understand that, I only raised this as a point to prove that bloodletting is going on but the government is totally silent, trust me I know who the killers are, and there is no disagreement over this.”

Date: 8- july-2011

Time: 12:55:05 am.

ڪٿي ڪٿي اهڙا صحافي به آهن جيڪي حقيقت کي تسليم ته ڪن ٿا، ٻئي ڏينهن تي ان ساڳئي اينڪر هڪ سنڌي قومپرست کي پنهنجي پروگرام ۾ شامل ڪيو. پر ٻئي طرف پگهاردار ۽ حسن نثار جهڙن ته ٽي وي چينلز تي اچي هڪ گروپ جي نه رڳو همت افزائي ڪئي پر سنڌين کي صلاح به ڏني ته توهان اردو ڳالهائيندڙن کي الڳ پاور ۾ رکو ۽ انهن کي الڳ علائقا ڏيو جتي هو پنهنجي حڪومت ڪري سگهن… بهرحال صدر صاحب جي ڪمشنري نظام جي بحالي جي حڪم کانپوءِ ڪراچي ۾ رتوڇاڻ جو هلندڙ سلسلو 100 انسانن جون جانيون ڳڙڪائڻ کان پوءِ ان وقت وڃي بند ٿيو جڏهن ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کان کاتو کسي منظور حسين وساڻ حوالي نه ٿيو ۽ رينجرز کي ڪٽي پهاڙي تي جستائين نه موڪليو ويو. جنهن سان رينجرز جو مٽي ۾ مليل مورال به ڪنهن حد تائين بلند ٿيو نه ته رينجرز سرفراز شاهه قتل ڪيس کانپوءِ بلڪل شرمساري جو شڪار هئي. تازو رينجرز جي ڪٽي پهاڙي تي مقرري واري مامري تي ته به ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار انڪشاف ڪيو ته ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مداخلت تي رينجرز ڪٽي پهاڙي تي موڪلي وئي پر منظور وساڻ “افيئر” طرفان پڇيل سوال تي فاروق ستار جي ان ڳالهه کي ڪنهن حد تائين رد ڪندي چيو ته ڊي جي آءِ ايس آءِ سان گڏ منهنجا حڪم به هيا… الله الله ڪري ڪٽي پهاڙي وارو مسئلو حل ٿيو ته وري 13 جولاءِ تي رات جو ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي جذباتي تقرير ڪجهه ڪلاڪن اندر ڪراچي ۾ باهه ڀڙڪائي ڇڏي،15 کان وڌيڪ انسانن کي قتل ڪيو ويو، اڻ ڳڻين گاڏين کي باهه ڏئي ساڙيو ويو سڄي شهر کي جام ڪيو ويو پر جنهن طريقي سان اهو احتجاج ختم ٿي ويو ان به ڪيئي سوال ڇڏيا ۽ هڪ ڀيرو وري ڀائي لوگن کي وائکو ڪيو، هن ڀڙڪيل باهه ۾ وڏي حد تائين هٿ ان نام نهاد قومي ميڊيا جو هو جنهن ۾ اهم عهدن تي ويٺلن مان اڪثريت جو ڳانڍاپو ڀائي لوگن سان گهڻو هجي ٿو، جيڪي پگهار کڻي ڪٿان به کڻن، پر انهن جو ساهه اتي ئي ٽنگيل هجي ٿو جتي هو پاڻ کي جوابده سمجهن ٿا، سندن ڀرتيون به اتان جي سفارش تي ٿيل هجن ٿيون تنهن ڪري هو انهن جو حق ادا ڪندا رهن ٿا.

جيڪڏهن ڏسجي ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا خميس رات عوامي نيشنل پارٽي سنڌ جي صدر شاهي سيد جي منع ڪرڻ باوجود جنهن طريقي سان ڊائيس تي اچي ڳالهايو ان وقت هن ڇا چيو هو؟ هن اهو ئي چيو ته سنڌ ان وقت به ائين ئي(جاگرافيائي لحاظ) هئي جڏهن مهاجر هتي (تن اگهاڙا ۽ بکايل حالت ۾ آيا هيا. ان ۾ نه ڪو اختلاف آهي نه ڪا خراب ڳالهه، ڇو ته مهاجر جڏهن هجرت ڪري هتي آيا هيا ته انهن کي ان ڳالهه جو يقين نه ڏياريوويو هو ته ڪو کين ڌار صوبو ملندو، جي هو هتي آيا ته انهن کي سنڌين جيءِ ۾ جايون ڏنيون پنهنجا گهر ڏنا زمينون ڏنيون، هاڻي اهي جيڪڏهن پنهنجي پيرن تي بيهي ويا آهن ته پنهنجي ميزبانن سان سينو ساهي سگهن ٿا؟ اها ڪٿان جي اخلاقيات آهي؟ ڪٿان جو قانون آهي ته مهاجر هڪ قوم هجڻ جي دعويٰ ڪن. اهي اسان جا ڀائر ٿي سگهن ٿا پر ان جو مطلب اهو ناهي ته سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جا مطالبا ڪياوڃن، ڪراچي جي ديوارن کي“ مهاجرون ڪو مت مارو همين ڀي صوبا دو”، جي رات پيٽ ۾ وال چاڪنگ ڪئي وئي، ان وال چاڪنگ ڪرڻ وارن خلاف حڪومت اڃان تائين ڪو ايڪشن ناهي کنيو، ڇو ته کين خبر آهي ته رات پيٽ ۾ ڪراچي کي رت ۾ لال ڪرڻ ۽ ديواريون ڪاريون ڪرڻ وارا ماهر ڪير آهن؟ جنهن ڏينهن ڪراچي ۾ غزا جهڙو منظر هيو ان وقت اوچتو مهاجر رابطا ڪائونسل جو نالو ٻڌڻ ۾ آيو جيڪو اصل متحده جي ذيلي ونگ آهي جنهن کي سدائين پنهنجي حق ۾ ائين ئي استعمال ڪيو ويندو آهي جيئن سنڌ جي ڪجهه ويڪائو اديبن ۽ قومپرستن کي هي وقت به وقت ڪيش ڪرائيندا رهندا آهن. ان ئي مهاجر رابطه ڪائونسل سنڌ جي سنيئر وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ اي اين پي سنڌ جي صدر شاهي سيد کي 48 ڪلاڪن اندر ڪراچي ڇڏي وڃڻ جو حڪم صادر فرمايو جنهن کي ٻنهي اڳواڻن تسليم نه ڪيو ايتري قدر جو ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا اردو ڳالهائيندڙن کان ته معافي ورتي پر ايم ڪيو ايم جي قيادت کان معذرت نه ڪئي.

ان کانپوءِ ڪراچي ۾ هڪ ٽي وي چينل جي ذريعي گهٽي گهٽي ۾ عوام جي راءِ تي ٻڌل پروگرام نشر ڪرايا ويا جنهن ۾ ماڻهن سنڌ خلاف جيڪا ٻولي ڳالهائي اها ڪنهن به صورت ۾ قابل برداشت نه هئي،اسان جي هڪ اردو ڳالهائيندڙ دوست ته هڪ احتجاج ۾ ان ڪري شرڪت نه ڪئي جو اهو ڀائي لوگن جو تيار ڪرايل ڊرامو هو، جنهن لاءِ سندس چوڻ هو ته اسان سنڌ ۽ سنڌين جي ڌرتي تي رهون ٿا ان خلاف ڪا به ڳاله برداشت نه ڪنداسين،ٻئي طرف ڊاڪٽر مرزا جنهن طريقي سان آفاق احمد کي مهاجرن جو اصل ليڊر سڏيو ان سان اختلاف ٿي سگهي ٿو، پر جيڪڏهن ڪير سوچي ٿو ته ڪراچي ۾ باهه صرف مهاجرن جي ننگي ۽ بکئي هجڻ تان ٻري ته اها بلڪل غلط آهي، ڇو ته متحده ان جملي کي پنهنجي حق ۾ ضرور استعمال ڪرايو پر اصل ڳالهه آفاق احمد کي الطاف حسين سان ڀيٽ ڏيارڻ تان بگڙي، جيڪو گذريل وڏي عرصي کان جيل ۾ آهي، جڏهن چينلز تي سڄي سنڌ بند هجڻ جون خبرون اچڻ لڳيون ته ڪراچي ۾ ويٺل عام ماڻهن جي ذهنن ۾ اهو تاثر اڀريو ته هاڻ ايم ڪيو ايم ته سڄي سنڌ تي ڪنٽرول ڪري وئي آهي، ان تاثر پيدا ڪرڻ ۾ اسان جا ئي اهي دوست ذميوار آهن جن جي ڪلهن تي سوار ٿي، اهي ڪشمور تائين پهتا ۽ پوءِ انهن کي ائين الوداع ڪيو جئين هو سدائين ڪندا رهندا آهن.

آخري ڳالهه: ذريعن جي دعويٰ آهي ته اڃا مامرا درست ناهن ٿيا، ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ رتوڇاڻ ٿيندي، موجوده حڪومت پاران وڏي ڪوشش ڪئي وئي ته ڊاڪٽر عشرت العباد کي ڪنهن به طريقي سان ايم ڪيو ايم کان ٽوڙائي به گورنر سنڌ بڻايو وڃي، ان لاءِ کيس هر قسم جي گارنٽِي به ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هن قبول ڪندي ڪندي نه ڪيون، ڇو ته کيس پارٽي جي اندر جي مسئلن جي چڱي ريت خبر آهي،۽ ڊاڪٽر عشرت العباد جيڪڏهن واپس آيو ته ان جو مطلب ايم ڪيو ايم اپوزيشن ۾ ويٺل حڪومتي اتحادي هوندي، جن کي اهي سڀ سهولتون هونديون جيڪي کين اڳي حاصل هيون

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو